ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت کي معاشي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي

Editorial

هن حڪومت جي اچڻ سان تبديلي اها آئي آهي ته مهانگائي، قرضن ۾ واڌ ۽ بحرانن ۾ واڌ اچي وئي آهي. ڪٿان به اميد جو ڪرڻو نظر نه پيو اچي ته عوام تان مصيبتون هٽنديون، اڃا به مصيبتن مٿان مصيبتون وڌي رهيون آهن. مهانگائي جو عالم اهو آهي جو هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 40 سيڪڙو واڌ سان مهانگائي جو پارو 19 ڏهائي 83 سيڪڙو جي سطح تي پهچي ويو آهي. وفاقي اداري شماريات طرفان مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ماهوار 17 هزار رپيا ڪمائيندڙن لاءِ مهانگائي رڪارڊ 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هلندڙ هفتي دوران 23 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ ٽماٽا، ايل پي جي، ڪاٺيون وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 118 رپيا 3 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿيو، جنهن کانپوءِ قيمت 2345 مان وڌي 2463 ٿي وئي آهي. هڪ هفتي دوران ٽماٽا في ڪلو 5 رپيا 42 پئسا مهانگا ٿي ويا. هلندڙ هفتي کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 1 رپيو 32 پئسن جو اضافو ٿيو. هڪ هفتي دوران آنن جي في درجن قيمت ۾ 5 رپيا 3 پئسن جو اضافو ٿيو. هلندڙ هفتي دال ماش جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا 47 پئسن جو اضافو ٿيو. ڪاٺين جي في مڻ قيمت ۾ 3 رپيا 43 پئسن جو اضافو ٿيو.
ٻئي طرف وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن جولاءِ کان آڪٽوبر دوران 4 ارب 69 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت هلندڙ مالي سال 2021-22 جي پهرين چئن مهينن جولاءِ کان آڪٽوبر دوران 4 ارب 69 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو. انهن ۾ ڪمرشل بئنڪن کان هڪ ارب 52 ڪروڙ 97 لک ڊالر قرض ورتو ويو مختلف ملڪن ۽ پرڏيهي ادارن کان 12 ڪروڙ 31 لک ڊالر جون گرانٽس مليون جڏهن ته جولاءِ کان نومبر دوران چين کان 7 ڪروڙ 33 لک رپيا قرض مليو. جولاءِ کان نومبر تائين آمريڪا کان پاڪستان کي 2 ڪروڙ 92 لک ڊالر قرض مليو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 62 ڪروڙ 2 لک ڊالر قرض فراهم ڪيو جڏهن ته اسلامڪ ڊيولپمينٽ فنڊ سان پاڪستان کي 46 ڪروڙ 85 ڊالر قرض مليو.
جڏهن ته پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته 15 جنوري تائين گئس جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي ويندي. مطلب ته بحران مٿان بحران نازل ٿي رهيا آحن پر حڪمرانن جي هٺ ڌرمي ختم نه پئي ٿئي ته “سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو آهي.” ايتري حد تائين جو وفاقي سرڪار گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان به انڪاري بڻيل آهي. وفاقي وزير حماد اظهر گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪندي ڪراچي ۾ گئس بحران جو ڪارڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع نامي کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته “هڪ حد کان وڌيڪ گئس سستي نٿا ڏئي سگهون. عدالتي حڪم جي ڪري گهريلو صارفين جي طلب پوري نه ڪري رهيا آهيون. گهرج وڌڻ سبب هر سال سياري ۾ نان ايڪسپورٽ جنرل انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽ جي بجلي ڪَٽي گهريلو واهپيدارن کي ڏيندا آهيون. هن سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ نه ٻن منع نامي جي حڪمن سبب ائين نه ڪري سگهياسين. ان حوالي سان ايم ڊي سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيس جي تڪڙي شنوائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏي.”
جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته گئس جو بحران نه رڳو سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي پر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ان جو سخت بحران آهي. سيارو ايندي ئي سڄي سنڌ ۾ هڪ پاسي گيس جو پريشر گهٽجي ويندو آهي ته ٻئي طرف ان جي لوڊشيڊينگ شروع ٿي ويندي آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها پاليسي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. ٿلهي ليکي گئس جي بحران جي ذميوار وفاقي حڪومت ئي آهي. ان کي اها ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي هجي، قرضن ۾ واڌ جو معاملو هجي يا بجلي ۽ گئس سميت ٻيا معاشي مسئلا هجن، انهن جي ذميوار وفاقي حڪومت ئي آهي. ان کي هاڻي پنهنجي معاشي پاليسين جو جائزو وٺي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، نڪي عوام جي مصيبتن ۾ واڌارو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button