ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر نه ڪوريو

Editorial

ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ڪارونجهر ۽ ٿر واسي لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهن. ڪارونجهر کڻي وسيلن سان مالا مال هجي پر ان جي اهڙي ريت ڪٽائي ڪري اتان گرينائيٽ کڻي وڃڻ جي اجازت ان ڪري به نٿي ڏئي سگهجي جو ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي ورثو پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جبل جي ڪري هڪ ايڪو سسٽم تيار ٿيل آهي، جنهن سان هٿ چراند ڪرڻ جو مطلب آهي ته اسين سڄي ڪارونجهر کي متاثر ڪري رهيا آهيون. تنهنڪري سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وند جيڪڏهن احتجاج ڪري رهيا آهن ته اهو احتجاج جائز آهي ۽ ان احتجاج جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري مسئلي تي ڪارونجهر ڪانفرنس به سڏائي وئي آهي.
پارڪر هال مٺي ۾ ڪوٺايل “ڪارونجهر ڪانفرنس” ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جي پٿر جون ليزون جاري ڪري قومي ورثي جي قتلام جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي، جنهن ڪارونجهر جهڙي قومي، قديمي، تاريخي ورثي ۽ مزاحمتي مورچي کي نيلام ڪري عوام جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏيو آھي، حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سمورو ٿر سراپا احتجاج بڻيل آھي، پر حڪمران انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن، ڪارونجهر رڳو پٿر جو ٽڪرو نه پر قومي ورثو ۽ تاريخ جو مزاحمتي مورچو هجڻ سان گڏ فطرت ۽ جهنگلي جيوت جي آمجگاهه توڙي 5 لک انساني آبادي جي روزگار جو وسيلو آھي، ڪارونجهر جبل ۾ عوام جي مذھبي عقيدن سان گڏ ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مزاحمتي تحريڪن جون يادون آھن، جنهن کي ڪجهه ٽڪن عيوض ليز تي نيلام ڪرڻ انساني زندگين ۽ فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ قومي غداري سمجهون ٿا، جنهن خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين مزاحمتي تحريڪ جاري رکي ويندي. هنن چيو ته ڪارونجهر جي قتل ۾ شامل سمورن ويڪائو ڪردارن کي قومي غدار قرار ڏئي انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سڌريل قومون پنهنجن تاريخي ۽ تهذيبي ورثن تي اوچي ڳاٽ سان فخر ڪنديون آھن، پر اسان جا حڪمران اهڙن ورثن کي نيلام ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ فطرت دشمن قوتن سان فيصلائتي ويڙھه ڪري مقامي چونڊيل نمائندن جو گهيرا ڪيو ويندو، پ پ سرڪار هڪ ڪمرشل ڪمپني بڻجي وئي آھي ۽ مقامي چونڊيل نمائندا وسيلا وڪڻڻ لا سيلز مين بڻيل آھن. هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ٿي ۽ ليزون رد نه ٿيون ته هڪ وڏي مزاحمت جنم وٺندي ۽ حالتن جي ذميوار سرڪار هوندي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي پٿر جون جاري ڪيل ليزون ترت رد ڪيون وڃن ۽ ڪارونجهر کي قومي ورثو ۽ بين الاقوامي تفريح ماڳ ڊڪليئر ڪيو وڃي. ڪارونجهر جبل جو فطري حسن توڙي جهنگلي جيوت جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ان سان گڏ ٿر جي سمورن وسيلن جي مالڪي جو حق مقامي ماڻھن کي ڏنو وڃي. تاريخي ۽ تهذيبي ورثن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ روز احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي اعتراض اتان جا مقامي ماڻهو اٿاري رهيا آهن، اهي جائز آهن، ڇاڪاڻ ته جبل جي ڪٽائيءَ کانپوءِ اهو سلسلو ڪڏهن رڪجي نه سگهندو ۽ ان سان وڌيڪ نقصان پڻ ٿيندو. گرينائيٽ بنهه قيمتي پٿر آهي، جنهن کي ايترو بيدرديءَ سان ڪٽڻ ۽ ان کان پوءِ ان جي اسمگلنگ ڪو بهتر عمل ڪونهي. تنهنڪري ان ورثي کي بچائڻ جي ضرورت آهي. بلڪه ڪارونجهر جي سڄي پٽيءَ کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اتي جيڪا به جهنگلي جيوت آهي، ان کي به تحفظ فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ حڪومت ڪوششون ڪندي. تنهنڪري اتي موجود ڪمپنين جون ليزون رد ڪري ترت ڪٽائيءَ جو ڪم بند ڪيو وڃي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ته اها اتان پٿر کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button