ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون سال-اميدون ۽ امنگون

Editorial

نئين سال جو هر اڀرندڙ سج رڳو روشنيءَ جو گولو نه هوندو آهي پر اهو هر انسان لاءِ هڪ اميد ۽ خوشيءَ جي علامت پڻ هوندو آهي. ماڻهو نئون سال اچڻ وقت ڪي وچن ڪندا آهن ۽ اها ڪوشش پڻ ڪندا آهن ته پاڻ سان ڪيل عهدن کي نڀائي سگهن. ڪالهه 2021ع جو آخري سج الهي ويو ۽ اڄ سال 2022ع جون پهريون سج اڀريو آهي، جيڪو يقينن هر ماڻهوءَ جي اک ڏٺو آهي. جيڪڏهن رڳو گذريل سال جو مختصر جائزو وٺجي ته هن سال جو اڌ لڳ ڀڳ ڪووڊ-19 جي حوالي ٿي ويو ۽ مٿان وري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عوام مهانگائيءَ جي طوفان کي منهن ڏيندو رهيو، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جي مالي حالت خراب رهي پر اهو معاشي طور به پريشانين ۾ گهريل رهيو. ملڪ ۾ هلندڙ سياسي هلچل ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ماحول تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوي ٿي ته سياسي استحڪام نه هجڻ گهرجي ملڪي حالتون مجموعي طور خراب رهيون. پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ گذريل سال به عوام لاءِ ڪو بهتر سال ثابت نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته حڪمران جماعت سياسي پاڻ کي اهڙو مضبوط نه ڪري سگهي جو ملڪ کي سياسي اڪيلائيءَ مان ڪڍي سگهي ها.
نئين سال ۾ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ اهو نه رڳو هڪ فرد پنهنجو پاڻ کان پڇندو آهي پر هر رياست به اهو سوال پاڻ کان ڪندي آهي، جنهن لاءِ ڪي مول متا طئي ڪيا ويندا آهن، ڪي رٿابنديون جوڙيون وينديون آهن، اهي اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون، جن تي عمل ڪري سماجي حالتون تبديل ڪري سگهجن ٿيون. پر اهي حالتون تڏهن تبديل ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن غلطين کي نه ورجايو وڃي ۽ نه ئي وري انهن رٿابندين تي عمل ڪرڻ ۾ سستي ڏيکاري وڃي. ان ڪري اڄُوڪي سال جي حوالي سان ملڪي سطح تي حڪمرانن کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي پر سماجي سطح تي هن سماج جي فردن کي به ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻ گهرجي. جيئن هڪ فرد جي حيثيت ۾ هر ماڻهو پنهنجي ڪنهن نيڪ خواهش پوري ٿيڻ جو اظهار هر سال جي شروعات ۾ ڪندو آهي، پر ڪا ڳالهه اهڙي به ڪرڻ گهرجي جيڪا مجموعي طور سماج کي فائدو پهچائي. نئون سال ملڪي سطح تي اٿل پٿل جو سال آهي پر ان سان گڏ هي سال ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون پکڙڻ جو سال به آهي. ان حوالي سان به ڪو عهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان وائرس کان ڪهڙي ريت عوام کي بچائجي، پنهنجي گهروارن ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائجي، ڇاڪاڻ ته ڪورونا جهڙي وائرس مان جند ڇڏائڻ ايترو سولو ناهي. بلڪه اهو وائرس اڃا به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهي. جيڪو هر سماج ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري رهيو آهي. ان ڪري ان وائرس کي منهن ڏيڻ ۽ ان کان بچڻ جو عهد ڪرڻ به لازمي آهي. ماحوليات جي بگڙجندڙ صورتحال کي ڏسندي اسان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اسين ان ماحول کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي طور پنهنجو ڪردار نڀايون. ان لاءِ ضروري آهي ته اسين وڌ کان وڌ وڻ پوکيون. ضرور ڪونهي ته هر ماڻهو وڻ پوکي سگهي پر ٻه ٽي ماڻهو گڏجي به هڪ وڻ پوکي سگهن ٿا ۽ ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪو فرد هڪ وڻ پوکي سگهي ٿو، اها اڃا به سٺي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اسين هڪ اهڙي ماحول ۾ رهون پيا، جيڪو انساني صحت کي خراب ڪري رهيو آهي. تنهنڪري ماحوليات ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت اسين ايندڙ نسلن لاءِ به ماحول بهتر ڪري سگهون ٿا.
اسين پنهنجن پڙهندڙن کي نئين سال جون مبارڪون پيش ڪريون ٿا. ان اميد سان ته هي نئون سال انهن لاءِ گهڻيون خوشيون آڻيندو، انهن جون نيڪ تمنائون پوريون ٿينديون ۽ ان کانسواءِ هي سال سڄي عالم لاءِ امن ۽ شانتي جو سال ثابت ٿيندو. اسين اها به اميد ڪريون ٿا ته نئون سال پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ بهترين سال ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button