ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا حڪومت جي موڪلاڻي پئي ٿئي؟

Editorial-Article- Asar Imam

ڊگهي عرصي کان خيبرپختونخواه وارو صوبو تحريڪِ انصاف جو ڳڙهه رهيو آهي. يا جنهن کي عرفِ عام ۾ تحريڪِ انصاف جو قلعو چيو ويندو آهي پر اتي مڪاني حڪومتن جي چونڊن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن ۽ اتي تحريڪِ انصاف جي جهڙي نموني هارَ ٿي آهي تنهن کي ڏسي لڳي ٿو آصف زرداريءَ جا اهي لفظ سچا ثابت ٿيڻ پيا وڃن ته تحريڪِ انصاف خيبر پختونخواه کان اقتدار ۾ آئي هئي ۽ اتي ئي سندس اقتدار پڄاڻيءَ کي پهچندو. ٻيو ته ٺهيو وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن به پنهنجي پنهنجي تڪ جون مڪاني چونڊون هارايون آهن. تحريڪِ انصاف پشاور جي ميئر جي سيٽ به هارائي صوبي جي ٽيون نمبر پارٽي بڻجي وئي آهي. پشاور جي ميئر جي سيٽ هارائڻ کي دشمنن توڙي دوستن پاران پارٽيءَ جي تمام وڏي ناڪامي ڳڻيو پيو وڃي.
ان ناڪاميءَ جا سبب مختلف بيان ڪيا پيا وڃن ۽ ظاهر آهي ته سبب مختلف ٿي به سگهن ٿا. مثال طور پاڻ عمران خان صاحب جو چوڻ هو ته اميدوار سٺا نه بيهاري سگهياسين، ان ڪري هارايوسين. سندس پارٽيءَ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن وري پارٽيءَ ۾ موجود اندروني ڏڦيڙ کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته جڏهن ساڳي تڪ ۽ سيٽ تي اسان جي پارٽيءَ جا چار چار اميدوار بيهجي ويا ته پوءِ ظاهر آهي هارائڻ ته يقيني بڻجي ويو نه. اهڙي ريت ڪجهه وڌيڪ بهادر ۽ سچار انصافي به هئا جن چئي ڏنو ته اسان خراب حڪمراني ۽ حد کان وڌيڪ مهانگائيءَ جي ڪري شڪست کاڌي آهي. ڪجهه به هجي، اهي سمورا عذر اهو ئي بيان ڪن ٿا ته تحريڪِ انصاف جي ڪُنيءَ ۾ جيڪي ڪجهه هو اهو پاٽ ۾ پئجي چڪو آهي. ڊاڙ ٺڪاوَ هڻڻ لاءِ ٽن سالن جو عرصو ڪافي هو. ماڻهن نيٺ اهو سوچڻ شروع ڪري ڏنو ته عمل ڪڏهن ٿيندو؟ حڪومت کين ڪجهه ڏيڻ جي موڊ ۾ به آهي يا رڳو ڏٽا پئي ڏيندي؟ حقيقت اها آهي ته حڪومت نه عوام آندي هئي نه عوام لاءِ آئي هئي. اها جن آندي هئي انهن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ويو. ڳري دفاعي بجيٽ جو سوال پورو ڪيو ويو. من پسند مقرريون بدليون ڪيون ويون. شين جا اگهه آسمان تي چاڙهيا ويا ته جيئن سرمائيدار ۽ واپاري به ڪمائي وٺن. مٿان وري ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي اجازت ڏئي هيٺئين سطح جي واپاري برادريءَ کي به ان گنگا منجهان هٿ ڌوئي وٺڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. 2018ع جي عام چونڊن دوران خان صاحب جنهن جهانگير ترين جي هيلي ڪاپٽر کي رڪشو سمجهي وتي پيو ڊوڙائيندو، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان ترين کي به مزو وٺرائڻو هو ته جيئن سندس ٿڪَ لهي وڃن.
خيبرپختونخواه وارن جيتوڻيڪ رجعت پرستيءَ جي متبادل طور وڌيڪ رجعتي جماعت کي چونڊيو آهي، بهرحال اسان جو سلام آهي خيبرپختونخواه جي عوام کي جنهن صوبائي حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ تي ڪيسيٽ جو پاسو مٽائڻ کي ضروري سمجهيو. اسان سنڌين جي ته پيپلز پارٽيءَ سان اهڙي لنئون لڳي وئي آهي جو “جيها جي تيها، مون مارو مڃيا” وانگر حڪمراني ڀل ڪيڏي به خراب ڇو نه هجي پر اسان پيپلز پارٽيءَ جو متبادل آڻڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون. پختونخواه جي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڀاڳين جو ڀلو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن چور پاڻ ۾ وڙهن پر جيڪڏهن چورن جو پاڻ ۾ ٺاهه لڳو پيو هوندو ته سمجهو ڀاڳين جو خير ڪونهي. سنڌ اندر جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي ٿورو به کٽڪو هجي ته ماڻهو کين ووٽ نه ڏيندا ته اها صوبي ۾ حڪمرانيءَ کي ڪجهه نه ڪجهه بهتر بڻائي پر جيئن ته اهڙي ڪا ڳڻتي ڪانهي، ان ڪري هر سال جيان هن سال به ساڳي پارٽي، ساڳيا چهرا، ساڳيا واعدا، ساڳيون تقريرون ايتري تائين جو شهيد به ساڳيا ڏيکاريون پيپلز پارٽيءَ وارا ووٽ وٺيون ٿا وڃن.
پاڪستان ۾ جمهوريت ڏانهن واپسيءَ کي تيرهن سال گذري چڪا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڃان تائين آئين ڏانهن واپسي، آئين سان وفاداري ۽ سياسي پارٽين جو جمهوري سوال تي متفق ۽ متحد هجڻ نظر نه پيو اچي. اهڙي نموني اسين مڃيون ٿا ته هن ملڪ ۾ چونڊن کي به ڌانڌليءَ جي مختلف شڪلين ذريعي بدلايو ۽ پنهنجي قبضي ۾ رکيو وڃي ٿو پر ان سموري منفي صورتحال جي موجودگيءَ ۾ به هڪڙي مثبت ڳالهه اها آهي ته پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ کان پوءِ ووٽر آزاد هوندو آهي. جيڪڏهن اهو چاهي ته سياسي انجنيئرنگ ڪندڙن کي ڇرڪائي به سگهي ٿو.
موجوده حڪومت صوبائي خودمختياري جي بلڪل خلاف آهي. اها معاشي بدانتظامي ان سطح تائين ڦهلائي چڪي آهي جو جيڪا مني بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اها پيش ۽ منظور ڪئي وئي ته يقين ڪريو پاڪستاني عوام لاءِ 2022ع جو سال ايترو خراب ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيڻو آهي جيترو 2021 به نه هو. ماڻهو اهو سمجهڻ شروع ڪندا ته 2021ع ۾ ته اهي باقاعدي عياشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا. اهو سٺو آهي ته خيبرپختونخواه ۾ مڪاني حڪومتن جون چونڊون هارائڻ کان پوءِ پاڻ تحريڪِ انصاف جا پارليامينٽيرين به اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيا آهن ۽ جناب اسپيڪر کي اڻ پورو ڪورم بار بار ڪکي ٿو. حڪومتي چونڊيل نمائندا به سرڪار پاران پيش ٿيندڙ ڪنهن نئين بل تي منظوريءَ جي مهر هڻڻ کان لنوائي رهيا آهن. اصل ۾ تحريڪِ انصاف جي حڪومت آءِ ايم ايف جي سامهون جيڪي شرط قبولي آئي آهي انهن ۾ اهو به شامل آهي ته اسٽيٽ بينڪ کي خزاني واري وزارت جي ڪنٽرول کان آجو ڪري سڌو سنئون آءِ ايم ايف جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويندو ۽ نوان ٽيڪس لاڳو ڪري ٽيڪس ڇوٽ بلڪل ختم ڪئي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ عام استعمال جون شيون اڃان وڌيڪ مهانگيون ٿينديون. حڪومت اهي ٻئي بل اسيمبليءَ ۾ آڻڻ لاءِ مجبور آهي ڇاڪاڻ ته اها به آءِ ايم ايف جي فرمائش هئي. ان ڪري جو جيڪڏهن حڪومت جي خيال موجب رڳو صدارتي آرڊيننس ذريعي ئي ڪم هلايو وڃي ها ته پوءِ آرڊيننس جو مدو ته رڳو چار مهينا کن هوندو آهي، جنهن کان پوءِ ان کي يا ته پارليامينٽ کان منظور ڪرائڻو پوندو يا وري ٻيهر آرڊيننس جاري ڪرائڻو پوندو. ان ڪري آئيني ماهرن چواڻي جيڪڏهن اهو مالياتي بل پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن منجهان رد ٿي وڃي ٿو ته ان جو مطلب حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار ورتو ويندو. جنهن کان پوءِ حڪومت کي يا ته ايوان ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي يا وري معاملو نئين سر چونڊن ڏانهن هليو ويندو. ان سموري تناظر ۾ وفاقي ڪابينا انهن ٻنهي بلن کي في الحال اڻ ڄاتل مدي تائين پاسي تي رکيو آهي. ان ڪري نه ته اهي انهن بلن کي غلط يا برو ٿا سمجهن پر ان ڪري جو کين خوف آهي ته بل رد نه ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته خيبرپختونخواه جي بلدياتي چونڊن دوران اهي ڏسيون ويٺا آهن ته غيبي هٿ سندن مدد لاءِ اڳيان نه آيو جيئن اهو ان کان اڳ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ 33 بل منظور ڪرائڻ لاءِ سهڪاري بڻيو هو. سو، حڪومت سمجهي ٿي ته جيڪڏهن هن ڀيري اهڙي مدد نه ملي ته پوءِ اسان کي اسلام آباد ڇڏڻو پئجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اڃان به عمران خان جي حڪومت کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ حڪومت موجوده بحران منجهان به نڪري ويندي ۽ پنهنجو مدو پورو ڪندي. پر جيڪڏهن اها ائين ئي پاسيري رهي ته پوءِ حڪومت کي گهر وڃڻو ئي پوندو. ٿورڙا امڪان ان جا به آهن ته متان حڪومت به ڪاوڙ ۾ اچي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ڪو قدم کڻي وجهي جهڙوڪ: اسٽيبلشمينٽ جي قيادت کي بدلائي پنهنجي ڪنهن سهڪاري شخصيت کي قيادت سونپي پر ان صورت ۾ تمام وڏي فساد جا امڪان چِٽا ٿي ويندا ۽ آخري فتح وري به اسٽيبلشمينٽ جي ٿيندي. مخالف ڌر البت ان جو انتظار نه ٿي ڪرڻ چاهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان بيهندي يا نه؟ اها اهو انتظار به نه ٿي ڪرڻ چاهي ته خان صاحب خاموشيءَ سان بني گالا هليو ويندو يا کيس عدم اعتماد جي رٿ ذريعي موڪلڻو پوندو. مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جا گڏيل ۽ ڌار ڌار منصوبا پيش ڪري چڪيون آهن. پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيرِ اعظم رهندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي چوڏهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي سندس فرزند ۽ سياسي جانشين بلاول ڀُٽي به چيو ته سندس پارٽي موجوده حڪومت جي خاتمي جي تحريڪ 5 جنوريءَ کان شروع ڪرڻ واري آهي. اها تحريڪ لاهور منجهان شروع ٿيندي. لاهور اهو تاريخي شهر آهي جتي پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو هو ۽ پنج جنوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏهاڙو به آهي.
جنوري 2022ع ۾ ميان نواز شريف جي وطن واپسيءَ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ۽ شيخ رشيد احمد جهڙي ماڻهوءَ کي به محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ دوائون واقعي مهانگيون ٿي ويون آهن. سو، ان ڳالهه جا امڪان چِٽا آهن ته نئون سال نئين سياسي راند جو سال آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button