حڪومت هڪ ڀيرو وري آءِ ايم ايف جو شرط پورو ڪرڻ خاطر مني بجيٽ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي. ظاهر آهي ته اها بجيٽ اتان پاس به ٿي ويندي. جنهن وسيلي عوام تي اربين روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. پر انهن ٽيڪسن تي به حڪومت اهو چئي رهي آهي ته ان سان عوام جي کيسي تي بار نه پوندو. اها عجيب ڳالهه آهي ته هڪ ماڻهو ڪا شيءِ ٿوري اگهه خريد ڪندو هو، هاڻ ان ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ان شيءِ جي قيمت وڌائي پئي وڃي ته ان سان عوام جي کيسي تي بار ڪيئن ڪونه پوندو. حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ته تيار ڪونهي پر جيڪو رليف اڳوڻي حڪومت ۾ مليل هو، ان کي حڪومت ختم ڪري رهي آهي. پر هن بجيٽ کان پوءِ به عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن قرض کنيا، ان ڪري اسين وڌيڪ قرض کڻي رهيا آهيون. پر هاڻوڪي حڪومت ملڪي معيشت کي ٽيڪو ڏيارڻ لاءِ هڪ به اهڙي رٿا شروع ڪانه ڪئي آهي، جنهن سان عام ماڻهوءَ جي حالت بهتر ٿئي ۽ ملڪي معيشت ۾ ڪا بهتري اچي. هاڻوڪي حڪومت ته هر قسم جي ڇوٽ ختم ڪري عوام لاءِ مهانگائيءَ جي هڪ نئين سونامي آڻِي رهي آهي.
انگن اکرن موجب 144 شين تي ٽيڪس لڳندا، جيڪي يا ته جي ايس ٽي کان مڪمل ڇوٽ وارا آهن، يا انهن تي 5 کان 12 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي پر هاڻ 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. انهن شين تي 17 سيڪڙُو سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان ٽيڪس وصولي 352 ارب روپين تائين وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي شين تي پهريون ڀيريو ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس جي ڪاٿي جو ايف بي آر کي ڪو اندازو ئي ڪونهي. موبائيل فون ڪالن تي انڪم ٽيڪس ريت 10 سيڪڙُو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 7 ارب حاصل ٿيندا، کير پياڪ ٻارن جي کير لاءِ استعمال ٿيندڙ درآمدي ڪچي مال تي زيرو ريٽنگ ٽيڪس واپس وٺي ان تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو. جن سان ريوينيو ۾ نو ارب رپين جي واڌ ٿيندي. ان مد ۾ ٽيڪس آمدنيءَ جو ڪاٿو 15 ارب روپيا لڳايو پيو وڃي. ان کانسواءِ ٻين کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن سان عام وڪري جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي وينديون. مني بجيٽ کان پوءِ اهو ئي لڳي ٿو ته حڪومت عام واهپي جي ڪابه اهڙي شيءِ نه ڇڏي آهي، جنهن تي نئون ٽيڪس نه مڙهيو هجي. هڪ پاسي جتي عوام اڳ ئي مهانگائي سبب رڙيون ڪري رهيو آهن، ته ان عوام تي مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهڻ ڪٿان جو انصاف آهي. جڏهن ته عوام اهو ئي چوندو رهيو آهي ته اسان کي رليف ڏيو. هو ان کان اڳ وارين حڪومتن کي ياد ڪري ٿو ۽ ان کانسواءِ هاڻوڪي حڪومتن جي ڪيل اپائن تي سخت تنقيد ڪري ٿو. ڇا هاڻوڪي حڪومت رڳو اڳوڻي حڪومت کي برو چئي پنهنجي جان آجي ڪرائيندي رهندي. جڏهن ته حڪومت جو عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ۽ ان لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ آهي.
مني بجيٽ کان پوءِ جيڪا مهانگائي عام ماڻهو ڀوڳيندو، ان جو اندازو هاڻوڪي حڪومت کي ناهي. کاڌي پيتي جون شيون، سون چاندي، ڪمپيوٽر، موبائيل فون ۽ انهن کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آهن، جن تي ٽيڪس 17 سيڪڙو لاڳو ڪرڻ جا امڪان آهن. ڇا ان کان پوءِ حڪومت اهو چئي سگهي ٿي ته هي هڪ سستو ملڪ آهي. انهن سڀني مان اهم ڳالهه اها آهي ته دوائون به مهانگيون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته ان کان اڳ دوائون ڏهه ڀيرا مهانگيون ٿي چڪيون آهن. هاڻ جيڪا دوائن جي اگهه ۾ واڌ ايندي، ان کان پوءِ ته عوام دوائون وٺي ئي ڪونه سگهندو. حڪومت شايد اهو طئي ڪري ورتو آهي ته عوام کي ٿورو گهڻو رليف مليل آهي، اهو ضرور واپس وٺڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هي حڪومت مهانگائيءَ کي قبولڻ لاءِ به تيار ڪونهي. حڪومت ۾ ايتري اخلاقي جرئت ڪانهي ته اها گهٽ ۾ گهٽ اهو قبولي ته واقعي ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ اها مهانگائي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ٿي آهي. پر حڪومت ته هر قسم جي مهانگائي ڪرڻ کان پُوءِ به اهو ٿي فرمائي ته ملڪ ۾ ايتري مهانگائي ناهي. جڏهن اها خبر هڪ عام ماڻهوءَ کي آهي، جڏهن هو پنهنجي کيسي مان ڪو سيڌو سامان وٺي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت پاران آيل نئين مني بجيٽ سان عوام جي معاشي تباهي ايندي، ان ڪري ان بجيٽ کي عوام رد ڪندو ۽ حڪومت آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻ بدران ڪو اهڙو لائحه عمل جوڙي جنهن سان عوام جو ڀلو ٿئي.