ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“ڪمزوريءَ جي طاقت” ۽ “طاقت جي ڪمزوري”-I

Editorial-Article- Ajaz Mangi

ڊسمبر جو مهينو صرف ملال جو مهينو ناهي. جيتوڻيڪ ڊسمبر جي مهيني ۾ اسان جا مهان شاعر ۽ ملوڪ فنڪار موڪلائي ويا. توڙي جو ڊسمبر جي مهيني ۾ اسان کان بينظير ڀٽو وڇڙي وئي. پر اهو ڊسمبر ئي هو، جنهن ۾ محمد علي جناح جهڙي عجب جهڙي انسان جنم ورتو. اهو ڊسمبر ئي هو جنهن ۾ يسوع مسيح جهڙو عظيم پيغمبر پيدا ٿيو. ڊسمبر صرف دل جو نه پر خوشين جو مهينو به آهي. ان مهيني ۾ صرف وڇوڙا نه پر وصال به ٿيا. پر سال جو اهو آخري مهينو پنهنجي ماهيت ۾ اسان کي جدليات جو اهو سبق به ڏئي ٿو، جنهن کي عرف عام ۾ “ابتڙن جو ميلاپ” سڏيو ويندو آهي. هونءَ ته “ابتڙن جو ميلاپ” هڪ اهڙي جدول آهي، جيڪا نوٽڻ راند جي ٻيگهه مچ وانگر ابتي سبتي هلي سگهي ٿي پر هن مهل اسان ان جو رڳو هڪ سياسي پهلو بحث هيٺ آڻيون ٿا ۽ ان جو اهو پهلو آهي “طاقت جي ڪمزوري ۽ ڪمزوريءَ جي طاقت” يا اسان ان ڳالهه کي ابتي انداز سان به پيش ڪندي لکي سگهون ٿا ته “ڪمزوريءَ جي طاقت يا طاقت جي ڪمزوري”!
اها هڪ ڳالهه آهي. ان ۾ ڪو فرق ناهي. مٿين پيش ڪيل جدول جو هڪ جدلياتي ۽ ننڍو مثال اهو آهي ته سياسي طاقت گهڻو ڪري تاريخي طور تي انهن هٿن ۾ رهي آهي، جن هٿن ۾ ڀاري ڀرڪم ۽ تيز ترار تلوارون هجن. جن جي پويان وحشت سان ونگيل وڏي فوج هجي. جنهن ۾ موتمار هٿيار هجن. جنهن جي سگهه اهڙي سج جهڙي هجي، جيڪا معاشري کي پنهنجي گرميءَ سان موڙي ميڻ ڪري ڇڏي. پر ڊسمبر جي مهيني ۾ ٻن انسانن جنم ورتو، هڪ يسوع مسيح ۽ ٻيو قائد اعظم محمد علي جناح. جيتوڻيڪ انهن انسانن مان هڪ پيغمبر هو ۽ ٻيو سياستدان هو پر انهن ٻنهي جو رستو ساڳيو هو. انهن ٻنهي “اهنسا” يعني Non Violence جي واٽ ورتي. جيتوڻيڪ اهنسا جي حوالي علامت مهاتما گانڌي رهيو هو. گانڌي اهنسا جو تمام گهڻو پرچار ڪيو پر اهنسا تي اصل عمل ڪرڻ وارو شخص محمد علي جناح هو. اهو شخص جنهن ڪڏهن ڪنهن کي چماٽ به نه هنئي. اهو شخص جنهن ڪڏهن به تشدد جي واٽ نه وتي ۽ نه ڪنهن کي وٺڻ ڏني. اهو شخص جيڪو يسوع مسيح جي جنم ڏينهن تي پيدا ٿيو ۽ جيڪو پنهنجي سالگره ڪرسمس ڏينهن ملهائيندو هو، اهو شخص پنهنجي جسماني ساخت ۾ به ڪو ويڙهو يا باڊي بلڊر نه هو. هو جسماني طور تي تمام گهڻو نازڪ ۽ پنهنجي مخصوص مزاج جو ماڻهو هو. جيڪڏهن هو برصغير جي عام مسلمانن وانگر هجي ها ته هن جي شخصيت تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ مٿان ڪائي منع نه هجي ها. جيڪڏهن هو پنج وقت نه پر جيڪڏهن مستقل مزاجيءَ سان جمعي نماز به پڙهندو رهي ها ته برصغير جي سياسي ملن ۽ مولين کي هن مٿان فتويٰ جاري ڪرڻ جو بار برداشت نه ڪرڻو پوي ها. هو جيڪي اڄ پنهنجي تاريخي غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ کان به گهٻرائين ٿا، اهي ان مهل قائد اعظم مٿان ڪهڙا تبرا ڪندا هئا؟ اهي تاريخ جو حصو آهن پر قائد اعظم ڪڏهن انهن کي کنگهيو به نه! هو پنهنجي ڌيان جي ڌن تي هلندو رهيو.
هو ننڍي کنڊ جي ان مسلم اقليت جو اڳواڻ هو، جيڪا ورهايل هئي. اڌ کان وڌيڪ مسلمان هندستان جي ورهاڱي جي حق ۾ نه هئا. مسلمانن جو وڏو انگ ڪانگريس ۾ هو. ڪانگريس جيڪا هندن جي متفق جماعت هئي. پر پوءِ به انهن سمورين ڏکيائين جي باوجود پنهنجي مرضيءَ تي کائيندڙ ۽ پيئندڙ ۽ پنهنجي اسٽائيل سان سگريٽ ڇڪيندڙ ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق مغربي لباس پائيندڙ شخص مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان برصغير کي ٻه ڀاڱا ڪري ويو. جيتوڻيڪ هن جي پوئين ڏهاڪي ۾ طبيعت ڏاڍي خراب هئي. هو ٽي بي جو مريض هو. هن کي ڊاڪٽر ٻڌايو هو ته هن جي ڦڦڙن ۾ سوراخ آهن. پر هو پوءِ به پنهنجي بيماريءَ جي ڳالهه لوڪ کان لڪائيندو ۽ پنهنجي تحريڪ اڳتي هلائيندو رهيو. هو واقعي حيران ڪري ڇڏڻ جهڙو ماڻهو هو.
هن جي پويان ڪوئي جنگجو قبيلو نه هو ۽ هو پنهنجي ڊاڪٽر سان به اها شڪايت ڪندو هو ته هن جي کيسي ۾ پيل سڪا کوٽا آهن. پر هو تنها پنهنجي اڪيلي ڀيڻ سان گڏ سياست جو سمنڊ جهاگيندو رهيو ۽ هن پاڪستان جي تصور کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو. اهو سٺو ٿيو يا غلط ٿيو؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي. پر سوال ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جو آهي. هن جيڪو چاهيو اهو ڪري ويو. اها تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي ته ڀارت کي ورهائي هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ بڻائي اهو شخص دنيا کي حيران ڪري ويو.
منهنجي نظر ۾ محمد علي جناح ڪمزوريءَ جي طاقت هو. هو بظاهر هر حوالي سان ڪمزور هو. هو صرف جسماني نه پر پنهنجي سماجي پس منظر جي حوالي سان به ڪمزور هو. هڪ ڪنهن مارشل ريس جو رت نه هو. هو ڪو پهاڙن تان لٿل پٺاڻ سردار يا هڪ لک لشڪر وارو بلوچ سردار نه هو. هو هڪ واپاري خاندان سان تعلق رکندڙ گجراتي بزنس مين جو پٽ هو ۽ جيڪو لنڊن به ويو ته پنهنجي شوق سبب شيڪسپيئر ٿئٽر سان جڙي ڪجهه ڪرڻ جي تمنا جو اسير ٿي ويو. هو مسلمان هو پر هن جي زندگيءَ ۽ هن جي سوچ جو انداز مغربي هو. نازڪ هٿن سان برصغير کي ٻه ڀاڱا ڪندڙ شخص کي ته هندستان جي ٻولي به نه ايندي هئي. هو نوڪرن سان به انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو هو ۽ هن ڪڏهن به مسلم ليگ جي ڪاميابيءَ خاطر “اردو” سکڻ يا ڪنهن مولويءَ جي تربيت وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هو پنهنجي آزاد طبيعت سان اڳتي هلندو رهيو.
هن پنهنجي مرضيءَ سان شادي به ڪئي ته ان پارسي ڇوڪريءَ سان جيڪا هن کان عمر ۾ تمام ننڍي هئي. هن جي شاديءَ تي تمام گهڻو تڪرار به ٿيو. پر هن زماني جي ڪا پرواهه نه ڪئي. برصغير ۾ بغاوت جا گهڻا مثال ملن ٿا ۽ اهي مثال هڪ ٻي کان تمام گهڻا نيارا به آهن. پر ننڍي کنڊ ۾ محمد علي جناح جهڙو ٻيو ڪو مثال موجود ناهي. اهو شخص جيڪو هندن کي ناپسند هو. اهو شخص جيڪو انگريزن کي نه وڻندو هو. اهو شخص جنهن کي پارسي به پسند جي نظر سان نه ڏسندا هئا. اهو شخص جيڪو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ نظرئي وارن سان به ڪٺو نه هو. اهو شخص جيڪو مذهب جو سهارو وٺي سياست ڪندڙ ملن ۽ مولوين جي مخالفت جو نشانو هجي. اهو شخص جنهن کي ٻولي به نه ايندي هجي. اهو شخص جنهن جو ڪو فيوڊل پس منظر به نه هجي پر پوءِ به هو غير شهري مسلم آباديءَ لاءِ هيرو بڻجي اڀري. جنهن هندستان جي ڳوٺن جا دورا به نه ڪيا هجن ۽ نه ڪي ڪيمپون قائم ڪيون هجن. جيڪو هڪ ماهر وڪيل وانگر پاڪستان جو ڪيس وڙهندو هو ۽ اهو ڪيس هو نه صرف انگريزن پر تاريخ جي عدالت مان به کٽي ويو. اها تمام وڏي ڳالهه آهي.
منهنجي نظر ۾ اها “ڪمزوريءَ جي طاقت” آهي. قائد اعظم جو ڪيس “ڪمزوريءَ جي طاقت” جي حق ۾ تمام وڏو ۽ حقيقي دليل آهي. اهو ڪيس اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪمزوريءَ وٽ به پنهنجي الڳ طاقت ٿيندي آهي. ڪنواري ۽ گهونگهٽ ۾ ويڙهيل، لڪل لڪايل قوت! ڪمزوري جڏهن پنهنجي قوت کي ظاهر ڪندي آهي، تڏهن زمانو لرزي ويندو آهي. لطيف جي سموري شاعري “ڪمزوريءَ جي طاقت” جو خوبصورت بيان آهي. لطيف جا سمورا ڪردار اهي آهن، جيڪي پنهنجي ڪمزوريءَ کي طاقت ۾ تبديل ڪن ٿا. اهو تمام گهرو گيان آهي. سسئي، مارئي، سهڻي، نوري ۽ مومل اهي سڀ مجبور ۽ ڪمزور ناريون آهن پر انهن جي ثابت قدمي ۽ انهن جو حوصلو اهڙو آهي، جهڙو لطيف جو اهو شعر ته:
“تپي ڪندي ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي
جي تون پهڻ پٻ جو، لڱ منهنجا لوهه
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي.”
اهو شعر ۽ اهڙا سوين شعر ڪمزوريءَ جي طاقت جو بيان آهن. طاقت جي اهڙي ڪمزوري اسان کي پاڪستان جي سياست اندر بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ به نه نظر آئي. هن به جڏهن پنهنجي والد جو سياسي جهنڊو پنهنجن هٿن ۾ کنيو هو ته هو به ورهه جي واٽن کان اڻ واقف هئي. هن کي به سياست جي صحرائن جو پتو نه هو. هوءَ ته محلن جو نازڪ گل هئي. هن ته ڪڏهن گرم هوا به نه محسوس ڪئي هئي. هن جي پوري وجود ۾ هڪ نازڪي هئي. اها نازڪي جڏهن پنهنجي قوت جو اظهار ڪرڻ لڳي ته پوءِ اسان ان محلن جي گلاب کي لڪن ۾ لوساٽبو به ڏٺو ۽ نه صرف ايترو پر هن جي لاءِ جيل ۽ جلاوطنيون ڳهه ڳاٺ بڻجي ويون. هوءَ پاڪستان جي سازشي ۽ رهزن سياست ۾ پنهنجي والد ۽ پنهنجي ڀائرن کان پري جهڙي طرح عوامي قوت جي علامت بڻبي وئي، اها “ڪمزوريءَ جي طاقت” نه هئي ته ٻيو ڇا هئي؟
۽ “ڪمزوريءَ جي ان طاقت” اهو ڪجهه حاصل ڪري به ڏيکاريو، جيڪو جوڌن جوانن کي حاصل ٿي نه سگهيو. بينظير ڀٽو جي فتح صرف ضياءَ جي شڪست نه هئي پر اها فتح انهن سمورين قربانين ۽ جدوجهدن جي جيت هئي، جيڪي تمام گهڻين تڪليفن جي باوجود به وفا جي ان واٽ مٿان هلنديون رهيون، جنهن وفا جي واٽ لاءِ شاعر لکيو آ:
“وفا جي واٽ تي هر وک ڪنڊن مٿان هوندي آهي،
ان واٽ تي اس گهڻي ۽ ڇانوَ گهٽ هوندي آهي!!”
هن مضمون جو مقصد صرف “ڪمزوري جي طاقت” جو بيان نه آهي. هن مضمون جو اڌ مقصد ته “ڪمزوريءَ جي طاقت” کي بيان ڪرڻ آهي ۽ باقي هن مضمون جو اڌ مقصد ان سوال تي سوچڻ آهي ته “طاقت جي ڪمزوري” ڪهڙي هوندي آهي؟
آخر اها ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا طاقت کي ڪمزوريءَ ۾ تبديل ڪري ٿي؟ جيڪا “جناح جو پاڪستان” وڇڙائي ٿي ڇڏي ۽ جيڪا “بينظير ڀٽو جو مشن” بدلائي ٿي ڇڏي. اها آخر ڪهڙي شيءَ آهي؟ ڇا مارڪسي جدليات وٽ ان سوال جو ڪو جواب آهي؟
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button