اهو هڪ حسين اتفاق آهي جو برصغير جا ٻه وڏا ليڊر قائداعظم محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌي (موهن داس گانڌي) ٻئي گجرات جا هيا ۽ ٻنھي پنهنجي وڪالت ۽ سياست جو مرڪز بمبئي کي بڻايو.
جناح جو والد پونجا ڀائي ڪاٺياواڙ مان اچي سنڌ جي دارالخلافه ڪراچي ۾ آباد ٿيو (هن خاندان جي پهرئين آمد جهرڪ ٻڌائي پئي وڃي جتان پوءِ ڪراچي منتقل ٿيا) جناح پنهنجي شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام ۽ ڪرسچن مشنري ها اسڪول مان ڪئي وڌيڪ تعليم لاءِ والد هن کي انگلينڊ روانو ڪيو. انگلينڊ وڃڻ کان اڳ 1892 ۾ جناح پنهنجي والده “مٺي ٻائي” جي اصرار تي سورنهن سالن ۾ پنهنجي چوڏھن سالا سوٽ “ايمي ٻائي” سان شادي ڪئي. 1892 ۾ جناح پنهنجي تعليم پوري ڪري واپس آيو ۽ بمبئي ۾ پنهنجي وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائين جناح جو هتي هندستان جي مشهور لبرل سياسي ليڊرن سان به واسطو ٿيڻ شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس جو مشهور پارسي ليڊر دادا ڀائي نورو جي، فيرز شاهه مهتا، ۽ مشهور ماڊريٽ ڪانگريسي ليڊر گوپال ڪرشنا “گوکلي” شامل هيا، جناح هنن مشهور لبرل هندستاني ليڊرن جي زير اثر سياسي تربيت حاصل ڪئي. 1915 ۾ جڏهن گانڌي سائوٿ آفريڪا مان هندستان واپس آيو هيو ته جناح گانڌي جي هندستان واپسي تي احمد آباد ۾ شاندار آجياڻي تقريب منعقد ڪئي هئي. گانڌي 1892 کان وٺي 1915 تائين سائوٿ آفريڪا حڪومت جي نسل پرستانه پاليسين خلاف زبردست تحريڪ هلائي هئي، جنهنڪري گانڌي لاءِ هندستان ۾ عقيدت ۽ مقبوليت هئي
هندستان جي سياسي تاريخ ۾ ويهين صديءَ کي اهم سياسي واقعن ۽ جاگرافيائي تبديلين جي صديءَ قرار ڏنو وڃي ٿو هن ئي صديءَ ۾ هندستاني عوام ۽ سياسي جماعتون منظم ٿيندي ۽ انگريز سامراج خلاف جدوجهد هلائيندي نظر اچن ٿيون، انگريز سرڪار عوام جي جدوجهد ۽ سياسي جماعتن جي قيادت ۾ منظم ٿيڻ واري عمل کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيئي سازشون به ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ان وقت انگريز حڪومت اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي فرقيواريت جي سياست ۽ هندو مسلم تضاد کي اڀارڻ جو باعث بنيا. 1905 ۾ بنگال جي تقسيم وائسرا هند لارڊ ڪرزن بغير ڪنهن جواز ۽ مطالبي جي هندو مسلم بنياد تي ڪئي ۽ “لکنو پيڪٽ” جيڪو “منٽو مارلي ريفارمس” تحت گانڌي ۽ جناح جي گڏيل ڪوششن سان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ ٿيو جنھن تحت هندو هندو کي ووٽ ڪندو مسلمان مسلمان کي ووٽ ڪندو، هن معاهدي کي هندستان جي تاريخ ۾ ريڊ ڪلف جي ڏنل جاگرافيائي لڪير (جيڪا 1947 جي پارٽييشن وقت ريڊ ڪلف هندستان ۽ پاڪستان جي هندو مسلم علائقن جي ورهاست ڪندي ڪڍي هئي) کي شروعاتي بنياد ميسر ڪري ڏنو. هي پيڪٽ ته ٿي پر هن جي هندستان ۽ ڪانگريس جي حلقن ۾ مخالفت موجود هئي. ڪانگريس جو بنياد هڪ انگريز عملدار “هيوم” جي ڪوششن سان 1888 ۾ رکيو ويو هيو، جنهنجو بنيادي مقصد هندستان جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي اهڙو فورم مھيا ڪري ڏيڻ هيو جتي هو آزادي سان پنهنجن خيالن جو اظھار ڪري سگھن. مسلم ليگ جو بنياد 1906 ۾ نواب سليم جي صدارت هيٺ ڊاڪا ۾ پيو، هن اجلاس ۾ نواب وقار الملڪ، پرنس آغا خان، ۽ محمد علي جوهر شريڪ ٿيا هيا، ان وقت جناح جو سياسي حلقه احباب گوکلي ۽ دادا ڀائي نورو جي جھڙا سيڪيولر ڪانگريسي ليڊر هيا ۽ جناح مسلم ليگ کي فرقيوارانا ۽ جاگيردارن جي نمائنده جماعت سمجهندو هيو. 1911 ۾ بنگال جي تقسيم جو فيصلو واپس ورتو ويو، ان وقت مسلم ۾ هڪ اهڙو مضبوط ڌڙو هيو جيڪو جناح جي سياسي فيصلن جي حمايت ڪري رهيو هيو ۽ جناح انھن جي اصرار تي 1913 ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، پر ڪانگريس ۾ هن جي موجودگي برقرار هئي، ان ڪري هن کي “هندو مسلم اتحاد جو سفير” به سڏيو ويندو هيو. پهرين عالمي جنگ جتي دنيا کي ڪيئي نوان گس ڏنا اتي هندستان جي سياست تي ان جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. برطانيا ۽ اتحادي ترڪي جي خلافت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا هيا، هندستان جا مسلمان مولانا ابوالڪلام آزاد جي قيادت ۾ خلافت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائي رهيا هئا گانڌي ۽ ڪانگريس جي هن تحريڪ کي حمايت هئي، جڏهن ته جناح خلافت تحريڪ جو مخالف هيو. 1920 ۾ گانڌي خلافت تحريڪ جي حمايت ۾ “عدم تعاون” جي پلان جي منصوبه بندي لاءِ ڪانگريس جو اجلاس گهرايو، جنھن ۾ جناح به شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ جناح ڪانگريس کان باقاعدي علحدگي جو اعلان ڪيو. جناح جو خلافت تحريڪ جي مخالفت ۾ اهو موقف هيو ته ترڪي جمهوري نظام طرف وڃي رهيو آهي جنھن کي واپس نه ٿو موڙي سگهجي.
خلافت تحريڪ جي مخالفت جا سبب ڏيندي هڪ هي به نقطهء نظر آهي ته ان وقت ڪجهه مذهبي جماعتون به انگريز خلاف سرگرم عمل هيون، جيئن ديوبند، جمعيّت العلما هند (ريشمي رومال تحريڪ به ان وقت هلندڙ هئي) ۽ ڪجهه عالمن انگريز سرڪار خلاف هنن جماعتن جي هلندڙ جدوجھد کي تقويت ڏيڻ لاءِ فتوائون به ڏنيون هيون جيئن ديو بند اسڪول آف ٿاٽ فتوا ڏني هئي ته هندستان “دارالحرب” آهي مسلمانن تي فرض آهي ته انگريزن کي ملڪ کان ڪڍڻ لاءِ جنگ ڪن، مولانا رشيد گنگوي جي فتوا هئي ته دنياوي امور ۾ قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شريعت ۾ اھا اجازت آهي ته مسلمان هندن سان تعاون ڪري سگهن ٿا هن سڄي عمل کان انگريز حڪومت بخوبي واقف به هئي ته انهي عمل تي ان جي نظر به هئي ۽ خلافت تحريڪ هن سلسلي جو پليٽ فارم بڻجي رهي هئي.
1924 ۾ جناح بمبئي منجھان مسلمانن لاءِ رزروڊ سيٽ تان ميمبر چونڊجي آيو مسلم رزروڊ سيٽ تان جناح جو چونڊجڻ مسلم بيسڊ سياست ڪرڻ جو واضح تعين هيو. انگريز سرڪار هندستان تي پنهنجي حاڪميت ۽ گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سازشون ڪندي رهندي هئي، ان وقت انگريز سرڪار جو سجو فرقيوارانا سياست کي فروغ ڏيئي، هندو مسلم تضاد اڀارڻ ايستائين جو هندو هريجن تضاد اڀاري هندن هريجن کي ويڙهائن جي به سازش ڪئي وئي، هندستان جي ان وقت آباديءَ 40 ڪروڙ هئي، جنھن ۾ ڏھه ڪروڙ مسلمان هيا ۽ چار ڪروڙ هريجن، انگريز سرڪار هريجنن کي ڀڙڪائڻ لاءِ هريجن اڳواڻ “امبيد ڪر” کي ميدان تي لاٿو جنھن هريجنن جي بستين ۾ وڃي هندن جي نسلي برتري ۽ هريجنن سان نفرت جي بنياد تي هندن طرفان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلم جو احساس ڏيارڻ ۽ انهي ظلم خلاف وڙهڻ تي اڪسايو، پر گانڌي هن وڌندڙ نفرت ۽ امڪاني خونريزي کي هن طرح سان ناڪام بنايو جو گانڌي پنهنجي اهنسا جي تحريڪ جو مرڪز ئي هريجنن جي بستين کي ڪيو ۽ هريجنن جي بستين ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو. 1924 ۾ مولانا حسرت موهاني هندن ۽ مسلمان جي علحده رياستن جي قيام جو مطالبو ڪيو ۽ ساڳي طرح مشهور هندو ليڊر لالا لجپت رائي هندستان هندو مسلم بنياد تي ٻن رياستن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو هي ئي پھريون شخص هيو جنھن سنڌ، اولھه پنجاب، اوڀر بنگال، صوبا مسلم رياست لاءِ نشاندهي ڪري ڏنا.
1928 ۾ ڪانگريسي ليڊر موتي لعل نھرو (هي جواهر لعل نھرو جو پي هيو) جي ڏنل تجويزن تي سائمن ڪميشن مسلمانن جي ووٽ جي علحدگي واري حق کي مسترد ڪري ڇڏيو (هن ڪميشن هڪ سٺو فيصلو اهو ڪيو جو سنڌ کي بمبئي کان آزادي واري مطالبي منظور ڪري ورتو ۽ 1935 جي ايڪٽ تحت سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو ويو). جناح ڪميشن آڏو هندستان جي سياسي سيٽ اپ لاءِ پنهنجا مشھور “چوڏهن نقطا” رکيا، جنھن ۾ مسلمانن لاءِ علحده ووٽ جو حق ۽ سڀني وزارتن ۾ ون ٿرڊ جي حساب سان مسلمانن کي وزارتون ڏيڻ جا مطالبا نمايان هيا، جيڪي ڪميشن مسترد ڪري ڇڏيا. 1930 ۾ جناح هندستان کي خاموشي سان ڇڏي ويو ۽ 1933 جي وڏي عرصي کانپوءِ واپس آيو جناح ايترو طويل عرصو انگلينڊ ۾ رهيو ان جا ظاهري سبب هي نظر اچن ٿا
1918 ۾ 42 سال جي جناح 18 سالن جي “رتن ٻائي” سان پيار جي شادي ڪئي رتن ٻائي جناح جي دولتمند پارسي دوست ڊنشا جي ڌيءَ هئي رتن ٻائي 1929 ۾ 29 سالن جي عمر ۾ اوچتو گذاري وئي رتن ٻائي جي المناڪ وفات جناح کي شديد غم ۽ مايوسي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ جناح هندستان کي ڇڏي انگلينڊ وڃي نڪتو، جناح جي انگلينڊ وڃڻ جو هڪ ٻيو به سبب نظر اچي ٿو جو ان وقت نئين مقرر ٿيل وائسرا هند سان هن ڳالهھ تي تلخي پيدا ٿي هئي جو ڪنهن نجي پارٽي ۾ وائسرا هند جي زال جناح جي زال جي ڪپڙن تي طنز ڪئي هئي ۽ جناح غصي ۾ پارٽي مان نڪتو هليو ويو هيو، جيڪا وائسرا کي ناگوار لڳي هئي، جڏهن هن جي وائسرا طور مقرري ٿي جناح کي سياسي عمل ۽ فيصلن ڪرڻ ۾ هن طرفان ڏکيائيون پيش اچڻ جو امڪان هيون تنهنڪري جناح هندستان ڇڏي هليو ويو.
1937 ۾ هندستان ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلم ليگ جناح جي قيادت ۾ حصو ورتو هنن چونڊن ۾ ڪانگريس کي اٺ صوبن ۾ مڪمل برتري حاصل ٿي هندستان جي تاريخ ۾ ڪنھن سياسي پارٽي ڪانگريس کي پھريون دفعو حڪومت ملي رهي هئي، هندستان جي اڪثريتي پارٽي هئڻ ناتي ڪانگريس کي فراخدلي جو مظاهرو ڪندي مسلمانن جي چونڊيل نمائندن يا مسلم ليگ کي شراڪت اقتدار جي دعوت ڏيڻ گهرجي ها پر جواهر لعل نهرو اعلان ڪيو ته هتي صرف ٻه قوتون آهن هڪ انگريز ٻي ڪانگريس، جناح جواب ۾ چيو ته هندستان ۾ هڪ ٽين طاقت به آهي اهي آهن مسلمان، ڪانگريس جي طرز حڪومت تي خود مولانا ابوالڪلام آزاد کي وڏا تحفظات هيا، جن جو هن پنهنجي ڪتاب” انڊيا ونز فريڊم” ۾ برملا اظهار به ڪيو آهي. 1937 کان 1946 تائين جناح مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف محاذن تي جستجو ڪندو نظر اچي ٿو ۽ ڪانگريس جي مسلمانن جي وڏي آبادي کي نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي تي خوب تنقيد ۽ ڊپلوميٽڪ ڪوششون ڪندو نظر اچي ٿو. ٻي عالمي جنگ دوران ڪانگريس جي رضامندي بغير وائسرا هند هندستان کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي ڪانگريس احتجاجن وزارتن تان استعيفا جو اعلان ڪيو، جنھن تي جناح استعيفا واري ڏينھن کي “نجات جو ڏينهن” ڪري ملهايو. 1940 ۾ لاهور جي تاريخي جلسي ۾ جناح قرارداد پيش ڪئي، جنھن ۾ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ويو هو، جناح جي هنن ڪاوشن ۽ مسلم ليگ کي مسلمانن ۾ منظم ۽ مقبول جماعت جي مڃتا طور جناح کي مسلم ليگ جي حلقن ۾” قائد اعظم” طور سڏيو وڃڻ لڳو، اها به هڪ حيرتناڪ حقيقت آهي ته گانڌي جيڪي به جناح کي خط لکندو هيو يا خط وڪتابت ۾ جٿي جناح جو ذڪر ايندو هيو، اتي قائد اعظم ڪري لکندو هيو ۽ تقريرن ۾ به جناح کي قائداعظم ڪري پڪاريندو هو، بقول ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب جي ته هندستان جي ميڊيا به گانڌي جي چوڻ کانپوءِ ئي جناح کي قائد اعظم لکڻ شروع ڪيو ۽ ائين جناح قائداعظم جي لقب سان مشھور ٿيو.
1946 جي عام چونڊن ۾ قائد اعظم جي جدوجهد جو نتيجو هن صورت ۾ ظاهر ٿيو جو مسلم ليگ پنجاب؛ بنگال ۽ سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي آئي رڳو سرحد ۾ خان برادران کٽيو، مسلم ليگ 86 فيصد مرڪزي اسيمبليءَ ۽ 79 فيصد صوبائي اسيمبلي مان ووٽ کنيا (مسلم علائقن مان کنيل ووٽن جو تناسب) ۽ هندستان ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي گڏيل حڪومت قائم ٿي
1946 ۾ “ڪيبنيٽ مشن پلان” کي قائداعظم قبول ڪندي پاڪستان جي مطالبي تان هٿ کنيو، پر ڪانگريس ڪيبنيٽ مشن جي پلان تي عملدرآمد کان نابري واري ۽ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ٺاهڻ جو عزم ورجايو. آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجھد بدولت وجود ۾ آيو، ان وقت هندستان جو وائسرا ۽ گورنر جنرل” لارڊ مائونٽ بيٽن” هيو مائونٽ بيٽن جي خواهش هئي ته هو هندستان جو گڏيل گورنر جنرل ٿئي، پر قائد اعظم مائونٽ بيٽن جي خواهش کي رد ڪري پاڻ پاڪستان جو گورنر جنرل ٿيو جڏهن ته نهرو لارڊ مائونٽ بيٽن کي هندستان جو گورنر جنرل بڻائڻ تي راضي ٿي ويو.
قائداعظم جي طبيعت مسلسل ڪم سبب ڪافي خراب ٿي چڪي هئي، پر انهي حالت ۾ به 1948 ۾ بنگال جو دورو ڪيو، جتي بنگال جي ڊاڪا يونيورسٽي ۾ وڏي اجتماع کي خطاب ڪيو، ان وقت شيخ مجيب الرحمان ڊاڪا يونيورسٽي جو اسٽوڊنٽ ليڊر هيو، جيڪو پنھنجي ڪتاب اڻوسرندڙ يادگيريون ۾ لکي ٿو” بنگلا کي قومي ٻولي بڻائڻ جي سلسلي ۾ وفد جي صورت ۾ قائداعظم محمد علي جناح آڏو مطالبو رکيوسين ته بنگلا کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي، اردو ڀلي رابطي جي ٻولي رهي، پر قائد اعظم ڪوبه جواب نه ڏنو” ۽ لياقت علي خان جي منشا تحت اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو (جنھن تي 1952 بنگال ۾ مظاهرا به ٿيا ۽ ڇھه بنگالين جان جو نذرانو به ڏنو هيو)
يارهين سيپٽمبر 1948 تي قائداعظم محمد علي جناح وفات ڪري ويو. قائداعظم محمد علي جناح مسلم نيشن جي بنياد تي سياست ڪئي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته قائد اعظم پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر سوچ جو مالڪ هيو.