ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف سان گڏ الطاف حسين بھ ڏيھه ورندو؟!

Editorial- Article- Allahbu Rathore

ھي پھريون ڀيرو ٿيو آھي تھ وقت جو وزيراعظم عمران خان حيران ۽ پريشان ٿيندي چئي رھيو آھي تھ ھن جي پيرن مان زمين سِرڪي رھي آھي ۽ ھڪ اھڙي شخص کي آندو پيو وڃي، جنھن کي ھيترن سارن سالن جي “محنت” کانپوءِ اقتدار کان بھ الڳ ڪيو ويو ۽ نااھل بھ قرار ڏنو ويو. ھو پنھنجن ويجھن ساٿين کان ظاھري طور ۽ پنھنجي اندر کان لڪ ڇپ ۾ سوال ڪري رھيو ھو تھ ڇا ايئن بھ ممڪن ٿيندو آھي؟ ھي شخص جيڪو اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف آھي، ان سان ڊيل جون ڳالھيون تھ ٿي رھيون آھن، پر کيس چوٿون ڀيرو وزير اعظم بڻائڻ لاءِ اشارا بھ ملي رھيا آھن! ھي سڀ ڪجھه يقينن عمران خان لاءِ حيران ڪندڙ ھوندو، پر جيڪي ملڪ جي جرنيلي تاريخ کان واقف آھن، انھن کي چڱي ريت خبر آھي تھ ھتي رات پيٽ ۾ وزيراعظم اڳوڻا ٿي ويندا آھن، يا وري شيرواني سبرائي ڪجهھ تھ واشنگٽن کان نڪتا، تھ ڪي وري ڀلي پار کان پھتا، ڪن کي لنڊن پلان تحت گھرائي پنڊي جي لياقت باغ ۾ شھيد ڪيو ويو. ھڪ ئي گھر جا چار ڀاتي شھيد ٿي ويا، پر نھ آسمان رنو نھ ئي زمين ڌڙڪي! سو جيڪڏھن ھاڻ عمران خان جا ڏينھن ڳڻيا وڃن تھ اھا ڪا نئين ڳالهھ نھ ھوندي. ھن کي اھو بھ سوچڻ گھرجي تھ کيس ڪيئن اقتدار جي ايوانن ۾ آندو ويو ۽ ھن وزيراعظم جي ڪرسي جي تقدس کي ڪيترو پائمال ڪيو ۽ عوام کي بک ۽ بدحاليءَ سبب ڪيئن آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، ان جو ڪو ٻيو نتيجو نڪرڻو بھ ناھي. وزير اعظم کي ائين چلتو ڪرڻ يا ان جي تياري ڪرڻ يقينن ان اھم عھدي جي توھين کان گھٽ ناھي، پر اھي جيڪي ان ڪرسي تي ويھن ٿا، انھن کي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سوچڻ گھرجي تھ ھو ڪنڊن جي سيج تي ئي ويھڻ لاءِ نھ وڃي رھيا آھن.
سياسي پنڊت جن مان اڪثريت جو واسطو نواز شريف جي حامين سان آھي، اھي سوشل ميڊيا تي ھر پل ڪانھ ڪا نئين اسٽوري گھڙين ٿا، انھن جي چوڪن ۽ ڇڪن کي ڏسي ڪري فارمل اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بھ ايڪٽوازم جو شڪار ٿئي ٿي. ايئن بھ ناھي تھ ڪو سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جو ڪو بڻ بڻياد ناھي. انھن مان اڪثر خبرون درست ھجن ٿيون، انھن خبرن جي اينگل يقينن اعتراض جوڳي ٿي سگھي ٿي.کن پل ۾ ڊيل ڪرائي ڇڏڻ ۽ وري ان کي ڦٽائي ڇڏڻ جون ڳالھيون عام آھن. انھن خبرن پٺيان ڪجھه خوش فھميون ۽ غلط فھميون بھ آھن. ھي حڪومتي ڌر جون بھ ڦھلايل آھن ۽ باقي فيڊنگ بھ آھي. انڪري ڪنھن بھ ڳالهھ جي تھه تائين پھچڻ لاءِ گھڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پئي ٿي. ممڪن آھي تھ ھن ڀيري جيڪو ڪجھه چيو پيو وڃي ۽ ڪورس واري انداز ۾ چيو ويو آھي،اھو درست بھ ھجي. ھاڻ تھ ڊيڊلائين بھ ڏني وئي آھي تھ ميان نواز شريف ايندڙ سال جنوري ۾ پاڪستان اچي ويندو.
نواز شريف پاڻ بھ اھڙو ئي اشارو ڏنو ھو تھ ھو ڏيهھ واپس وري رھيو آھي، پر ھن ڪا تاريخ نھ ٻڌائي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق لنڊن ياترا کانپوءِ ھڪ کان وڌيڪ قلابازيون کاڌيون ۽ آخر ۾ چيائين تھ ميان نواز شريف وڏو ڌماڪو ڪرڻ وارو آھي، توھان منھنجي مُک تي مسڪراھٽ مان اندازو لڳائي سگھو ٿا! ان سان گڏ چيو ويو تھ حڪمران ڌر خاص ڪري عمران خان جو لٿل منھن ان جي زوال جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. عمران خان تھ حد ڪري ڇڏي، ھن پنھنجي پارٽي جي ادارن کي ھڪ قلم جي جنبش سان گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. ھن جي پارٽي جون چونڊون سال ڏيڍ ۾ ڪرائي، اليڪشن ڪميشن کي ان جي رپورٽ ڏيڻي ھئي، پر وزير اعظم صاحب، ڪي پي ڪي ۾ 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو بدلو ڪنھن ٻئي کان تھ وٺي نھ سگھيو، پر پنھنجي ئي گھر جا ڪڪڙ ضرور ماريا. ھن جن نون عھديدارن کي نامزد ڪيو، انھن جي ڪابھ جمھوري، قانوني ۽ آئيني حيثيت ناھي. ھاڻ جيڪڏھن پي ٽي آءِ جو ڪو اڳواڻ ڪنھن عدالت جو در کڙڪائي تھ عمران خان جو فيصلو، جنھن کي آمراڻو قرار ڏنو پيو وڃي، اھو معطل ضرور ٿي ويندو. ھي ڪم تھ اليڪشن ڪميشن بھ ڪري سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ جيڪا حڪومت پارٽي بنياد تي اقتدار ۾ آئي، ان پارٽي جي خاتمي کانپوءِ ھي سوال پڇي سگھجي ٿو تھ حڪومت ڪھڙي پارٽي ھلائي رھي آھي، جنھن جو ڪوبھ رينڪ اينڊ فائل ناھي! پارٽيز ايڪٽ تحت ڪنھن بھ پارٽي جي سربراهھ، صدر يا چيئرمين کي اختيار ناھي تھ اھو آمراڻي طريقي سان پارٽي جا سمورا فورم ختم ڪري ڇڏي.
عمران خان پارٽي جو تھ خاتمو ڪيو، پر ھاڻ حڪومت جي خاتمي لاءِ ڪي ٻيون قوتون سرگرم آھن. اھي قوتون رڳو نواز شريف سان ڊيل نھ ڪري رھيون آھن، پر انھن وٽ اي، بي، سي پلان آھن. ھي انڪري بھ ٿيندو آھي تھ طاقتور حلقا بھ پاڻ وٽ بيڪ اپ رکندا آھن. ان سان گڏ اقتدار جا سمورا بيضا، ڪنھن ھڪ باسڪٽ ۾ نھ رکيا ويندا آھن، پر توازن بھ قائم رھندو آھي. انھن ماضي ۾ ميان نواز شريف کي ڀاري يعني ڳرو مينڊيٽ بھ ڏنو ھو، پر ان جا ڪي جمھوريت لاءِ سٺا نتيجا سامھون نھ آيا، آخرڪار پرويز مشرف جي آمريت اچي وئي ۽ ملڪ ۾ جمھوري ادارا 10 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پٽڙي تان لھي ويا. انڪري توازن بھ ضروري آھي. جن اھو چيو پئي تھ ن ليگ رڳو سينٽرل پنجاب، پيپلز پارٽي ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ جي شھرن جي، مولانا فضل الرحمان جي پارٽي ھڪ اڌ ضلعن جي، باقي پي ٽي آءِ قومي يا ملڪي پارٽي آھي، انھن کي بھ وزن جي خبر پئجي وئي آھي. ھي سڀ ملڪ جي سمورن ايڪائين ۾ پنھنجو اثر رسوخ، ڪٿي گھٽ تھ ڪٿي وڌ رکن ٿيون، پر جيڪي پاڻ وڙائڻ يا رڳو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ پارٽين تي ٽيگ لڳائين ٿا، انھن کي پنھنجي وزن جي خبر تھ پئجي چڪي ھوندي.
مائنس پي ٽي آءِ يا عمران خان جي واڳ ڌڻين جون ڳالھيون تھ سال ڏيڍ کان ھليون پئي، انھن ڳالھين جي سطح، ڪڏھن گھٽ وڌ ٿي سگھي پئي، پر رابطا تھ محسوس بھ ڪيا ويا ۽ انھن جي جھلڪ اڳواڻن جي بيانن ۽ سرگرمين مان بھ نظر آئي ٿي. ان دوران عمران خان تي چيڪ اينڊ بيلنس بھ رکيو ويو، موجوده حڪمرانن کي ڪيترائي ڀيرا ريسڪيو ڪيو ويو،انھن کي چتاءَ بھ ڏنا ويا ۽ ايڊجسٽ بھ ڪيو ويو، پر ھي عمل ڪيستائين جاري رھي سگھيو پئي. حڪومت جي پھرين ڏينھن کان عمران خان جي حڪومت جون معاشي پاليسيون Boost نھ ٿي رھيون ھيون. ھن جي ترقي جا انڊيڪيٽرز لڳاتار Down -ward نظر آيا پئي. عوام تھ بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيو، مھانگائي ۾ چار سو ڀيرا اضافو ٿيو. پر ھاڻ واڳ ڌڻين ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين جي زباني چورايو تھ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آھي، اھو ئي الارم آھي، واڳ ڌڻين کي خطرو ھي آھي تھ انھن ھڪ ئي وقت Parallel اسٽيبلشمنٽ قائم ڪئي آھي، جنھن کي سنڀالڻ، کارائڻ، انھن جي تربيت ڪرڻ ۽ Well off رکڻ ناممڪن نھ ٿي وڃي. رھيل ڪسر عالمي مالياتي ادارا ڪڍي ڇڏيندا، جيڪي، عمران خان تي اعتبار ڪرڻ بدران مخالف ڌر جي اڳواڻن تي يقين ڪن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن صوبي جو گورنر، جيڪو اسٽيٽ جو نمائندو ٿيندو آھي، اھو چئي تھ حڪومت لکت ۾ عوام کي عالمي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي تھ ان کان وڌيڪ ڪھڙي خطري جي گھنٽي ٿي سگھي ٿي؟
ھن ڀيري رڳو نواز شريف ئي واپس نھ وري رھيو آھي، نھ رڳو ھن کي ملڪ جي چوٿين وزير اعظم جو آسرو ڏنو ويو آھي،پر ان سان گڏ ايم ڪيو ايم جي سربراھه الطاف حسين کي بھ ڏيھه آڻڻ لاءِ معاملا اڳڀرا ٿيا آھن، ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عامر لياقت جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن واڳ ڌڻي بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ ٽي ايل پي سان ڳالھائي سگھن ٿا تھ الطاف حسين سان ڇونھ؟ ھي در کوليو ئي پي ٽي آءِ آھي، ھاڻ ان مان فائدو واڳ ڌڻي وٺندا. ايم ڪيو ايم جي باني جا حامي ھاڻ فاروق ستار جي صورت ۾ ظاھر ٿيا آھن، ھي نئون بندوبست ڪيتري حد تائين موثر ھوندو، ان بابت ڪجهھ چئي نٿو سگھجي، پر جيڪڏھن ايم ڪيو ايم کي رعايتون مليون تھ رڳو انڪري تھ ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ پ پ جي اثر رسوخ کي محدود ڪري سگھجي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو متبادل وري بھ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي کي اڀاري سامھون آڻڻ لاءِ جوڙ توڙ ٿي رھي آھي. ھي الڳ ڳالهھ آھي تھ الطاف حسين جي جسماني ۽ ذھني صورتحال اھڙي ناھي جو ھو ماضي جھڙي پارٽي جي ڪمانڊ ڪري سگھي ۽ سگھاري ايم ڪيو ايم واڳ ڌڻين کي بھ قابل قبول نھ ھوندي. ڏسڻو ھي آھي تھ الطاف حسين کي ڏيھه اچڻ ڏنو وڃي ٿو يا ھو زندگي جا باقي ڏينھن لنڊن ۾ ئي گذاريندو؟ پر نظر اھو پيو اچي تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ماضي جيان غير جمھوري ۽ نسلي تنظيمن جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان سان گڏ ممڪن آھي تھ ايم ڪيو ايم جا سمورا گروپ يا اڪثريت لنڊن ياترا لاءِ وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button