ڏٺو ويو آهي، ته انساني تاريخ ۾، سُقراط کان، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻيءَ تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. اُها گولي، جيڪا گانڌي، لياقت علي خان ۽ شيخ مجيب الرحمٰن کان ٿيندي، شهيد راڻيءَ تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃا الائي ڪيتريون حياتيون ڳڙڪائيندي؟ ۽ اڃا الائي ڪيترا نسل ناس ڪندي؟ اها ڦاسي، جيڪا هيمون ڪالاڻي کان هلندي، شهيد سورهيه بادشاھه کان ٿيندي، ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهتي آهي، اڃا الائي ڪيترا جڳن جا جڳ تباهھ ڪندي؟ کين ان ڪري مارايو ويو، ته جيئن هُو پنهنجي ڪرسيءَ کي قائم رکي سگھن ۽ ان کي اڃان اڳتي دوام ۽ ڊيگهھ ڏيئي سگھن.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿئي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئين مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زندهه رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت ۾ نظر اچي ٿو.
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي جي پهرين تقرير اچانڪ جذباتي انداز ۾ ڪئي. پروفيسر والزر هال ۾ موجود ٻه سئو شاگردن کي جڏهن “جنگ ۽ علم اخلاقيات” جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ حق نه ڏيڻ تي دليل ڏنا، تڏهن محترمه جوابي تقرير ڪندي پروفيسر جي خيالن جي اصلاح ڪئي. 1971ع ۾ بنگلاديش ۾ پاڪستان ڀارت وچ ۾ جنگ لڳي تڏهن جنرل يحيٰ خان هڪدم ڀٽو صاحب کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري اقوام متحده موڪليو. ڀٽو صاحب محترمه کي نيويارڪ پهچڻ لاءِ چيو ۽ پهريون دفعو محترمه 18 سالن جي ڄمار ۾ سلامتي ڪائونسل جي هن اجلاس ۾ وفد جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي. پيري هوٽل ۾ محترمه پاڪستان ڀارت جنگ ۾ پرڏيهي سطح تي ٿيندڙ ڪوششون ڏسي وڏو تجربو حاصل ڪيو. هتي روسي وفد، چيني وفد ۽ آمريڪا جو جارج بش جي اڳواڻي ۾ وفد آيو. 15 ڊسمبر 1971ع واري ڏينهن به سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ محترمه پنهنجي والد سان شريڪ ٿي ۽ ڀٽو صاحب جي واڪ آئوٽ ڪرڻ مهل هو به سندس پٺيان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر آئي.
آڪسفورڊ ۾ محترمه جي زندگي جي پهرين تقرير جو موضوع ملڪ جي چونڊيل سربراهه جي معزولي اسٽيبلشمينٽ طرفان نه پر آئيني هئڻ گهربي هئي. سال 1974ع ۾ محترمه لاهور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آئي. محترمه آڪسفورڊ يونين ۾ ڪيترا سال خزانچي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هوءَ 1976ع ۾ يونين جي صدارت ۾ ڪامياب ٿي جيڪا آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي ۽ يونين جي تاريخ جي ٽين عورت هئي. محترمه 25 جون 1977ع تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس موٽي. هتي پهچڻ شرط وزارت خارجه ۾ انڊر سيڪريٽري عهدي تي ڪم ڪرڻ لڳي پر اٽڪل ڏهن ڏينهن بعد پاڪستان ۾ هلندڙ پي اين اي جي تحريڪ جي بهاني سان 5 جولاءِ 1977ع تي سندس والد وزيرراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق ختم ڪري ڇڏيو. محترمه سڄي رات پنهنجي گهر ۾ ان ايڪشن بعد ڪنهن به حادثي جي انتظار ۾ تمام ڀاتين سان مختلف وسوسن ۽ سوچن واري ڪيفيت ۾ جاڳي گذاريو، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس خاندان جو اتان جي فوج هٿان قتل سندس ذهن ۾ ويٺل هيو. صبح جو کين آزادي ملي. ڀٽو صاحب جي حڪم تي محترمه بينظير پهريون ڀيرو لاهور ٻوڏ جي ستايلن سان همدردي ڪرڻ لاءِ پهتي سندس شاندار استقبال ٿيو. هوءَ هن وقت تائين سياست ۾ ڪو نه داخل ٿي هئي. پر پوءِ پنهنجي والد جي آزادي بعد ملڪ اندر دورن ۾ والد سان گڏ هوندي هئي، مارشل لا وارن کيس پهريون ڀيرو نوٽيس موڪليو ته سياست کان پاسو ڪيو. تاريخ 3 ۽ 4 سيپٽمبر 1977ع تي صبح جو 70 ڪلفٽن تي فورسز جو هڪ وڏو اٽالو آيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري وٺي ويا. محترمه جي ڪمري ۾ سامان جي تلاشي ورتائون ۽ هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾ بندوقن جي سائي ۾ ويهاريو. پهريون ڀيرو محترمه بينظير اهڙي ڊپ ڏياريندڙ خوفناڪ صورتحال مان گذري. سندس والد ڏهن ڏينهن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو پر وري 17 سيپٽمبر 1977ع تي هڪ قتل ڪيس ۾ لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد ڪيو ويو. محترمه اتي ساڻس ملاقات ڪئي پر ٻن ڏينهن بعد 29 سيپٽمبر تي بينظير صاحبه کي ساهيوال مان گرفتار ڪيو ويو. پوءِ هر پندرهن ڏينهن بعد وڌيڪ نظربندي، وري رهائي، ڪڏهن صوبو بدري، ڪڏهن نظربندي اها ان وقت جي آمر ۽ محترمه جي وچ ۾ اک ٻوٽ واري راند شروع ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي گهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي صوبي ۾ لڳاتار نظربند يا صوبو بدر رهندي ان تجربي ۽ تڪليف جي عادي بڻجي چڪي هئي.
والد جي وفات کان ست هفتا پوءِ مئي 1979ع جي آخر ۾ محترمه بينظير ۽ سندس والده بيگم نصرت ڀٽو کي سهاله مان آزاد ڪيو ويو. هو هيڏي وڏي قيامت جهڙي پيڙا ۽ عذاب ڀوڳي نيٺ پنهنجي خانداني گهر 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ موٽي آيون. محترمه ايندڙ ماڻهن سان پنهنجي والد جي تعزيت قبول ڪندي رهي ٿي. بينظير صاحبه جڏهن پنهنجي والد جي قبر تي حاضري ڏيڻ لاءِ وڃي ٿي تڏهن جهازن کي منع ڪيو وڃي ٿو ۽ هوءَ ريل رستي لاڙڪاڻي رواني ٿئي ٿي. هر اسٽيشن تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن محترمه جو استقبال ڪيو ۽ جتي اسٽيشن نه هئي اتي ماڻهو پٽڙي تي سمهي پيا. هو محترمه سان شهيد ڀٽي جو غم ونڊائن پيا. هن سفر دوران محترمه کي سنڌ واسين خطاب ڏنو. هڪ نئون نعرو لڳو، “مارئي ملير جي بينظير بينظير” سڄي سنڌ بينظير کي پنهنجي ڀيڻ بڻايو.
محترمه جي خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو اڄ سڄي دنيا پڻ اعتراف ڪيو آهي، محترمه صاحبه پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان بعد ڪيترين ئي صعوبتن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو، وزارت اعظمىٰ دوران ڪيترائي الزام هنيا ويا پر وقت جون حڪومتون اهي الزام ثابت ڪري نه سگهيون، محترمه کي اڄ دنيا جي اندر مارئي ملير جي، سنڌ جي راڻي ۽ شھيد راڻي جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. محترمه جون ڪيتريون ئي خدمتون آهن، پاڪستان جي عوام جي لاءِ بالخصوصن تعليم ۽ عورتن جي لاءِ تمام وڏيون خدمتون شامل آهن. شهيد راڻي طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي نالي تي قائم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) 1987ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جا ڪيمپس هن وقت دبئي، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن. هڪ استاد جي حيثيت ۾ مون کي فخر آهي ته زيبسٽ جي دبئي واري ڪيمپس کي قائم ڪرڻ ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تعليمي مشن واري منشور کي اڳيان وڌائڻ ۾ پنهنجون خدمتون ارپيم.
بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ هن باوقار، باعمل هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪي تاريخ جو تمام وڏو واقعو هو، جنهن پاڪستان ۾ زلزلو پيدا ڪري ڇڏيو. لکين ماڻهو زارو قطار روئيندا رهيا. شهيد راڻي هڪ بهادر سياستدان هئي ۽ عالمي شهرت يافته دانشور جنهن جي ذهن ۾ پاڪستان جي عوام جي ترقي جو پروگرام هو ۽ هن چاهيو ٿي ته پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجي پر غير جمهوري قوتون نه پيا چاهين ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اقتدار ۾ اچي ملڪ جو نظام تبديل ڪري. انهيءَ ڪري هڪ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت محترمه کي شهيد ڪيو ويو.