ليفٽ اپوزيشن (ٽراٽسڪي اينڊ ڪمپني) ۽ نئين اپوزيشن (زينوويف ۽ ڪامنيف ۽ ڪمپني) سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير کي رد ٿي ڪيو، سندن خيال هو ته، ٽيڪنالاجيڪل پسماندگي ۽ اولهه يورپ جي اسريل سرمائيدار ملڪن ۾ پورهيت انقلاب جي عدم موجودگيءَ سبب سوشلزم تعمير نٿو ٿي سگهي. مطلب ته هنن کي روس جي انهن پورهيتن، هارين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انقلابي تنظيم تي ڪو ويساهه نه هو، جيڪي آڪٽوبر انقلاب جي سوڀ کان گهرو ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تائين ڪيترائي تاريخي فريضا سرانجام ڏئي آيا هئا. سندن اها ئي روش هئي، جن کين سوويت رياست خلاف رد-انقلابي سرگرمين تي آڀاريو. (ان خلاف اسٽالن جي نظرياتي جدوجهد جو مختصر بيان اڳتي ايندو.) بهرحال اسٽالن ۽ ٻي ثابت قدم سوويت قيادت ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ۽ سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير جو مرحلو ڪاميابين سان همڪنار ٿيو، ٻي عالمي جنگ ۾، ان ئي سوشلسٽ سوويت يونين ان نازي جرمنيءَ کي شڪسٽ به ڏني، جنهن بابت ٽراٽسڪي صاحب اڳڪٿي ڪئي ته، اها نازي جرمنيءَ اڳيان نه بيهي سگهندي ۽ شڪست کائي ويندي ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، سوشلسٽ سوويت يونين عالمي قوت طور اڀري، ايشيا کان آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا تائين محڪوم قومن جي آزادي پسند تحريڪن ۽ اوڀر يورپ کان چين تائين عوامي جمهوري انقلابن جي سهائتا ڪئي.
حقيقت اها آهي ته، روس ۾ جيڪڏهن پورهيتن جي سياسي انقلاب جو باني لينن هو، (ظاهر آهي ته ان ۾ پڻ اسٽالن جو وڏو ڪردار هو) ته، پورهيتن جي سماجي انقلاب جو باني ڪامريڊ اسٽالن هو. اهو ئي سبب آهي جو اسٽالن اڄ به استحصالي ۽ ظالم قوتن جي ڪروڌ ۽ نفرت جو مرڪز آهي، جيتري گندي ۽ نفرت انگيز ڪوڙي پروپئگنڊا هن خلاف ٿي آهي، ايتري شايد ئي ڪنهن خلاف ٿي هجي، ڪي ته اسٽالن کان وڌيڪ هٽلر کي “انسان دوست” ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ۾ گوئبلز کي به پوئتي ڇڏي ٿا وڃن. سندن اسٽالن جهڙي ديو قامت شخصيت کي ڏسڻ جو انداز مارڪسي نه پر داخلي خياليت پسندي تي ٻڌل آهي. هو اهو وساري ٿا ويهن ته هر تاريخي دور ڪيترن ئي تضادن جو جدلي مظهر هوندو آهي ۽ ان تاريخي دور جو اثر قبول ڪندڙ ۽ ان تي اثر ڇڏيندڙ شخصيتن کي پڻ ان دور جي تضادن ۽ جهيڙن جي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري جيڪي اسٽالن جي شخصيت، پاليسين ۽ سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير جي عمل کي تضادن کان پاڪ ۽ حالتن کان ڪٽي تجريدي انداز ۾ ڏسن ٿا، اهي غير مارڪسي، غير جدلي ۽ غير تاريخي اپروچ اختيار ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جا اخذ ڪيل نتيجا ۽ تجزيا به غير سائنسي ۽ غير تاريخي بڻجي وڃن ٿا. ان جو زبردست مثال اسٽالن سان ذاتي بغض رکندڙ ليئان ٽراٽسڪي هو. جنهن سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير جي مرحلي ۽ سوشلسٽ تاريخي عبور کي تاريخي ماديت جي سائنس جي نقطه نگاهه کان سمجهڻ بدران اسٽالن دشمنيءَ جي تناظر ۾ سمجهيو. لينن جي لاڏاڻي کان پوءِ ٽراٽسڪيءَ جو سمورو رد انقلابي پيٽي بورجوا فڪر دراصل اسٽالن مخالف پروپئگنڊا تي بيٺل آهي ۽ هن “اسٽالنسٽ عملدار شاهي” ۽ “رد انقلابي سوويت عملدار شاهي” جهڙن گمراهه ڪندڙ اصطلاحن کي جنم ڏئي، روس جي پورهيت طبقي جي اسٽالن ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت ۾ سوشلسٽ تعمير جي عمل کي سبوتاز ڪرڻ چاهيو. سندس اهو عمل ڪو خودرو، اٻهرو ۽ غير شعوري نه، پر اسٽالن جي ڪانٽريبيوشن ۽ سوويت يونين ۾ سوشلزم جي اڏاوت جي سمورن تاريخي امڪانن جي نفي ڪري، پنهنجي پيٽي بورجوا رد انقلابي نظريي کي شعوري طور مڙهڻ هو ۽ ٽراٽسڪيءَ جي جدوجهد جي سموري تاريخ روس اندر رد انقلابي سرگرمين سان ڀري پئي آهي. پر اسٽالن هڪ سچي مارڪسي-لينني جي حيثيت ۾ نه رڳو مارڪسي تحريڪ اندر موجود ٽراٽسڪيءَ ازم جهڙن انقلاب دشمن، موقعي پرست ۽ ترميم پسند پيٽي بورجوا رجحانن کي شڪست ڏني، پر هن سوويت يونين ۾ سوشلسٽ سماج به اڏيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين تاريخي سوشلسٽ عبور جي عمل کي ڪيترين ئي مشڪلاتن باوجود جاري رکيو. سندس اهو ڪانٽريبيوشن ئي کيس تاريخ ۾ هڪ عظيم مقام بخشي ٿو.
تاريخ ۾ اسٽالن جو مقام وسارڻ جوڳو ناهي. اسٽالن ٽن ڏهاڪن تائين هڪ طرف سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ پورهيت-هاري طبقي جي رهنمائي ڪئي ۽ ٻئي طرف عالمي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ نمايان، فيصلائتو ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. اهو اهوئي دور هو، جنهن ۾ سوشلزم هڪ سماجي نظام جي حيثيت ۾ عالمي سطح تي سرمائيداريءَ جي متبادل طور اڀري رهيو هو. مارڪس، اينگلس لينن سوشلزم ڏانهن ويندڙ رستي جو تعين ڪيو، جنهن تي هلي هن عظيم مقصد جي حاصلات ممڪن بڻجڻي هئي، پر اهو اسٽالن ئي هو، جنهن پنهنجي استادن جي ڏسيل ان واٽ تي ثابت قدميءَ سان هلي سوشلسٽ سماج جي تعمير ڪئي ۽ ان کي هر قسم جي رد انقلابي حملن کان بچايو ۽ سوويت يونين کي پنهنجي عظيم استاد لينن جي لاڏاڻي کان پوءِ سوويت پورهيتن ۽ هارين کي زراعت جي ڪليڪٽوائيزيشن ۽ سوشلسٽ صنعت جي راهه تي گامزن ڪيو ۽ ان انقلابي سياسي ۽ سماجي عبور ۽ ڪايا پلٽ جا بنياد وڌا، جنهن جو سوشلسٽ سماج متقاضي هو ۽ آهي.
(هلندڙ)