ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين سال ۾ اوميڪرون جو عهد

Editorial-Article- Wussat Allah Khan

توهان سڀني کي نئون سال مبارڪ!
مون سوشل ميڊيا تي نئين سال جي باري ۾ هر قسم جو عهد ڏٺو. “آئون هن سال سگريٽ ڇڏيندس، والدين کي حج ڪرائيندس، ميٽرڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽين پوزيشن لا محنت ڪندس، نئين سال دوران گهٽين ۾ رلندڙ ٽن ٻارڙن کي پڙهائيندس، هن سال ضرور آئون رضيه سان شادي ڪندس، اڻپورو گهر اڏائيندس وغيره وغيره.” پر مون هڪ به اهڙو عهد نه ڏٺو ته هن سال “آئون پنهنجي ڪٽنب جي نه رڳو بنيادي ڪووڊ ويڪسين مڪمل ڪرائيندس، بلڪه ڀرپاسي جي ماڻهن سان به ضد ڪندس ته اهي نه رڳو پنهنجي پر هر ڄاڻ سڃاڻ واري جي ويڪسين ڪرائين.”
نئين سال جو ولولو، قسم ۽ وعدا پنهنجي جا تي، پر ڪووڊ جو نئون ويريئنٽ اوميڪرون به نئين سال ۾ “آئون هن سال سڀني کان وڌيڪ انسانن کي متاثر ڪندس” جي عهد سان گهڙي آيو آهي. ان جي رفتار گذريل ڪنهن به ويريئنٽ جي پکڙجڻ جي رفتار کان 7 ڀيرا وڌيڪ آهي.
پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ سرڪاري طور اها دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته 30 سيڪڙو مجموعي آبادي ۽ 46 سيڪڙو بالغ آباديءَ جي ويڪسين ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پنجاب صوبي 70 سيڪڙو اهل ماڻهن جي ويڪسين مڪمل ٿيڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. پر هٿ ڪنڱڻ کي آرسي ناهي ڏيکاربي. دنيا اوميڪرون سبب ڪووڊ جي پنجين لهر ۾ ڦاسي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ هي لهر جنوريءَ جي آخر کان شروع ٿي ويندي.
جن بنيادي ويڪسينيشن به مڪمل ناهي ڪرائي، اهي سڀني کان پهرين وڪڙ ۾ ايندا. جن بنيادي ويڪسينيشن ڪرائي ورتي آهي، انهن کي ان جي حملي کان بچڻ لا هاڻي بوسٽر ڊوز لڳرائڻو پوندو. جيتوڻيڪ ويڪسين ڪرايل ماڻهن لا اوميڪرون سبب مرڻ جو خطرو گهٽ ٻڌايو پيو وڃي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته گذريل لهر ۾ پکڙجندڙ ڊيلٽا ويريئنٽ جي ڀيٽ ۾ اوميڪرون پکڙجڻ جي رفتار 7 ڀيرا آهي. ان جو خطرو ڊيلٽا کان گهٽ آهي. پر اوميڪرون پکڙجڻ جو عالمي تناظر ٻڌائي رهيو آهي ته ان جو هدف نوجوان آبادي آهي ۽ اها ئي آبادي ڪنهن به ملڪ جي معاشي ڪرنگهي واري هڏي هوندي آهي. اڳيان اوهين پاڻ سڃاڻا آهيو.
صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊروس گيبريس ڪورونا نالي مصيبت جا ٻه سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ هڪ ٻي ڪورونا سوناميءَ کان خبردار ڪيو آهي. هن وقت روز عالمي سطح تي هڪ ملين ماڻهو وائرس جي ان نئين شڪل سبب متاثر ٿي رهيا آهن. اوميڪرون نومبر جي شروع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي طبي ماهرن ڳولهي لڌو هو. پر ان جو سڀ کان وڏو نشانو هن وقت آمريڪا ۽ اولهه يورپ آهي.
ان تيزيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته گڏيل قومن جا 194 ميمبر ملڪ گذريل سال جي شروع ۾ عهد ڪري چڪا هئا ته سال جي پڄاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو آباديءَ جي ويڪسينيشن جو هدف پورو ڪري وٺنداسين. پر 92 ملڪ ان هدف کي حاصل نه ڪري سگهيا. هاڻي صحت جي عالمي اداري جي سربراهه دنيا کي اپيل ڪئي آهي ته سڀئي لاڳاپيل رياستي عملدار نئين سال جي موقعي تي عزم ڪن ته ايندڙ ڇهن مهينن ۾ 70 سيڪڙو آباديءَ جي ويڪسينيشن جو هدف حاصل ڪيو ويندو.
هن وقت عالمي سطح تي اوميڪرون کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ 11 سيڪڙو في هفتو، يعني 44 سيڪڙو ماهوار جي اعتبار کان واڌ ٿي رهي آهي. ايتري رفتار هيستائين ڪنهن به ڪورونا وائرس جي ناهي رهي. اڌ کان وڌيڪ متاثر يورپي ماڻهو آهن، دنيا جو طبي ڍانچو ڪووڊ جي گذريل حملن سبب اڌ مئو ٿي چڪو آهي. مٿان کان هي نئون قسم نازل ٿيو آهي. تصور ڪريو ته جن ملڪن جي صحت جو ڍانچو اڳ ۾ ئي ڪمزور آهي، انهن تي ڪيتري قدر دٻا پوندو. ڊاڪٽرن ۽ نيم طبي عملي تي هڪ ٻيو نئون وزني دٻا اچي ويندو. نئين وائرس لا ان کان وڌيڪ بهترين ماحول ممڪن ناهي، جڏهن ڪجهه ملڪ ضرورت کان وڌيڪ ويڪسين ذخيرو ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترائي ملڪ پنهنجي آباديءَ کي ويڪسين لڳائڻ لا بهترين خوراڪ به مشڪل سان ڏئي رهيا آهن. امير ملڪن، ٽين دنيا خاص طور تي آفريڪي ملڪن کي جيڪا ويڪسين مفت ۾ دان ڪئي آهي. انهي مان وڏو مقدار ايڪسپائر ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري جن کي اها خيرات ملي، اهي به ان کي بلڊوز ڪري کڏن ۾ پورڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته ويڪسين جي اهميت جي باري ۾ ناڪاري پروپيگنڊا ۽ ان لا سوشل ميڊيا جي اثرائتي استعمال به لکين شهرين کي شڪ جي وائرس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ان سان نه رڳو هڪ عام ماڻهو مونجهاري جو شڪار آهي، بلڪه ان ناڪاري لاڙي جي اثرن سبب سندس سڄي ڪٽنب ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو به پريشان ٿيندا.
جڏهن ته حقيقتون اهو ٻڌائي رهيون آهن ته مرندڙن جي گهڻائي هاڻي انهن ماڻهن جي آهي، جن ويڪسين ئي ناهي لڳرائي. انهن مان ڪافي ماڻهو اهي به آهن، جن جو عقل ٺڪاڻي لڳائڻ لا ڪورونا کي زحمت ڪري انهن جي جسم ۾ داخل ٿيڻو پيو ۽ هاڻي اهي اينٽي ويڪسين ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ويڪسين نواز بڻجي ويا آهن. 2020ع ۾ ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ 18 لک ۽ 2021ع ۾ 35 لک ماڻهو مري ويا. پر اهي اهي موت آهن، جن جو رڪارڊ موجود آهي.
جڏهن ته صحت جي عالمي اداري کي اميد آهي ته ٻن سالن جي تجربن جي روشنيءَ ۾ 2020ع ان مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لا وڌيڪ بهتر پاليسي ۽ بهتر ڍانچو مهيا ڪري سگهي ٿي. شرط اهو آهي ته رياستون اڳ جي ڀيٽ ۾ سنجيدگي اختيار ڪن ۽ ويڪسين جي دستيابي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولي ۽ تيز رفتار هجي. ٿي سگهي ٿو ته نئين سال ۾ دنيا جا فيصلي ساز ۽ دواساز ڪمپنيون ڀت تي لکيل ٿلهن اکرن ۾ پڙهڻ جي قابل ٿي سگهن ته جيستائين آخري ماڻهو محفوظ ناهي، تيستائين دنيا غير محفوظ رهندي.
سڀئي چلتي رهين گي ساٿ ميري
مگر يي صرف اندازا هي ميرا
(جاويد صبا)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button