ڏهاڪو کن سال اڳ پاڻ “هڪ ماڻهو – هڪ وڻ” واري سِري هيٺ هڪ مضمون لکيو هو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن سنڌ ۾ ٻيلن جي قتل عام سبب ماحول ۾ تيزي سان وڌندڙ بگاڙ ۽ رُسي ويل بارشن تي بحث عام پئي ٿيو. پاڻ به ان سوال تي ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ وڃي جڏهن شريڪ ٿياسين تڏهن سيمينار جي پڄاڻي تي جيڪي صلاحون ورتيون ويون تن ۾ پاڻ پنهنجي پتي جي اها تجويز رکي هئي ته ڀلا جيڪڏهن هتان جا حڪمران طبقا ماحول ۽ فطرت جا ويري ٿي پيا آهن ته پوءِ ڇا اسين رڳو بحث ڪندا رهنداسين يا ڪي اهڙا عملي ڪم به ڪري ڪوئي مثال قائم ڪنداسين، جيڪي اسان جي پنهنجي وس ۾ آهن!؟
انهي سوال رکڻ جو مقصد ڪالھه توڙي اڄ اهو ڪنهن به صورت ۾ نه هو ۽ نه آهي ته حڪمرانن مٿان ماحول جي تحفظ لاءِ ٻيلن جي بحالي لاءِ زور نه ڀرجي يا کين واعدن توڙي عالمي معاهدن جو پابند نه ڪجي، جن موجب حڪمرانن کي ماحول ۽ فطرت آڏو ذميوار رهڻو آهي پر هڪ اهڙو نظام جيڪو انسان جي بنيادي حقن جو ئي انڪاري هجي، تنهن مان وڻن جي مانَ جي اميد ڪهڙي ڪجي؟
تنهن ڪري پاڻ ان سيمينار ۾ اها صلاح رکي هئي ته سرڪار جي ماحول ۽ فطرت دشمن پاليسين ۽ روين جي مقامي توڙي عالمي سطح تي هر ممڪن مذمت ڪرڻ سان گڏ اهو وچن به ڪجي ته هن سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن مان هر هڪ واپس وڃي پنهنجي پنهنجي حصي جو گهٽ ۾ گھٽ هڪ وڻ پوکي، نپائي ايئن وڏو ڪندو جيئن پنهنجي اولاد جي سنڀال ڪبي آهي.
پاڻ نٿا ڄاڻون ته ان سيمينار مان واپسي ته ڪنهن وڻ پوکيو يا نه؟ پر پاڻ جيڪي وڻن جا سيوڪ رهيا آهيون، سي ان سيمينار کان اڳي به وڻ پوکيندڙ هئاسون ۽ اڄ تائين وس آهر اهو پورهيو ڪندا پيا اچون. سو پاڻ ان سيمينار کان پوءِ پنهنجي پورهئي سان لڳل رهياسين. بهرحال پنهنجي تجويز اها هئي / آهي ته سنڌ وطن جي هر واسي کي گهٽ ۾ گھٽ هڪ وڻ لازمي پوکي نپائي وڏو ڪرڻ گهرجي.
ايئن وقت جي هڪ ويرا ۾ سنڌ جي صالح فرزند فقير وزير لاشاري ۽ ساڻس ساٿ ۾ ڪهي آيل سُهڻي حاڪم علي گوپانگ سان رهاڻ جو ٿي ته اتي وري ساڳي سُور پچار ٿي ته ٻيلي سنڌ برباد ٿي وئي آهي. سنڌ جو درياهھ ويو، ٻيلا ويا پر ڪير به مالڪي ڪرڻ وارو ناهي. پاڻ پنهنجي ورندي جي واري مهل “هڪ ماڻهو – هڪ وڻ” واري ساڳي ڳالھه ورجائي ته سنگت وراڻيو اهو ڪم ته واقعي به ڪرڻ جوڳو آهي ۽ اهو ڪم پاڻ کي ھر صورت ۾ ڪرڻ گهرجي.
پوءِ ٿيو هيئن جو پياري حاڪم علي گوپانگ “هڪ ماڻهو – هڪ وڻ” وارو وچن سيني ۾ سمائي پنهنجي شهر قمبر موٽي وڃي اتان جي سبزي مارڪيٽ جي مکيه چوڪ تي نم جو وڻ پوکيو ۽ ايئن نم جي سنڀال ڪئي، جيئن سنڀال جو حق ٿيندو آهي. رات ڏينهن جي پيار واري انهي پورهئي جي نتيجي ۾ نم اچي جوان ٿي پر اوچتو خبر ناهي ان وڻ کي ڇا ٿيو جو اهو سُڪڻ لڳو. حاڪم علي نم کي بچائڻ جا وڏا وس ڪيا پر اها نه بچي سگهي. هاڻ هتي اوهين هڪ لمحي لاءِ سوچيو ته اڳيان ڇا ٿيو هوندو؟ عام طور تي اسان وٽ جيڪو عام مزاج آهي، تنهن جي تناظر ۾ ٿيڻ اهو ئي گهرجي ها جو حاڪم علي گوپانگ باقي سموري ڄمار اهو ورجائي ها ته:
“يار! پاڻ وڏي چاهه مان نم پوکي، ٽي چار سال ان جي خدمت ڪئيسون پر يار نه ٿي سگهي”
پر حاڪم علي ايئن نه ڪيو. هن وٽ جيئن ته عشق هو ۽ پنهنجي وچن سان وفا جو پختو عزم هو سو هن ڇا ڪيو جو همت سان الهتوهار ڪري نم جي جاءِ ته پپر پوکي ان جي سيوا ڪرڻ لڳو. جيڪي وڻن جي باري ۾ ڄاڻن ٿا، تن کي اها چڱي ريت خبر آهي ته نم جي ڀيٽ ۾ پپر نپائڻ ڪيڏو نه ڪَٺن ڪم آهي!؟ پر اهو حاڪم علي جو پختو عزم ۽ عشق هو جنهن سان پنجن سالن جي پريت واري پورهئي جي نتيجي ۾ اڄ قمبر شهر جي سبزي مارڪيٽ جي مکيه چوڪ تي پپر جو محبوب وڻ پنهنجي جواني ۾ پير پائي مهڪي رهيو آهي ۽ حاڪم علي پپر جي مسلسل سيوا سنڀال سان پنهنجو اهو فرض نڀائي رهيو آهي، جيڪو فرض جيڪڏھن اسان مان هر ڪوئي ادا ڪري ته هن ديس جو لُٽيل ڀاڳ موٽي سگهي ٿو.
پاڻ تازو قمبر شهر هاسيڪار وڃي حاڪم علي گوپانگ جي پيار جي پورهئي کي پرنام ڪري آيا آهيون ۽ هي ٻه اکر سنڌ جي ان سپوت لاءِ لکي پنهنجي ديس واسين آڏو اهو مثال رکي رهيا آهيون ته جيئن مَن ڪو ان مان اُتساهه وٺي.
ياد رکو!! سنڌ وطن جي رهبر مرشد لطيف سسئي جي تمثيل ۾ جيڪو هيئن فرمايو آهي ته:
ڏونگر نه ڏورين، سِڪڻ جون سَڌون ڪرين؟
ويٺي گَهر گهورين، پِرين مٿان ڄندڙو!!
سو سدا حيات فرمان ۽ هدايت سنڌ جي هر فرد لاءِ آهي. ته پوءِ ڇا هي سِٽون پڙهڻ کان پوءِ سنڌ مان ڪو ٻيو حاڪم علي گوپانگ پيدا ٿي سگهي ٿو!؟