ڊسمبر جي 25 تاريخ تائين ايئن لڳو ته ڊسمبر کان پنهنجي سڃاڻپ به وسري ويئي هجي. ڄڻ ڊسمبر ڊسمبر نه هو ڪو آڪٽوبر نومبر هجي، جنهن کان سرديون ئي وسري ويون هجن جنهن کان پنهنجي اصلي سڃاڻپ ئي وسري ويئي هجي، ڇونه وسرن ها جو سمورو وايو منڊل، سمورو سرمائيداراڻو نظام، سمورا ڪارخانيدار ۽ ماحول دشمن قوتون فطرت کان پنهنجي شناخت کسڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين. ڪٿي ڪو وڻ وڍڻ جو موقعو نٿا ڇڏين، ڪٿي ڪو ڪارونجهر، روهڙي، ڪاڇي ۽ کيرٿر جا جبل نٿا بخش ڪن. ڪٿي تمر جا ٻيلا، ڪٿي دريائي جهنگ جاهه، ڪٿي وڻ وڻڪار، ڪٿي وڏيرا پڪي تي سرڪاري وڻن جي زمينن ۽ ٻيلن نالي ٿيل پلاٽ نٿا ڇڏين، ڪٿي پکين جا آکيرا، ڪٿي پاڻيءَ جا وهڪرا نٿا معاف ڪن. سنڌ جي قدرتي حسن ۾ بي پناهه اضافو ڪندڙ سامونڊي ٻيٽ به مٿين سرڪار جي اک ۾ هجن، سنڌ جي غريب غربا جي زمين به نجي اڏاوتي ڪمپني جهڙي واڳو پراجيڪٽ جي وات ۾ هجي ته ڪنهن کي ميار ڏجي. وفاقي سرڪار ڊيمن جي نالي سان سنڌوءَ جو ساهه سڪائي ڇڏڻ وسان نٿا گهٽائين ته پوءِ اسان وٽ فطري طور اهي چار موسمون ڪيئن رهنديون؟ ڪيئن انهن جو اهو اثر رهندو؟ ڪيئن فطرت پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهندي. ٻيو ته ٺهيو پر اينگرو وارن ٿر جي ڪوئلي مان بجليءَ جي نالي تي جيڪو ماحول دشمن ڪم سر تي کنيو آهي، ان جا نتيجا ٿر ۽ سموري سنڌ ايندڙ صدين تائين ڀوڳيندا رهندا. جڏهن ته اينگرو ڀاڻ جي اصلي سڃاڻپ کاڌ ڏيڻ واري هڪ هٽي قائم پئي رهي. ڀلي سموري ملڪ کي کاڌ ملي پر گهوٽڪي ضلعي وارن کي 1500 واري کاڌ جي ٻوري بلئڪ تي 2400 ۾ پئي وڪامجي، اها به وڏيرن جي پرچين تي پئي هلي. ڀاڻ وڪڻڻ وارا دڪاندار اهو به چون پيا ته ضلعي انتظاميه هڪ ڀاڻ جي ٻوري ته 200 روپيا ڪميشن به وٺي پئي. ان ڪري هاڻ ماحول ڦريو ۽ کايو وارو آهي. انهي ماحول ۾ فطرت پنهنجي ڊسمبر واري سڃاڻپ ڪيئن برقرار رکي؟ هاڻي ته موسمن جي سڃاڻپ هيئن ٿيندي پئي وڃي جو ڪنهن دوست چواڻي ته اسان وٽ چار مهينا گرميون ٿينديون ۽ 8 مهينا سخت گرميون ٿينديون آهن. وري ڊسمبر کي شاباس آهي جو 26 ڊسمبر کانپوءِ مينهن وسائي ڪجهه اتر واريون هوائون آڻي پنهنجي سڃاڻپ جو ڪجهه احساس ڏياريو، جتي ماڻهو سرديءَ جا ورتل ويس وڳا، سئيٽر، جيڪيٽ ۽ ڪوٽ پائي پيا هلن پر اهو مامرو ٻه مهينا به مشڪل سان هلي سگهي.
ڊسمبر ۾ ٻيون کوڙ ساريون يادون ته پنهنجي جاءِ تي پر شيخ اياز ميلو به هاڻ ڄڻ ڊسمبر جي وجود جو حصو ٿيندو پيو وڃي. ان سان ڀلي لکين اختلاف رکجن ۽ تنقيد به ڪجي پر ان لقاءُ جي اثرن کان بچڻ ڏکيو آهي اهي ڪنهن جي نظر ۾ منفي ته ڪنهن جي نظر ۾ مثبت به آهن پر گهڻي ڀاڱي مثبت ئي هجڻ گهرجن. لال بينڊ جي سرواڻ تيمور رحمان جو چوڻ آهي ته اياز ميلو شرڪاءُ جي اظهار جو هڪ انوکو ميلو آهي جتي سنڌ جي جواني رقص ڪندي آهي ۽ علم ۽ تبديلي دوست ماڻهو اڳيان ايندا آهن. سندن چوڻ موجب سنڌي ماڻهن جي مزاج کي سمجهڻ ڏکيو ضرور آهي پر جتي سنڌي ماڻهو دل جا کليل آهن، اتي انهن وٽ ڪجهه قدر آزادي به آهي. نورالهديٰ شاهه پڻ اياز ميلي جي تعريف ۾ پوسٽون رکيون آهن. شيخ اياز ميلو خالص ادبي ميلو آهي، جتي ڀلي ڪي مخالف هڪ مخصوص ٽولي جو ميلو سڏي رد ڪن پر اهو ميلو جڏهن سموري سنڌ کي ڇڪي کڻي اچي پاڻ سان ملائيندو آهي ته سنڌ مرڪي پوندي آهي. سنڌ جا تخليقڪار، ڪي گهٽ ته ڪي وڌيڪ، اچي پنهنجي ڏات ۽ فن جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن ۽ کلي ڳالهائيندا آهن. هڪ نصاب جي معاملي تي ٿيل سيشن ۾ جيڪو اظهاريو ويو اهو غير رياستي نئريٽو آهي. جتي جامي چانڊيو جهڙو دانشور جڏهن سمورين ٻولين سان محبت جو اظهار ڪري ٿو، جتي اهو ٻڌائي ٿو ته نصاب ۾ جيڪو اسان جو هيرو ٻڌايل آهي اهو هيرو ٻيو هوندو آهي. جڏهن ته اسان جي ٻارڙن کي ڏاڏي ۽ ناني امان جو ٻڌايل هيرو ٻيو هوندو آهي ته اهو نئريٽو اڀرندڙ نسلن لاءِ ڪنفيوزن پيدا ڪندو آهي. جتي عطيه اعجاز ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح توڻي ڊاڪٽر تيمور ترقي پسند سوچ جي ڳالهه ٿا ڪن ته يقينن نوجوانن کي پنهنجي نئريٽو جي سڃاڻپ جو ڏس ملي ٿو. امر سنڌو جڏهن سنڌي نياڻين ۽ عورتن جي آزاديءِ اظهار جو اظهار ڪري ٿي ته يقينن نوجوان نسل کي گس ملي پوي ٿو. امر سنڌو هڪڙي نينگريءَ جي اياز ميلي سان محبت جو ذڪر هيئن ڪيو ته اهي مون کان پڇن ٿيون ته جڏهن اياز ميلو ختم ٿيندو ته اسان ايندڙ سال واري اياز ميلي لاءِ ڏينهن ڳڻڻ جي شروعات ڪنداسين جيستائين 2022ع جو شيخ اياز ميلو منعقد ٿئي.
شيخ اياز ميلي جي جوڙجڪ يا ساخت سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ مناسب جڳهه نه هجڻ، ادبي سيشنن جو انگ گهٽ هجڻ يا هڪڙو ماڻهو ڪيترن ئي سيشنس ۾ وري وري نامزد ٿيڻ، موضوعن جي چونڊ جهڙا نقطا اٿاري سگهجن ٿا ۽ انهن تي نظر ثاني به ڪري سگهجي ٿي. ان کان وڌيڪ جيڪو چيو ويندو آهي ته ميلو سرڪاري اسپانسر ٿيل آهي ته سرڪار به ته عوام جي ووٽن سان ٺهيل آهي پوء ڀلي ووٽن جي نظام يا سرڪاري خلائي مخلوق طرفان پٺڀرائي تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو هر ڪنهن جو حق آهي پر اياز ميلي پاڻ ملهايو آهي ۽ سموري سنڌ جي نوجوانن توڻي قلم ڌڻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي.
ڊسمبر جي هڪڙي سڃاڻپ اداسي به آهي. ڊسمبر کي وڇوڙن جو مهينو به سڏيو ويندو آهي جنهن اسان کان شيخ اياز، سرمد سنڌي ۽ سموري دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪندڙ سنڌ ڄائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو وڇوڙو به آهي ۽ ايئن ڪيترائي وڇوڙا آهن، جيڪي ڳڻجن ٿا. انهن سمورين ڳالهين سان گڏ ڊسمبر اڪيلاين جو مهينو به آهي خاص ڪري يونيورسٽين ۾ سيميسٽر جا امتحان ٿي چڪا هوندا آهن، سيميسٽر جي پڄاڻيءَ جي ڪري هر ڪو پنهنجن ڳوٺن، شهرن ڏانهن هليو ٿو وڃي ۽ آخري سال وارا ته سدائين الوداع ڪري ويندا آهن ته اداسيون ڇانئجي وينديون آهن. اڄ پنهنجي شعبي ۾ وڃڻ ٿيو اتي ڪير به نه هو سواءِ چوڪيدار جي ته اتي هڪڙو پاس آئوٽ شاگرد پئي آيو. آئون حيران ٿي ويس ڪهڙي ڪم سانگي آيو آهي. ڏٺم پئي ته نوجوان هيٺ مٿي، هِتي هُتي چڪر پئي هنيا. پڇڻ تي ٻڌايائين ته يادون تازيون ڪرڻ آيو آهيان، ڪاريڊور، عمارت ۽ ڄامشوري جي زمين ڏسي روح کي راحت ملندي آهي، هتي وڃي اداس ٿي ويندا آهيون. ايئن سال جو مهينو ڊسمبر ويندي ويندي پنهنجو اثر ڇڏي ويندو آهي جيڪو سموري زندگي ذهنن تي ڇانيل هوندو آهي. شال سنڌ لاءِ، دنيا لاءِ ۽ سموري دنيا جي انسانن لاءِ نئون سال خوشين ۽ ڀاڳن وارو ٿي اچي ۽ نوان نينهن جا نياپا کڻي اچي ۽ جوانين لاءِ رستا هموار ڪري.