ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي ۽ معاشي ڪُن ۾ ڦاٿل ملڪ

Editorial- Article- Akhtar Hafeez

ملڪ جڏهن به ڪنهن سياسي ڪُن ۾ ڦاٿو آهي ته ان جو سبب اسٽيبلشمينٽ رهي آهي ۽ جيڪڏهن ان سياسي ڪُن مان جيڪڏهن ڪنهن ڪڍيو آهي ته اهي سياستدان ئي آهن. جيڪي اسٽيبشلمينٽ جي ڪيل گند کي صاف به ڪندا رهيا آهن ته پنهنجون جانيون به وڃائيندا رهيا آهن. جنرل يحيٰ خان شيخ مجيب کي ڳري اڪثريت هوندي به اقتدار حوالي نه ڪيو. هن ملڪ کي ٻه اڌ ڪرڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو پر اقتدار چونڊيل نمائندي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ذوالققار علي ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهندي، بچيل ملڪ جو اقتدار سنڀاليو پر پوءِ ساڻس ڪهڙو حشر ٿيو، ان کان پاڻ سڀ واقف آهيون. جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار جي لالچ ۾ نه پوي ها ته شايد هو ائين بيدرديءَ سان قتل نه ٿئي ها.
هن وقت ملڪ جي معاشي صورتحال ته نازڪ آهي پر سياسي صورتحال ان کان به وڌيڪ نازڪ آهي. هڪ پاسي “ڪمپني بهادر” نواز شريف کان پلاند ڪرڻ لاءِ عمران خان نيازي جهڙي سيکڙاٽ کي اقتدار جو تاج پارائي ڇڏيو پر مسئلو اهو آهي ته تاج پائڻ سان هر ماڻهو بادشاهه نٿو ٿي سگهي. تاج پائڻ کان پوءِ ملڪي مامرا ڪيئن هلائبا آهن، اها ساڃاهه ڪٿان اچي. سو رڳو ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪي معيشت جي حالت اها وڃي ٿي آهي جو ائٽمي پروگرام به قرض وٺي هلائڻو ٿو پوي. ظاهر آهي جڏهن 22 ڪروڙ ماڻهن لاءِ 8 لک فوج هجي ته ان جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ به پئسو کپي ۽ اهو پئسو جڏهن اچڻ بند ٿي وڃي ته ماڻهن تي هڪ حد تائين ٽيڪس هڻي ته اهي خرچ پورا ڪري سگهجن ٿا پر اهي خرچ وڏي وقت تائين پورا نٿا ڪري سگهجن. حڪومت عوام کي ڏٽا ڏئي اهو ته چئي سگهي ٿي ته ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي پر “ڪمپني بهادر” کي اها ڳالهه سمجهائڻ بنهه ڏکي آهي. تنهنڪري معاشي معاملو رڳو عوام ۽ ملڪ جي ترقياتي رٿائن سان واڳيل ڪونهي بلڪه ملڪي دفاع سان واڳيل آهي.
عمران خان نيازيءَ جي تجربي کان پوءِ اهو ته طئي ٿي ويو آهي ته چري کي چوڙو هٿ اچي وڃي ته اها ڇا ڪندي آهي. ان ڪري هن تجربي مان اسٽيبشلمينٽ لاءِ وڏو سبق آهي. پر جيڪڏهن اها پنهنجن غلطين مان ڪجهه سکڻ کان نابري واري ويٺي آهي ته پوءِ ڪير به سندس ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن سياسي معاملا به غيرسياسي ادارا هلائڻ لڳن ته پوءِ ملڪ جو حشر ههڙو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو هن وقت پاڪستان جو آهي. نواز شريف کي سزا غلط آئي هئي، ان کان ته اسين سڀ واقف آهيو پر هاڻ به نواز شريف کي هن ملڪ لاءِ هڪ سٺو آپشن آهي، جيڪو نه رڳو پنهنجي موقف تي قائم آهي پر ان سان گڏ هو اهو مڃرائڻ ۾ به ڪامياب ويو آهي ته هن جهڙي ريت ملڪي معاملا هلايا پئي اهي بهتر هئا. هيستائين ڪيترائي ڳجها ماڻهو لنڊن ياترا ڪري چڪا آهن، جيڪي نواز شريف کي پرچائڻ ۾ لڳا پيا آهن. پهرين ته اهو چيو ويو ته ايندڙ وزير اعظم لاءِ شهباز شريف کي نامزد ڪيو ويندو پر جڏهن ڳالهيون اڳيان وڌيون ته هاڻ اهو پيو چيو وڃي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو به وزير اعظم ٿيندو . پر ان لاءِ اها ضمانت گهري پئي وڃي ته هو پنهنجن مخالفن کان پلاند نه ڪندو ۽ انهن کي ڇوٽ ڏئي ملڪي معاملن کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيم سان ڪم ڪندو رهندو. ظاهر آهي جڏهن نواز شريف کان ڪا ضمانت گهري پئي وِڃي ته نواز شريف به ڪي ضمانتون ضرور چاهيندو هو. جن مان پهرين ته اها آهي ته سندس اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اقتدار خلاف سازشون نه ڪيون وينديون ۽ اقتدار کسيو نه ويندو. ان کانپوءِ سندس سزائون ختم ڪيون وينديون. جڏهن کيس غلط طريقي سان سزائون ڏيارڻ جو رستو ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪڍي سگهي ٿي ته پوءِ کيس صحيح نموني آزاد ڪرائڻ جو طريقو به اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪڍڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي.
پر اڃا به ڪن ڳالهين تي ڊيد لاڪ برقرار آهي. تنهنڪري ڊيڊ لاڪ جو ڪوهيڙو ختم ٿيڻ کان پوءِ ئي ڪو چٽو رستو نظر ايندو ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ملڪي مشينري ڪم کي جنبي ويندي. پر ان سڄي معاملي ۾ پيپلز پارٽي به پنهنجو وارو وڄائڻ ۾ لڳي پئي آهي. هڪ پاسي ته “ڪمپني بهادر” نواز شريف کي هن سڄي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ميِڙ منٿ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پنهنجي پر ۾ خوش ٿي رهي آهي ۽ ڪارڪن کي وڏي واڪي چئي رهي آهي ته اهي تياري ڪن. جڏهن ته حڪومت خلاف تحريڪ ۾ هيستائين پيپلز پارٽي ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو. شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي جيڪي ڪجهه بلاول ڀٽي زرداري ڳالهايو آهي، ان وسيلي هن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو بس هڪ اشاري سان حڪومت کي ڪيرائي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت ۽ رياست آءِ ايم ايف جي غلام بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن اهڙي ريت ڪٺ پتلي نالائق حڪومت ملڪي معيشت هلائيندي ته ملڪ جون حالتون ڪڏهن به نه سڌرنديون، هاڻي هڪ ئي رستو، منشور ۽ سياسي فلسفو آهي جنهن ۾ عوام جو ڀلو آهي، اهو قائد عوام جو منشور آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو نظريو آهي. شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ جيالا هن وقت ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڏانهن وانجهائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان کي ڪير اچي بچائيندو ۽ ڪير شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو واعدو ۽ خواب پورو ڪرائيندو؟ هن چيو ته هاڻي اسان پاڪستان جي عوام جي پريشاني، بيوسي نٿا ڏسي سگهون ۽ هاڻي جيالا ئي عوام کي ان مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهندا، هاڻي عوام تياري وٺي. اسان عوام جي طاقت جي زور تي هن ڪٺ پتلي نااهل جو مقابلو ڪري هن کي حڪومت مان ٻاهر اڇلائينداسين. هن ڪٺ پتلي حڪومت کي ڪيرائڻ لا جيڪا همت ۽ طاقت واري پارٽي آهي ته اها پاڪستان پيپلزپارٽي ئي آهي، هاڻي جيالا تياري وٺن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو پيغام پهچائڻو آهي ته جنهن ڇت مٿان پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو لهرائيندو هو، هاڻي ٻيهر ان ئي ڇت مٿان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو جهنڊو لهرائڻو پوندو. جنهن جنهن گهر مان جيئي ڀٽو ۽ جيئي بينظير جا نعرا لڳندا هئا هاڻي وري ٻيهر انهن ئي گهرن مان جيئي ڀٽو ۽ جيئي بينظير جا نعرا هڻائڻا پوندا ۽ ڪم رڳو پيپلزپارٽي جا جيالا ئي ڪري سگهندا. منهنجو اوهان لاءِ اهو پيغام آهي ته اڄ جيڪي مختلف ميڊيا تي ڊيل ڊيل جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي ئي 2007ع ۾ شهيد بيبيءَ تي الزام لڳا ته بيبي ڊيل پئي ڪري پر پيپلزپارٽي ڪنهن به ڊيل تي يقين نٿي رکي ۽ جيڪا پارٽي ڊيل تي يقين رکندي آهي. ان جي شهيدن جا قبرستان نه ٿيندا آهن ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جو قبرستان شاهد آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي طاقت جي سرچشمي عوام تي يقين رکندي آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي غير جمهوري رستو اختيار نه ڪندي آهي نه ئي غير جمهوري سياست ڪندي آهي، اسان جي ڊيل شهيدن جي قبرستان سان آهي، اسان جي ڊيل عوام سان آهي، اسان هاڻي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهچنداسين. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جيالن کي پيغام آهي ته تياري وٺن، مان پنجاب، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، بلوچستان، ڪشمير سميت پوري ملڪ جو دورو ڪري انهن وٽ پهچي ويندس. جتي مان نه پهچي سگهيس اتي صدر زرداري پهچندو ۽ جتي صدر زرداري نه پهچي سگهيو ته اتي فريال ٽالپر پهچندي ۽ جتي فريال ٽالپر نه پهچي سگهي ته آصفه بيبي پهچندي. هاڻي هن ڪٺ پتلي حڪومت خلاف اعلان جنگ جو وقت اچي چڪو آهي. انشاءَ الله 5 جنوري تي شهيد ڀٽو جي سالگرهه جي ڏينهن جنهن لاهور شهر ۾ پيپلزپارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو هو، اتي سي اي سي جي اجلاس ۾ ڪٺ پتلي حڪومت خلاف سخت فيصلا ڪنداسين. هاڻي هر ميدان تي ڪٺ پتلي حڪومت کي شڪست نصيب ٿيندي. سينيٽ، باءِ اليڪشن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ به ڪٺ پتلي کي شڪست ملي چڪي آهي. هاڻي ڪٺ پتلي کي ڪو نٿو بچائي سگهي، جيالا تياري وٺن، ايندڙ اليڪشن اوهان جي حق ۾ هوندي، ملڪ جو وزيراعظم به اوهان جو هوندو ۽ صوبن جا وزيراعلى به اوهان جا هوندا.
ڪاش پيپلز پارٽي ان قابل هجي ها جو اها عوام جي طاقت سان هاڻوڪي حڪومت کي شڪست ڏئي سگهي ها. هن وقت ماحول پيپلز پارٽيءَ لاءِ نه پر نواز ليگ لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ ته اڄ به نواز ليگ لاءِ سخت ٻولي ڳالهائي ٿي. تنهنڪري پيپلز پارٽي رڳو ايندڙ وقت ۾ سنڌ حڪومت ئي قائم ڪري سگهي ته بهتر آهي. ائين نه ٿئي جو اتي به اقتدار تحريڪ لبيڪ ۽ جي يو آءِ (ف) حوالي ٿي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button