ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا عمران خان مان جند ڇڏائڻ جي تياري ٿئي پئي؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل خميس واري ڪالم ۾ آئون لکي چڪو آهيان ته وزير اعظم عمران خان مان جند ڇڏائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ وارن اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي مسٽر اياز صادق ذريعي لنڊن ۾ رهندڙ مسلم ليگي سرواڻ ميان نواز شريف ڏانهن نياپو اماڻيو آهي ته ھو عمران خان کي آئيني ۽ جمھوري سرشتي مطابق ھٽائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ واسطي پنهنجي پارٽي ميمبرن کي حڪم ڏئي ته جيئن گڏيل اپوزيشن جي اڪثريتي ووٽن سان انھيءَ رٿ تي ڪاميابيءَ سان عمل ڪري سگھجي. جمعي واري ڏينهن ھڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اياز صادق ايتري قدر چيو ته نواز شريف ايندڙ ڪجھه ھفتن ۾ جلاوطني ختم ڪري وطن واپس ورندو ۽ ڪابه طاقت سندس رستي ۾ رنڊڪ وجهي نه سگهندي. اياز صادق جي انھيءَ دعويٰ کي وزير اعظم عمران خان پاڻ به جمعي ڏينهن ڪيل تقرير ۾ سچو ثابت ڪيو آهي. عمران خان ڪالهھ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي جنهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان تقرير ڪري رهيو هو ان ۾ ھن جيڪو سڀ کان ڏکيو ۽ بنهھ اھم سوال اٿاريو سو ھي ھو ته، سزا کاڌل ڪنهن شخص کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم آخر ڪھڙي قانون تحت ڪري سگھجي ٿو؟
ان سوال جو ھڪڙو جواب ھي آھي ته ضروري ناهي ميان نواز شريف پاڻ کي ھاڻوڪي قومي اسيمبليءَ مان وزير اعظم چونڊائي. ٿي سگهي ٿو ته جيستائين سندس ڪيسن تي نظرثاني ڪري کيس سزا کان آجو ڪرائين، تيسين نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ شھباز شريف يا سندس ڌيءَ مريم نواز انهي ڪرسيءَ (ميوزيڪل چيئر) جا مزا ماڻين. ھونئن به پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي سگھارين ڌرين وٽ جيڪا اھميت آهي، تنهن بابت پاڻ سڀني کي ڄاڻ آهي. جڏهن جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جھڙا سرڪاري ملازم حڪومتن کي بندوق جي زور تي ڊاھي، چوڪيدار ئي گھر جا مالڪ بڻجي سالن جا سال غير قانوني ۽ غير اخلاقي نموني ڪروڙين انسانن تي حڪمراني ڪن ٿا ته اتي نواز شريف جي حيثيت ۽ اھميت ان ڪري سڀ کان وڌيڪَ آهي جو ھو پنجاب جو ناقابل شڪست سياستدان ھجڻ سان گڏوگڏ کيس ڪراچيءَ کان چترال تائين ھر صوبي ۾ عوامي حمايت حاصل آهي.
عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف جي اڄ حالت اها آهي جو سگھاري ڌر جي ھلڪي اشاري تي ان جا ڪيترائي ميمبر عدم اعتماد واري رٿ ۾ پنهنجي ئي ليڊر خلاف ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن. سندن موقف آھي ته ملڪ اندر بيروزگاري ۽ مھانگائي ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪيو آهي ۽ ووٽر ان لاءِ اسان کي جوابدار سمجھن ٿا. ظاهر آهي ته تحريڪ انصاف ۾ رهنداسون ته ووٽر اسان کي نفرت وچان ووٽ نه ڏيندا تنهن ڪري رڳو پنهنجي عزت بچائڻ خاطر نواز شريف جي پاسي ٿيڻ واسطي تيار آهيون. اھي ته ٿيا حڪمران پارٽي جا ميمبر، پر اھو ڪيئن ممڪن آهي ته متحده قومي موومينٽ، جي ڊي اي ۽ جھانگير ترين گروپ کي مٿان حڪم ملي ۽ ھو وفاداري مٽائڻ کان انڪار ڪري سگهن؟ سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.
عمران خان جي ذھني ۽ سياسي پسماندگي جو اندازو جمعي ڏينهن ڪيل سندس ھڪڙي ئي فيصلي مان لڳائي سگهجي ٿو. سندس جماعت بلدياتي چونڊون ھارايون آهن خيبرپختونخواهه ۾ پر ھن پارٽي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪاوڙ وچان سڄي پاڪستان جي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مقرر ٿيل عھديدارن کي ھٽائي ڇڏيو آهي. پارٽي ٽڪيٽن جي غلط ورهاست ڪئي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ ان جي ڏوھه جي سزا سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪارڪنن کي ڏني اٿس.
بھرحال تيزيءَ سان بدلجندڙ سياسي صورتحال مان سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته اقتدار جا ايوان وزير اعظم عمران خان جي پيرن هيٺان کسڪي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جمعي ڏينهن ڪيل پنھنجي تقرير ۾ ھن نواز شريف بابت اھو سوال ڪنھن کان پڇيو ته سزا کاڌل شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ چٽي طرح ظاھر آھي ته ھن اھو سوال اسٽيبلشمينٽ جي ڪرتا ڌرتا کان ئي پڇيو آهي جنهن خود عمران خان کي ووٽن ۾ ھير ڦير ڪري وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ھو. سگھاري ڌر پنهنجي سگھه استعمال ڪري ڪڏهن آمريڪي شهري معين قريشي کي ته ڪڏهن شوڪت عزيز کي آمريڪا مان امپورٽ ڪري وزير اعظم بڻائي ڇڏيندي آهي. ھنن ٻنھي ڄڻن کي پاڪستان جي خلق سڃاڻندي به ڪونه هئي!
حيرت ۾ وجهندڙ حقيقت اھا آهي ته اهڙو سوال ڪرڻ وارو شخص اھو ئي آهي جنهن 2014 ۾ نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ ڌرڻو ھنيو ۽ امپائر جي آڱر جي اشاري جو چئن مهينن تائين اوسيئڙو ڪندو رهيو!
کنڊ ۽ ڪڻڪ کانپوءِ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ:
ڪنهن به صوبي جي مسڪين ماڻهن خاص ڪري آبادگارن ۽ ھارين سان اھڙو ناحق ناھي جھڙو سنڌ ۾ آھي. پنجاب ۾ اڄ به اٽو سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجويهه روپيا في ڪلو گھٽ آھي جڏھن ته ان صوبي جي آبادي ٻارھن ڪروڙن کان مٿي آهي. سنڌ جا زميندار جڏهن ڪو فصل پوکين ٿا ته ٻج، ڀاڻ ۽ ڪيڙا ماڪوڙا ماريندڙ دوائن جا اگهه آسمان تي چڙھيو وڃن.
پر جڏهن سندن فصل لهندا آهن ته سنڌ جا واپاري ۽ ڀلاوڻا دلال ھرھڪ جنس جو اگھه ڪيرائي ايترو گھٽ ڪري ڇڏيندا آهن جو ھارين توڙي زميندارن جو فصل پوکڻ تي ٿيل خرچ به ڪونه نڪرندو آهي. ڪمند پيڙائي ڪرڻ وارن ڪارخانيدارن ته باقاعدي ھڪڙي مافيا جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. ايتري قدر به سنڌ ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي ته جيڪي شگر ملون ويھه ٽيهھ روپيا مڻ وڌيڪ آڇين ٿيون، تن کي واسطيدار ضلعي جي انتظاميا ۽ پوليس بند ڪرايو ڇڏي. ھن ڀيري اھا ھٿ چراند بلڙي شاهه ڪريم جي آبادگار شگر مل سان ڪئي اٿن. گذريل سيزن ۾ ڏسندا ھئاسين ته پوليس وارا ڪمند سان ڀريل گاڏين جي رستا روڪ ڪري انھن جي ڊرائيورن کي زوريءَ مجبور ڪندا هئا ته فلاڻي ڪارخاني تي مال وڃي لاھيو ڇاڪاڻ ته اھي وقت جي حاڪمن جا ڪارخانا آهن.
اڄڪلھه وري سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڀاڻ جي واپارين يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي ۽ ٻئي ڀاڻ سان پنهنجا گودام سٿي ذخيرا ڪري ڇڏيا آهن ۽ گھرجائو زميندارن ۽ ھارين کي بليڪ تي وڪرو ڪري ڪروڙين رپين جا ڌاڙا ھڻي رھيا آھن. نتيجو اهو نڪتو آهي ته ناجائز طريقي سان وڌايل اگھن لاءِ پئسا نه ھجڻ ڪري ننڍن غريب آبادگارن ۽ ھارين جا پوکيل ٻج ئي سڙي ويا آهن.
ھڪڙي بيباڪ ۽ سچار صحافي نصر الله گڏاڻي جي گھوٽڪي ضلعي مان وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واپارين جي ڀانڊن ۾ لڪايل ڀاڻ جي حفاظت اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس وارا پاڻ ڪري رهيا آهن. ھي سڄو انڌير سرڪاري عملدارن جي نگرانيءَ ۾ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button