ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رياست سان راند؟

Editorial-Article- Umer Qazi

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف نه صرف ملڪ موٽڻ جو اشارو ڏنو آهي پر هن جي پاران اهڙا افواهه به اٿاريا پيا وڃن ته سندس ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ٿي وئي آهي ۽ هن تان نه صرف سمورا ڪيس ختم ڪيا ويندا پر هن کي چوٿون ڀيرو به ملڪ جو وزير اعظم ڪيو ويندو. جيڪڏهن ميان نواز شريف کي واپس ورڻو آهي ته هو ان جو آفيشل اعلان به ڪري سگهي ٿو پر ان قسم جا افواهه اٿارڻ جو مقصد حڪومت کي پريشان ڪرڻ ۽ رياست سان راند کيڏڻ جي برابر آهي. ميان نواز شريف کي معلوم آهي ته ڪا به حڪومت سياسي بحران نه چاهيندي آهي. جيڪڏهن ميان نواز شريف واپس وريو ته ملڪ جي سياسي فضا ۾ سرگرمي پيدا ٿي ويندي ۽ هڪ قسم جو هيجان جنم وٺندو. ان ڪري حڪومت اهو ئي چاهيندي ته اهڙو لڙ نه هجي ته چڱو! جڏهن ته ميان نواز شريف جو اصل حدف حڪومت نه پر رياست آهي. ڇو ته هن مهل تائين هن ملڪ کان ٻاهر ويهي جيڪي به تقريرون ڪيون آهن، اهي حڪومت جي خلاف گهٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف وڌيڪ آهن. ان قسم جا افواهه اٿاري ميان نواز شريف اصل ۾ رياست جو ري ايڪشن ڏسڻ چاهي ٿو ته رياست جي دماغ ۾ هن جي لاءِ هن مهل ڪهڙي ڪيفيت آهي؟

حڪومت پاران هن جي بيان کان هڪ قسم جي گهٻراهٽ محسوس ڪئي وئي آهي. هڪ طرف تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اهو اعتراض آهي ته ميان نواز شريف بيماريءَ جو ڪوڙو بهانو بڻائي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ ٻي طرف هوءَ نواز شريف جي واپسيءَ ۾ ناخوش ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته حڪومت جو اهڙو ٻٽو ردعمل هن جي خوف جو اظهار آهي. حڪومت کي اهو معلوم به آهي ته ميان نواز شريف سکن جو عادي آهي. هو پنهنجي مخصوص انداز کان سواءِ رهي نه سگهندو آهي. هن کي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ هيترا جتن ڪرڻا پيا ۽ اسان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو “پليٽيليٽس جي پاليٽڪس” ڏٺي ته هو اهڙي ماحول ۾ پاڻ کي ڪيئن ڦاسائيندو؟ اهو ته سنئون سڌو حڪومت کي اهو چوڻ هوندو ته “آ بيل مجهي مار” ميان نواز شريف بيان ڀلي ڪهڙا به جاري ڪري ۽ هن جون دعوائون ڪهڙيون به هجن پر هن کان ڪڏهن به سختي برداشت نه ٿيندي آهي. اهو جگر صرف ڀٽي خاندان کي حاصل آهي ته هو جيڪي به سور ۽ سختيون آهن، انهن کي صبر سان ۽ فخر سان سهي ويندا آهن. ميان نواز شريف جي پوري سياسي تاريخ اسان جي اکين آڏو آهي. هو ته ڪڏهن مصيبتن واري ماحول ۾ رهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي.

ميان نواز شريف جي حڪومت کي جهڙي طرح پرويز مشرف پنهنجي پوري طاقت سان هٽايو هو ۽ هن کي محسوس ڪرايو هيائين ته هو ڪا به اهميت نه ٿو رکي. هن جي پوري خاندان جي مٿان جيڪا سختي پرويز مشرف ڪئي هئي، اها ٻيو ڪنهن به نه ڪئي. ان مهل ته ميان نواز شريف جي عمر به هئي ۽ هن جي صحت بهتر هئي. اهڙي ماحول ۾ به جڏهن هو پنهنجي پوري خاندان سميت عرب سرزمين طرف هليو ويو ۽ هن سڄي ملڪ جي سامهون هن جهڙي طرح پرويز مشرف جي آمريتي حڪومت سان ڊيل ڪئي، اها پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به فراموش نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن هن ۾ ڀٽي خاندان جهڙي بهادري هجي ها ته هو به ملڪ ڇڏڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ مرڻ پسند ڪري ها پر هو ڪنهن به صورت ۾ ڪا سختي سهڻ جي لاءِ تيار نه هئا. هن مهل به ان قسم جا افواهه ڇڏي ميڊيا ۾ پنهنجو ذڪر وڌائڻ واري جيڪا ڪوشش ٿي رهي آهي، ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

عمران خان جي حڪومت ايترو وقت هلي آهي ته ايندڙ وقت به ڪڍي ويندي. مسلم ليگ ن سان مسئلو اهو آهي ته هن کي ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ پنهنجي لاءِ حصو پتي گهرجي. مسلم ليگ ن اهو بلڪل به نه ٿي چاهي ته ڪو حڪومت کي هٽائي ٻي قسم جو سيٽ اپ آڻجي. جيڪڏهن مخالف ڌر کان پڇيو وڃي ته ڇا وقت کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرائجي ته اها به نهڪر ۾ جواب ڏيندي. ڇو ته جيڪا به صورتحال هن مهل موجود آهي، ان ۾ مخالف ڌر چونڊن جهڙي مرحلي جي لاءِ هرگز به تيار ناهي. مخالف ڌر ان قسم جون ڳالهيون ڪري پنهنجو وقت گذاري رهي آهي. جڏهن چونڊون ويجهو آيون ته مخالف ڌر جا نمونا ئي ٻيا هوندا. ان مهل ان جا لفظ ۽ هن جو لهجو ئي تبديل ٿيل هوندو. ان مهل هوءَ اها ڪجهه نه چوندي، جيڪو ڪجهه هن مهل چئي رهي آهي. مخالف ڌر کي به معلوم آهي ته جن فردن جي خلاف ميان نواز شريف نالو کڻي ڳالهايو آهي، انهن جي هوندي ته ميان نواز شريف ڪڏهن به واپس وري نه ٿو سگهي. جيڪڏهن هو واپس ورندو ته هن کي سختيون سهڻيون پونديون. جيڪڏهن هو هڪ ڊيل جي ذريعي موٽڻ گهري ته پوءِ هن کي اڃان ڪافي وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇو ته جيڪڏهن ڊيل ٿي ۽ اها ٿي به سگهي ٿي. ڇو ته پاڪستان ۾ سدائين ڊيلون ٿينديون رهيون آهن ۽ اسان جو ملڪ سياسي طور تي اهڙي صورتحال ۾ ناهي، جنهن ۾ ڊيل ٿي سگهڻ ڪو عجيب عمل محسوس ٿئي. هن مهل تائين ملڪ جو عوام سياستدانن ۽ اسٽيبلشينٽ جي وچ ۾ هلندڙ اها راند ڏسندو آيو آهي ۽ عوام ان جو ڪنهن حد تائين عادي به ٿي ويو آهي ۽ ملڪي سياست جي ميدان تي هن مهل ڪا اهڙي ڌر به ناهي، جيڪا اهڙي صورتحال کي للڪاري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ اکيون وجهي چوي ته هوءَ قانون کان هٽي ڪا به ڊيل برداشت نه ڪندي. ڇو ته مخالف ڌر جو هڪ حصو ته مسلم ليگ ن آهي ۽ مخالف ڌر جو ٻيو حصو اها پيپلز پارٽي آهي، جيڪا هن مهل ملڪي حڪومت ان ڪري گهري رهي آهي ته جيئن هن کي سنڌ سرڪار اڳين ڀيري به حاصل هجي. جيڪڏهن مسلم ليگ ن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪا ڊيل ٿئي ٿي ته ان تي پيپلز پارٽيءَ پاران ڪو خاص احتجاج نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ان پارٽيءَ ٿورو گهڻو گوڙ ڪيو ته ان جو سبب اهو هوندو ته اسان کي به ڊيل ۾ شامل ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿيندي ته اها صرف مسلم ليگ ن جي لاءِ نه هوندي پر اها ملڪ جي مجموعي پارٽين لاءِ هوندي. ان ڊيل ۾ ڇا متحده ماٺ رهندي؟ متحده جهڙين پارٽين جي لاءِ ان قسم جا موقعا عيد جهڙا هوندا آهن ۽ هو ان صورتحال جو ڀرپور فائدو وٺنديون آهن.

ملڪي اسٽيبلشينٽ ان ڪري ڪنهن به پارٽيءَ سان ڊيل ڪندي ڊڄندي آهي ته پوءِ سڀني جا وات کلي ويندا ۽ سڀني کي خوش ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي. اسان وٽ سياست هونءَ به بليڪ ميلنگ جو بهترين نمونو هوندي آهي. اسان وٽ سياست کي سدائين پنهنجن مفادن جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري حاصل ڪيو ويندو آهي. هن مهل به آصف زرداري جهڙي ريت پنهنجي سرگرمي شروع ڪئي آهي، ان مان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هن کي ڪا نه ڪا پڪ ملي آهي ته کيس ڪجهه به نه ڪيو ويندو. جڏهن به ڪرپشن جي ڪيس ۾ ڦاٿل ڪنهن سياستدان کي ان قسم جو چانس ملندو آهي ته اهو ان مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. آصف زرداري به هن مهل اهو ئي ڪجهه ڪري رهيو آهي.

آصف زرداريءَ کي منهن ڏيڻ اسٽيبلشينٽ ته ڇا پر حڪومت جي لاءِ به تمام گهڻو آسان آهي. اصل ڳالهه ان ميان نواز شريف جي آهي، جنهن کي نه صرف ڪيسن مان ڇوٽ پر حڪومت جو وڏو حصو به گهرجي. ان سلسلي ۾ ميان نواز شريف ٻاهر ويهي پنهنجي سياسي جياپي جي لاءِ ان قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي، جن سان حڪومت ۾ ڦڙڦوٽ پئي. جڏهن ته حڪومت کي ان قسم جي بيانن جو گهڻو نوٽيس وٺي پنهنجي سياسي ساک کي صفا ڪمزور بڻائي پيش ڪرڻ واري غلطي نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ميان نواز شريف جو موڊ اڃان ڪجهه ٻيو آهي. اڃان تائين ته ميان نواز شريف جو سڀ کان سگهارو سياسي اتحادي مولانا فضل الرحمان ميدان ۾ نه لٿو آهي ۽ هن مهل ته پي ڊي ايم جي به سرگرمي سستيءَ جي طرف مائل آهي. جيڪڏهن ميان نواز شريف واقعي به اچڻو هجي ها ته هن مهل پي ڊي ايم جي پليٽ فارم کي تمام گهڻو گرمايو وڃي ها ۽ ميان نواز شريف فوري طور تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جا اجلاس لنڊن ۾ گهرائڻ شروع ڪري ها. ڇو ته مسلم ليگ ن جي پهرين ۽ ٻي قيادت ايتري امير آهي جو هن لاءِ لنڊن اچ وڃ ڪرڻ ۽ اتي ڪافي وقت تائين ترسي پوڻ به ڪو مسئلو ناهي. پر جڏهن ان قسم جو ڪم آهي ئي نه ته پوءِ اها ٻاهر وڃي ڇا ڪندي؟

ميان نواز شريف جي پاران ان قسم جا اشارا ڪرڻ سبب حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ايترو گهڻو پريشان ناهي، جيتري پريشاني انهن حلقن کي آهي، جن ميان نواز شريف جي ان بيان تي اعتبار ڪيو هو ته هو هاڻي هڪ نظرياتي سياستدان آهي ۽ هاڻي هو ڪنهن به قيمت تي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو سمجهوتو نه ڪندو. جن سياسي ماڻهن ميان نواز شريف جي ان بيانيي تي اعتبار ڪيو، انهن کي تمام گهڻي تڪليف آهي ۽ هو سوچي رهيا آهن ته جيڪڏهن ميان نواز شريف ايئن ڪيو ته پاڪستان ۾ سولين بالادستيءَ جي اميد هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. جن سياسي دماغن ميان نواز شريف جي اهڙي موقف تي اعتبار ڪيو، انهن کي ان قسم جي صدمي مان گذرڻو ئي پوندو. ڇو ته انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اقتداري سياست جا رانديگر ڪڏهن به اهڙا عمل نه ڪندا آهن، جيڪي انهن کي “تخت يا تختي” مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرائين. هن مهل ملڪ جي سياسي افق تي ڪنهن تڪڙي ڊيل جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وانگر اسان جي انهن باشعور سياسي فردن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جيڪي ميان نواز شريف پاران اٿاريل افواهن جي واچوڙن کي ڏسي گهڻو پريشان ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button