اعجاز منگي
ملڪ جو عوام تازو پيش ٿيل عام بجيٽ جو بار نه کڻي سبب چنگهي چڻي رهيو آهي ته وزير اعظم ڪابينا کان مني بجيٽ پيش ڪرڻ جي منظوري وٺي ڇڏي آهي. هر حڪومت جي ڪابينا جيان هن حڪومت جي ڪابينا کي اها همت ڪيئن ٿيندي ته اها سرڪار جي سرواڻ سامهون سينو ساهي سگهي؟ پاڻ پاڪستان جي غريب عوام جو نمائندو ڪوٺيندڙ شيخ رشيد نه رڳو مني بجيٽ جي حق ۾ راءِ ڏني آهي پر هن ميڊيا معرفت پنهنجي هڪ بيان جو ميزائل به فائر ڪندي چيو آهي ته “مني بجيٽ پيش ٿيڻ سان ڪا قيامت نه ايندي”
وزارت وڃائڻ جي خوف ۾ ڏڪندڙ وزير پنهنجي وزيراعظم سان اختلاف جي جرئت ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن انهن جو وزارت کان سواءِ ٻيو ڪو سياسي وزن ئي نه هجي. ان کان سواءِ هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومتن جي ڪابينائن ۾ ويٺل وزير ايترا ته امير هوندا آهن جو انهن کي ملڪ ۾ٿيندڙ مهانگائي متاثر نه ڪندي آهي. اڪثر طور تي اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته اهي وزير پنهنجن خاندانن معرفت اهڙا ڪاروبار ڪندا آهن، جن جي ذريعي مهانگائي انهن جي لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو بڻجي ويندي آهي. ان ڪري حڪومت جي ويجهن حلقن کي معلوم آهي ته مهانگائي ڪهڙي پکيءَ جو نالو آهي؟
عوام کي پتو آهي ته مهانگائي ڪهڙي پکيءَ جو نالو آهي؟ عوام کان پڇو ته مهانگائي ڪهڙي پکيءَ جو نالو آهي؟ عوام توهان کي ڏسي سگهي ٿو ته مهانگائي ان گرڙ پکيءَ جو نالو آهي، جيڪو پنهنجا ٻچا به ڳڙڪائي ويندو آهي. هن مهل عوام جو وجود ان موتمار پکيءَ جي پنجن ۾ آهي. مهانگائيءَ جو گرڙ پکي عام داڻو نه کائيندو آهي. اهو ماڻهن جون دليون ۽ انهن جا دماغ چڳندو آهي. مهانگائيءَ جي گرڙ پکيءَ جي بک ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي. هن مهل ته ملڪ جي پوري عوام کي محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان مرسڊيز بينز يا هيلي ڪاپٽر تي نه پر مهانگائيءَ جي گرڙ پکيءَ تي ويهي اقتدار ۾ آيو هجي.
چين جي لوڪ ڪهاڻين ۾ انهن اڏامندڙ ازداهائن جو تذڪرو عام جام هوندو آهي، جن جي وات ۾ باهه جا الا نڪرندا آهن ۽ اهي هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندا آهن. ڪجهه وقت اڳ ۾ ايڇ بي او چينل تي هلندڙ ٽي وي ڊرامو “گيم آف ٿرونز” ۾ انهن ازدهائن کي ڀرپور طور پيش ڪيو ويو هو. اڄ عوام محسوس ڪري رهيو آهي ته ان جي مٿان ازدها لامارا ڏئي رهيا آهن ۽ نه صرف لامارا ڏئي رهيا آهن پر پنهنجن شعلن سان انهن کي جلائي به رهيا آهن. عوام مهانگائيءَ جي باهه جو لقمو بڻجي رهيو آهي. ممڪن آهي ته هن سخت سياري ۾ پڙهندڙن کي باهه جو لفظ پيارو لڳي پر اها باهه جيڪا گهر ٻار جلائيندي آهي، اها ڪڏهن به پرڪشش نه لڳندي آهي. پوءِ ڀلي اها سرديءَ جي باهه ئي ڇو نه هجي. سو ملڪ جو عوام مهانگائيءَ جي باهه ۾ جلي رهيو آهي. ان جون آهون دانهون سرڪاري محلن ۾ تي نه ٿيون پهچن پر ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين کي به اهي سڏ ٻڌڻ ۾ نه ٿا اچن، جن ۾ عوام جون پڪارون آهن ته انهن کي ڪنهن طرح سان بچايو وڃي. مهانگائي ست واتي بلا ناهي پر مهانگائيءَ کي سوين وات ٿين ٿا ۽ اها انهن واتن سان ماڻهن تي الا اڇلائي ٿي. ماڻهو تمام وڏي عذاب جو شڪار آهن. ماڻهن کي معلوم نه آهي ته هو ان مصيبت کان ڪيئن بچي سگهن ٿا، جنهن جو نالو مهانگائي آهي. ماڻهو تمام گهڻو بيوس آهن. جمهوري سسٽم ۾ عوام اهو ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪو هن ملڪ جو عوام ڪندو آهي. جڏهن عوام کي محسوس ٿيندو آهي ته فلاڻي پارٽي يا فلاڻو ليڊر تمام گهڻيون ۽ بهتر دعوائون ڪري رهيو آهي ته عوام ان جي حق ۾ ووٽ ڪندو آهي. عوام وٽ ڪنهن سياسي پارٽي يا سياستدان کي ڏيڻ جي لاءِ اهو ئي ڪجهه هوندو آهي ۽ موٽ ۾ ان پارٽيءَ جو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي مفادن جو خيال رکي. انهن جي لاءِ زندگي آسان بڻائي. انهن جي خوشين جو خيال رکي. انهن جي خوابن کي تعبيرن ۾ تبديل ڪري. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان پارٽيءَ جو اهو فرض هوندو آهي ته اها پنهنجا اليڪشن کان اڳ ۾ ڪيل واعدا پورا ڪري. عمران خان پنهنجا ڪيترا واعدا وفا ڪيا آهن؟ اهو سوال عمران خان پنهنجي ضمير کان پڇا ڪري. جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم آهي ته گهڻو ڪري حڪومت ۽ ضمير ٻه متضاد لفظ هجن ٿا.
آمريتن کان سواءِ ملڪ ۾ ايندڙ حڪومتن جي دور ۾ عوام جو بنيادي مسئلو سياسي آزاديون نه رهيون آهن. هونءَ ته حڪومتون جهڙي طرح ميڊيا جي آزاديءَ تي حملا ڪنديون رهيون آهن ته ان سلسلي ۾ هن حڪومت ته اڳوڻين حڪومتن کان پاڻ کي وڌيڪ گلو گهٽ ثابت ڪيو آهي پر عام ماڻهوءَ جو مسئلو پوءِ به معاشي آهي ۽ معاشي طور تي عمران حڪومت مهانگائيءَ جي مڏي ڇريءَ سان ڪهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. عوام کي عمران خان جي دور ۾ صحيح طرح سان اٽي ۽ دال جو اگهه معلوم ئي نه شدت سان محسوس به ٿيو آهي. عوام هڪ اهڙي عذاب ۾ آهي، جنهن کان نڪرڻ ته موجود حالتن ۾ نهايت مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي.
سياسي پارٽين جو اهو فرض هجڻ گهرجي ته هو صرف حڪومتن جي خلاف مهمون نه هلائين ۽ حڪومت خلاف جلسا جلوس منظم ڪري اقتدار ۾ اچڻ جا رستا تلاش نه ڪن. سياسي پارٽين جو اهو بنيادي فرض آهي ته هو حڪومت هلائڻ جي علم ۽ فن جي تياري ڪن ته جيئن انهن کي جڏهن به اقتدار ملي ته هو پنهنجو سوچيل سمجهيل ۽ تجربي مان گذاريل پروگرام لاڳو ڪري ماڻهن کي فوري طور تي فرق محسوس ڪرائين. اهو مسئلو صرف اسان جي ملڪ جو ناهي پر اهو مسئلو پوري دنيا جي عوام جو آهي ته هو اقتصادي طور تي هڪ اطمينان ڀري ۽ خوشحال زندگي گذارڻ چاهيندو آهي. ماڻهن جو بنيادي مسئلو معاشي آهي. اها معاشيات ئي آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏين ٿا ۽ ٻين ملڪن ۾ ٻين ۽ ٽين ڪلاس جو شهري ٿي رهن ٿا. اها غربت ئي آهي، جيڪا انهن کي مجبور ڪري ٿي ته هو غيرقانوني طور تي خوشحال ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان ڪوشش ۾ ماريا به وڃن.
معاشيات ماڻهن جو بنيادي مسئلو رهيو آهي ۽ ان مسئلي سبب ماڻهو انقلاب آڻيندا رهيا آهن ۽ ڇٽ پٽن سان لڳائيندا رهيا آهن. هن مهل به عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارا ۽ عمران خان جي اقتدار کي جهلي بيهندڙ تمام گهڻو پريشان آهن. انهن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن مهانگائيءَ جو ستايل عوام ڪنهن بغاوت جي واٽ تي هلي پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اها پريشاني ۽ اها ڳڻتي ملڪ جي اسٽيڪ هولڊرز جا ڳچ ڳاري رهي آهي. اهو تمام مشڪل مسئلو آهي. ڇو ته هن مهل پاڪستان کي ڪوئي ملڪ امداد نه ٿو ڏئي. اسان امداد جي عادتن جا اسير اسان اهو به نه سمجهيو ته امداد رحم سبب نه ملندي آهي. پر امداد ڏيڻ وارن جا به ان ملڪ ۾ مخصوص مفاد هوندا آهن ۽ هو امداد ڏئي ان ملڪ کي پنهنجي اشارن تي هلائيندا آهن. ڇا آمريڪا پاڪستان سان ايئن نه ڪيو آهي؟ هن مهل جيڪڏهن آمريڪا کي اها شڪايت پيدا ٿي آهي ته پاڪستان هن سان وفا نه ٿوڪري ته ان جو ڪارڻ آمريڪي امداد جو گهٽ ٿيندي آخر ۾ بند ٿيڻ آهي.
ڪالهه عرب ملڪن کي خوف هو ته متان انهن جون بادشاهتون آمريڪا الٽائي ڇڏي، ان ڪري هو آمريڪا ۽ پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو گهڻو خيال رکندا هئا پر اها سرد جنگ جي سياست هئي. سرد جنگ کان پوءِ عرب ملڪ آمريڪا جو ته ايترو ئي خيال رکن ٿا پر انهن ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجو پارٽنر تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه جيڪا حيثيت اسان جي ملڪ کي حاصل هئي، اها اڄ ڀارت کي حاصل آهي ۽ ڀارت جو صرف آمريڪا نه پر اسان جا عرب حڪمران به تمام گهڻو خيال رکن ٿا. ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڀارت مٿان آمريڪا جو شفقت ڀريو پاڇو آهي ۽ ڀارت پنهنجا ڪم تمام هوشياري سان ڪڍي وڃي ٿو.
عمران خان پاڪستان جي سياست کي تمام سادو سمجهيو،جڏهن ته پاڪستان جي سياست گهڻي پيچيده آهي. عمران خان جو خيال هو ته صرف هن جي ايمانداريءَ سان پوري ملڪ معاشي نقشو تبديل ٿي ويندو ۽ ملڪ ڪرپشن جي قيد مان آزاد ٿي ايمانداريءَ جي صاف سٿري هوا ۾ ساهه کڻندو. عمران خان کي اهو معلوم نه هو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن هڪ طرح سان ڪلچر جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪ فرد جي نه پر پوري نظام جي تبديليءَ جي ضرورت آهي. جيستائين هي ڳريل سڙيل ۽ سم ڪلر ۾ ورتل زمين جهڙو نظام تبديل نه ٿيندو، تيستائين ملڪ ۾ خوشگوار قسم جي ڪا تبديلي نه ايندي. عمران خان کي اها به خبر هجڻ کپندي هئي ته هو ڪهڙي طرح عوام کي رليف پهچائي سگهي ٿو. عمران خان ڪنهن به قسم جو رليف پهچائڻ بدران عوام جي روح کي رنجايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پوري پاڪستان ۾ حڪومت جي سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ عمران خان هيٺ توڙي مٿي پنهنجي حڪومت هوندي به خيبر پختون خوا ۾ جهڙي طرح مولانا فضل الرحمان کان هارائي رهيو آهي ته ان شڪست ۾ به هڪ پيغام پوشيده آهي. اهو پيغام هي آهي ته عوام عمران خان جي مهانگي حڪومت کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي. عمران خان ٻڌائي سگهي ٿو ته هن ملڪي معاشيات جي حق ۾ ڪهڙا بهتر فيصلا ڪيا آهن؟ پر عوام ڪو اقتصادي ماهر ناهي. عوام کي ته صرف پنهنجي مٿان پوندڙ معاشي بار محسوس ٿي رهيو آهي ۽ هو جڏهن مهانگائيءَ سبب پنهنجن ٻارن کي پيٽ ڀرائي ماني نه ٿو کارائي سگهي ته هو حڪومت جي حمايت ڪيئن ڪندو؟ عمران خان ۽ هن جي سرڪاري ساٿين اهو اشارو ڏنو هو ته هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ سکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن پر مني بجيٽ جي منظوري ته تلخ ڪهاڻي جيان آهي.