ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ۾ بد امني

Editorial

گذريل چئن پنجن سالن کان ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڏوهارين خلاف ٿيل آپريشن کان پوءِ نه رڳو اتي ڏوهن جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿي پر ان سان گڏ ٽارگيٽ ڪلنگ جو به خاتمو ٿيو. جنهن جي ڪري ڪراچي واسين وڏي وقت کان پوءِ سک جو ساهه کنيو هو. پر هڪ ڀيرو وري ڪراچيءَ ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو شهر واسي پريشان ٿي رهيا آهن پر اها سنڌ حڪومت لاءِ به ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن به بد امني ٿئي ٿي ته وفاق ان تي سياست ڪرڻ لڳي ويندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو معاملا خراب ٿيڻ لڳندا آهن بلڪه وفاق سڌي ريت سنڌ حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ لڳندو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ حڪومت ڄڻ ته وفاق آڏو بيوس نظر ايندي آهي. وفاق سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ بدران حڪم واري روايت کي برقرار رکڻ لڳندو آهي پر جيئن ته ڪراچي هڪ وڏي آباديءَ جو شهر آهي، تنهنڪري ان کي سنڀالڻ به ڪجهه ڏکيو آهي. هڪ ڀيرو وري ڪراچيءَ ۾ بد امني جا واقعا ٿيڻ ڪنهن به ريت سٺو عمل ناهي.
ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب اعتراف ڪيو آهي ته هڪ سال دوران شهر ۾ ڏوهن جي شرح وڌي وئي آهي. ڪراچي پوليس موجب سال 2020ع ۾ ڪراچي اندر 20743 موبائل فونز کسيا ويا پر هلندڙ سال وارداتن ۾ واڌ آئي آهي، گڏيل طور تي 24030 موبائل فونز اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهارين جي قبضي مان هٿ ڪيا ويا. پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال ڪراچي ۾ 1560 گاڏيون ڦر يا چوري ڪيون ويون، چوري ٿيل گاڏين جو انگ سال 2021ع ۾ وڌي 2060 تي پهچي ويو. رپورٽ موجب سال 2020ع ۾ ڪراچي شهر اندر لڳ ڀڳ ساڍا 35 هزار موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون پر هلندڙ سال اهو انگ 50 هزار کان به وڌي ويو آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل سال سنڌ جي گادي واري شهر ۾ 507 ماڻهو قتل ڪيا ويا، هلندڙ سال مارجي ويلن جو انگ 541 آهي، اهڙي ريت گذريل سال ڀنگ لاءِ اغوا جي ڏوهن جا 24 واقعا ۽ هلندڙ سال 55 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ٻئي پاسي ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڏوهن ۾ اضافي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته معاشي حالتن جي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي آهي، ڪراچي تمام خراب وقت ڏٺو آهي پر شهر جي صورتحال 2013ع ۽ 2014ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. هي صورتحال جيڪڏهن ڪجهه وڌيڪ عرصو جاري رهي ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ اڃا به ڏوهن جون وارداتون نه رڳو وڌي وينديون پر انهن ۾ تيزيءَ به اچي ويندي، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ بد امنيءَ جي خاتمي لاءِ پوليس کي پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي. جتي جتي به اهڙي وارداتون ٿي رهيون آهن، اتان جا پوليس ٿاڻا چوڪس رهن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ جو مڪمل بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ جو امن سنڌ لاءِ ته ضروري آهي پر اهو ملڪ لاءِ به ضروري آهي. ان ڪري ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي غيرسنجيدگي اختيار نه ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ وارداتن مان لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو وري ڏوهاري گروپ شهر ۾ خوف پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي ڦرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. تنهنڪري ان کي ٻنجو ڏيڻ ضروري آهي. ان لاءِ پهرين ته انهن علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون وڃن، جتي وارداتن جو انگ گهڻو آهي ۽ اهڙي ريت پوءِ ٻين علائقن ۾ به پوليس پنهنجو ڪم جاري رکي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شهريءَ کي ڏوهارين کان تحفظ ڏيڻ پوليس جو ڪم آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي رڳو اهي انگ اکر نه ٻڌائڻ گهرجن ته وارداتن ۾ ڪيئن اضافو ٿيو آهي پر ان کي انهن وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جيئن عوام بنا ڪنهن کي ڊپ ڊاءُ کي پنهنجي شهر ۾ گهمي ڦري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button