اهو 1992 وارو سال هو جڏھن پاڻ پهريون ڀيرو پنهنجي اتهاس جي “ڪاپڙي اُهڃاڻ” ڪارونجهر جي درشن لاءِ ويا هئاسين. اهي ڏينهن به سنڌ وطن جي هِن شاهڪار ورثي مٿان سرمائيداري واڳوئن جي ويري والار جا ڏُکيا ڏينهن هئا، جنهن خلاف پنهنجي سنگ جي سامين فقير مقيم ڪُنڀار ۽ سُهڻي سائين الهه رکيي کوسي جهيڙيو پئي. اڄ پنهنجي سنگ مان فقير مقيم سائين ته پرلوڪ پڌاري چڪو آهي پر سائين الهرکيو کوسو اوئين ئي ڪارونجهر جي دفاع وارا دنگ ليڪيو پِڙ ۾ بيٺو آهي، جيئن 1992 ۾ بيٺل هو ۽ سندس اهڙي ازم کي پاڻ نمي پرنام ڪريون ٿا، جو اهڙا ڪاپڙي ڪردار ئي اصل ۾ مرشد لطيف جي انهيءَ کاهوڙڪي کير مان آهن، جن جي صورت پَسي اهو ويساهه پُختو ٿئي ٿو ته: “هائو!! جيسيتائين اهڙا آديسي موجود آهن، تيستائين سنڌ جي سينڌ ميري نٿي ٿي سگهي.”
تنهن ڏينهن به سائين الهرکيو کوسو اسان کي ٻُڌائي رهيو هو ته:
“اوڀر ۾ بوڙائي جبل کان وٺي اتر ۾ کارسر ۽ ڪاري ڏونگري، اولهھ ۾ ڀڪي جي ننڍين ٽڪرين کان ٿيندي ڏکڻ ۾ ڪاسبو تائين موجود هي قدرت جو شاهڪار سنڌ وطن کي فطرت وٽان ڀاڱي ۾ آيل اهو انعام آهي، جنهن جي جيڪڏھن مالڪي هجي ته نه فقط پاڪستان پر سموري دنيا ۾ فطرت سان پيار ڪندڙ سياحن جي ڌيان جو محور ۽ مرڪز بڻجي سگهي ٿو پر الميو اهو آهي ته قدرت جي هن حسين شاهڪار کي نيلام ڪيو پيو وڃي”
ڪارونجهر بابت اها ڳالھه ڪري ٿو هن پَٽَ جو سٻاجهو فرزند اهو الهرکيو کوسو، جنهن جي اکين سان جڏهن ڪارونجهر کي پسجي ٿو تڏهن ئي وڃي پارڪر جي سدا حيات ڪوي چنديرام ڀاٽ جي اها ڪلا سمجهھ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ هو چئي ٿو:
ڪارونجهر ني ڪور، مريئي توئي ميلئي نهين
ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاڳي ڏيپتو
ڀاٽ جي انهي اظهار کي پڙهيو ۽ اچاريو ته گهڻوئي ويو آهي پر ان پهاڙ جو مور سڀڪو نٿو ٿي سگهي ۽ منهنجي نظر ۾ اسان جو سهڻو سنگي الهرکيو کوسو ڪارونجهر جو اهو مور آهي جيڪو گذريل ٽيهن سالن کان پنهنجي هن قومي ورثي لاءِ آواز اٿاريندو پيو اچي ۽ هن وقت به هو دانهي ٿو ته سندس پُرکن جي هن ورثي کي مقامي/ڌاري سرمائيدار مافيا جي ويري وار کان بچايو وڃي. اها سرمائيدار مافيا جيڪا ڪارونجهر کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي پويان آهي.
بهرحال هي پنڌ جيئن ته اڃان آڳاهون آهي، تنهن ڪري لازمي آهي ته پاڻ اول ڪارونجهر جي ڪائنات جو هڪ مختصر جائزو وٺون ۽ ان کانپوءِ اهو ڏسون ته ٿر توڙي پارڪر جا اهي سينا، جن ۾ اڃا دل ڌڙڪي ٿي، سي هن سرزمين جي سدا قائم سونهن جي بقا لاءِ ڇا ڪري سگهن ٿا.
اچو ته اول اهو ڏسون ڪارونجهر اصل ۾ آهي ڇا؟ سون جهڙي گرينائيٽ جو اهو لازوال خزانو، جنهن جو اسان نوي واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو جڏهن درشن ڪيو هو، تڏهن هڪ آسڻ تي ساهه کڻندي پنهنجي محبوب سنگي فقير مقيم ڪنڀار کي مون چيو:
“هي ته جيئرو جبل آهي ۽ هن ۾ ته دل به ڌڙڪي ٿي!!”
جنهن تي فقير جي نيڻن ۾ آگم ڀرجي آيو هو ۽ وراڻيو هئائين ته:
“يار! اها ڳالهه ته آئون به ڪيان ٿو پر زماني کي ڪيئن سمجهائجي!؟”
۽ پاڻ سمجهون ٿا ته هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جي ڌڙڪندڙ دل سنڌ جي سمورن عشاق سينن ۾ منتقل ٿيڻ گهرجي. جي نه ته اسين پنهنجي ان تاريخ ۽ ورثي کان محروم ٿي وينداسين جنھن جي دفاع ۾ اسان جا سورهيه سوڍا سر ڏيئي سرها ٿيا. اهو ڪارونجهر جنهن جي پڊن ۾ اڄ به اڌيسنگهه ۽ ڪلجي سوڍي جا سڏ ٻُرن ٿا. جتي اڄ به الهرکيو کوسو پنهنجن وڏڙن شادي خان، ڀار خان ۽ ڪاپڙي خان کوسي جي رندي ريت نڀائيندو اچي ۽ جتي اڄ به روپلو ڪولهي پنهنجي نئين جُوڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
اسان توهان سڀني جي ڪارونجهر واري ڪائنات، جنهن ۾ چون ٿا ته ننڍا وڏا ملائي 108 ته رڳو پنهنجا ڌياني گياني تڪيا آهن. جن مان مکيه آسڻ ڳڻجن ته ساڙڌرو، گئو مُکي، انڌاريو اجواڙيو، مرگھه ڪونڊ، پپري جهارو، ويلڙيو، انچلاسر، گنگا ٻاڻ يا ارجن ٻاڻ، جنجهو ۽ ڀيمسر جهڙا ڪجهه ٻيا آسڻ اچي وڃن ٿا. جن کي پسڻ کان پوءِ اسان کي اها سُڌ پوي ٿي ته اصلئون اسين آهيون ڪير؟
واضح ڪندا هلون ته اهي ته ٿيا اسان جي عرفان ۽ ڌيان گيان جي جهان جا اهڃاڻي آسڻ پر انهن سان گڏ هي محبوب پهاڙ پنهنجن ٻچڙن جو پُرکن کان پالڻهار به ته رهيو آهي ۽ اڄ تائين آهي. اهو ڪارونجهر جنهن جي راهن ۾ ڪئين پاڻمراديون اهڙيون ٻُوٽيون موجود آهن، جيڪي هڪ دور جي سنياسين لاءِ سرير جي صحت جو املھه سامان رهيون آهن ۽ اڄ به جيڪڏھن جديد طب جي جهان ۾ اهڙين قدرتي ٻُوٽين جو ڪارج ڳولجي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. انهن ٻُوٽين ۾ اڇو جهنگلي بصر، گڻ ويل، گوکڙو، تتر پڳي، ڪوئاڍال، مُنڍيري، تيندرو ۽ چڻوٺي جهڙيون ڪئين ٻيون ٻُوٽيون اچي وڃن ٿيون.
وري جيڪڏهن ڪارونجهر جي پکين ۽ جانورن تي اچون ته انهن جا به هتي جنمن جا ٿاڪ رهيا آهن ۽ ڪائي مافيا انهن ساهدارن کان ڪيئن ٿي جيئڻ جو حق کسي سگهي؟ اهي پکي ۽ جانور جن مان مور ته هونئن ئي ڪارونجهر جي روح جي صورت آهي پر هتي جانورن ۾ جرک، روجهھ، گدڙ، لومڙ، سهيڙ، هرڻ به ملن ٿا ۽ هڪ دور ۾ ته هتي چيتا به پاتا ويا آهن ۽ اڄ فطري حيات جو اهڙو بي بها ورثو بس ائين ڇورو ڇنو ڇڏي ڏجي؟ نه ڪڏهين به نه!!
وري ٿا ڏسون جيڪڏهن زراعت کي ته ڪارونجهر ۾ ڀٽياڻي، گوڙڌرو، گهرتياري، جنجهو ۽ سودراڻ جهڙيون ڪجھه ٻيون نديون وسڪاري ۾ اسان کي ڇا ڇا نٿيون آڇين!! پر الميو اهو آهي ته اهو سمورو پاڻي رڻ ۾ زيان ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ انهن ندين جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سانڪڙ، راٺي ۽ راڻپور جهڙا ڪجھه ننڍا ڊيم جوڙيا ته ويا آهن پر انهن مان رڳو راڻپور وارو ڊيم چون ٿا ڪجھه نتيجا ڏيئي سگهيو آهي جڏهن ته باقي ٿيو ڪُل پيران دا خير!! پر جيڪڏهن ڪارونجهر جي پاڻي جي مالڪي ڪجي ته هتي ڦُٽي، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر، مڱ، موٺ ۽ تِرن سميت سموريون ڀاڄيون اپائي سگهجن ٿيون. جن مان هن وقت به هتان جا بصر ۽ مرچ عاليشان لهن ٿا.
ھاڻ اهڙي هڪ حسين وادي، جنهن بابت مقامي سطح تي اها ڪٿا مشھور رهي آهي ته:
“ڪارونجهر روزاني سوا سير سون اوڳاڇي ٿو”
تنهن کي جڏهن مافيائن جو مشينون اچي چيرين ته سموري ٿر توڙي پارڪر مان ڪا دانهن ڪوڪ نه ٿيڻ گهرجي؟ ٿر هن وقت ڪوئلي کان ويندي ڪارونجهر تائين واڳوئن جي وات ۾ آهي ۽ ان خلاف سمورن ماحول – فطرت دوست قانوني فورمن کان ويندي سياسي توڙي سماجي محاذن تي هڪ گهڻ طرفي جدوجهد جي ضرورت آهي. ٿرڪول رٿا هن مارو ديس جي ماحول ۽ اصل فطري طرزحيات جي جيڪا اجاڙ ڪري رهي آهي، تنهن خلاف جدوجهد جاري آهي ۽ اها جدوجهد اميد ته اڃا اڳتي وڌندي ۽ سگهاري ٿيندي ايئن ڪارونجهر جي دفاع وارو محاذ به هاڻ مرحليوار مچي رهيو آهي پر اڃان تمام گهڻو ڪجھه ڪرڻ جي گهرج آهي.
ان ڏس ۾ سموري سنڌ جي جواني کي پاڻ ملهائڻو پوندو. ڇو ته ڪارونجهر سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪارونجهر. سڀاڻي جيڪڏهن ڪارونجهر نه رهيو ته پوءِ باقي وري ڪهڙي سنڌ!؟