“جتي باهھ ٻري، هنڌ اهو سڙي” هن ملڪ جي عوام لا عجيب اذيت ۽ پيڙا جي نه کٽڻ ۾ هڪ اهڙو اتفاق پيو ٿئي جو نئين سال 2022 جي آمد سندن چهرن تي ڪا مسڪراهٽون ۽ خوشيون آڻڻ جي بجاءِ تبديلي سرڪار ۽ محب الوطن وزير اعظم عمران خان، جنهن جي تقريرن جو پهريون جملو هنن لفظن کان شروع ٿيندو آهي “ميري پياري پاڪستانيو…”، پنهنجي پياري پاڪستانين کي مني بجيٽ جو تحفو ڏيندي ڪمال بيحسي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو آهي. حڪومت انهيءَ جو بچاءُ جنهن انداز سان ڪري پئي اهو ڪو نئون ته ناهي پر جڏهن عذابن، تڪليفن ۽ اذيتن جي سلسلن ۾ واڌارو ايندو آهي ته هر نئين تڪليف عذاب جي نئين شروعات هوندي آهي ۽ برداشت جي طاقت گھٽبي ويندي آهي.
مني بجيٽ جي لاءِ بظاهر ته هي چيو پيو وڃي ته هي بجيٽ 350 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي بجيٽ آهي پر 2 ارب روپين جو وڌيڪ بار عوام تي پوندو، ڇا اهو بار 2 ارب روپين جو ئي هوندو؟ جنهن ملڪ ۾ غربت جي ڌٻڻ جو ڦهلاءُ وڌندڙ هجي ۽ هر حڪومت خوشحاليءَ جو لالي پاپ ڏيندي مستقبل جي خوشحاليءَ جو تصور اڀاريندي روز مهانگائي جي گراف کي وڌائيندي عوام جي لاءِ جيڪي مصيتبون ۽ پيڙائون پيدا ڪيون آهن، انهيءَ جو مثال بد کان بدتر سماجي حالتن ۾ رهندڙ ڪنهن ملڪ جي اندر به ملڻ مشڪل ئي آهي، هتي بيڊ گورننس ۽ مهانگائي جي تاريخ ۾ اسان جي خان ڀائي يعني پي ٽي آءِ سرڪار ايئن ئي رڪارڊ ٽوڙيو آهي، جيئن هنن جي بقول ته هو 2014 جي ڌرڻي جي لاءِ دعويٰ ڪندا آهن ته اهو هن ملڪ جي تاريخ جو ڊگھي عرصي وارو ڌرڻو هيو، يقينن اهو ميلائي ڌرڻو هن ملڪ جي ڌرڻي جي تاريخ ۾ وڏي ڌرڻي جو اعراز رکي ٿو، اهڙي طرح ئي هي حڪومت ۽ عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ مهانگائي جو به تاريخي اعزاز رکي ٿو. هن حڪومت ۾ مهانگائي جو دٻاءُ هڪ ته ٽيڪس جي مسلسل بي رحمانه وڌڻ سان ٿيندو رهي ٿو پر انهيءَ کان وڌيڪ مهانگائي، بيڊ گورننس ۽ هٿرادو قيمتن جي اضافي بليڪ مارڪيٽنگ جي صورت ۾ هر روز وڌندو نظر ٿو اچي. جيئن هي حڪومت ۽ وزير اعظم ڪرپشن تي تنقيد ڪندي پنهنجو دانشورانه دليل هي ڏيندو آهي ته “هيٺين سطح جي لوڪل ڪرپشن جي ڪا به اهميت ناهي اصل ڪرپشن ماضي جي حڪومتن جي ۽ انهن جي سياسي ليڊرن جي رهي آهي، جنهن ۾ هو نواز شريف ۽ زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائي ايئن پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي لنوائي يا نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيئن مذهبي پيشوا پنهنجي گناهن جو الزام شيطان تي مڙهي پاڻ کي معصوم ۽ بي گناھه يا ٿورو گھڻو غلطين جي ملامتي تنقيد ڪندا آهن هي به اهڙي طرح تنقيد جو ملبو ڦٽي ڪري عوام تي بيرحم ۽ بي دردي سان ٽيڪس جو بار وڌائي رهيا آهن.
ماهرِ معيشت جي بحثن ۽ دليلن کي عوام ٻڌڻ به پسند ناهي ڪندو. هنن وٽ معيشت جو جيڪو تجربو پنهنجي گھر جي بجيٽ کان ٿئي ٿو، اهو وڌيڪ صحيح ۽ حقيقي بنيادن تي هوندو آهي، هڪ عام ماڻهو جي لاءِ بجيٽ جي ٽيڪس کاڌي پيتي جي شين، بجلي جي بلن ۽ گيس جي بلن کان ٽرانسپورٽ جي ڪراين تائين ٺهي ٿي ۽ ان ئي بجيٽ جي بنيادن تي هو پنهنجي انڪم کپت جو ڪاٿو ڪري مهانگائي سهانگائي تي ڳالهائيندو آهي هن ملڪ جي دولتي طبقي جي لاءِ اهي ٽئي شيون يعني کاڌي پيتي جون عام شيون بجلي گيس ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪا به اهميت نٿي رکي، انهن جي لاءِ مهانگائي يعني ٽيڪس جو دٻاءُ اهو هوندو آهي جو هنن جي لگزري شين تي ٽيڪس وڌي يا هنن جي ڪارخانن، ڪاروبارن تان ٽيڪس پوري طرح سان وصول ڪئي وڃي هو مهانگائي جون دانهون انهيءَ مهانگائي تي ڪندا آهن کاڌي پيتي جي لاءِ ته هو مهانگائي جو تصور به ناهن رکندا.
هن ملڪ جي سياست ۾ انهيءَ طبقي جو غلبو قائم آهي پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا اپوزشن ۾ هجن، ساڳئي طبقي جي ورڇ هوندي آهي، انهيءَ ڪري هن ملڪ جي سياست جي اندر عوامي مسئلن غربت، بيڊ گورننس تي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. ان طبقي جي تنقيد ۽ ڇڪتاڻ هڪ ٻئي کان اقتدار کسڻ جي لاءِ هوندي آهي پوءِ نالو عوام جو استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو ڪردار رڳو سياسي پارٽين تائين نظر نه ايندو پر بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به مهانگائي جي ڪا پرواھه ناهي هوندي، حڪومت جا وزير آئي ڏينهن جنهن بيهودي انداز سان قيمتن جي وڌڻ تي ريمارڪس ڏيندا آهن ته دوائن جي مهانگي ٿيڻ سان ڪهڙي قيامت ايندي يا روپيو اڌ کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ سان ڇا فرق پوندو، معاشي ماهرن جي چرڪ زباني روپيو اٺ آنا ٽيڪس تي ڳالهائيندي اهو ئي تاثر ڏنو ويندو آهي ته اها وڏي ٽيڪس ناهي، هاڻي کائنس جڏهن اهو پڇو وڃي ته جناب جيڪڏهن کاڌي پيتي جي شين تي هڪ سيڪڙو به واڌ ٿئي ٿي ته اهو هڪ سيڪڙو انگن اکرن ۾ ته نظر ايندو آهي، مسلسل خريداريءَ سان مثال جيڪڏهن کاڄرو تيل جي هڪ ليٽر تي ڏھه روپيه ٽيڪس لڳي ٿي ته هڪ غريب وچولي طبقي جي گھر ۾ تيل استعمال هڪ ليٽر جو ناهي ٿيندو، بلڪه گھٽ ۾ گھٽ پنجن ڀاتين جي خاندان ۾ چئن کان پنجن ليٽرن جو استعمال ٿيندو ۽ انهن جي خريداريءَ تي بجيٽ جي مٿان تيل تي گھر ۾ پنجاھه روپي جو بار پوندو ۽ اهڙي طرح سان دال، چانور، سبزيون، کير، گوشت ۽ مڇي جو مجموعي جيڪڏهن حساب لڳائبو ته مهانگائي جو تناسب ٽن کان چئن هزارن تائين هڪ مهيني ۾ وڌي ويندو.
دوائن جو عذاب، ڊاڪٽرن جي فيس، گيس، بجلي ۽ ڪرائي جو معاملو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي پر عوام جي انهن مسئلن جي لاءِ جدوجهد جو پليٽ فارم صرف ۽ صرف سياسي پارٽيون هونديون آهن ۽ سياسي پارٽين جي پوري تاريخ مهانگائي جي خلاف تحريڪ هلائڻ ۾ نالي ماتر نظر ايندي ڪيڏي نه حيرت آهي ته اسيمبلي جي اندر اپوزيشن بجيٽ جون ۽ بلن جون ڪاپيون ڦاڙي هڪ ٻئي تي الر ڪري چنبن ڌڪن جو تماشو ڪري اهو پيغام ڏئي پئي ته عوام جي لاءِ ڪيترو درد رکي ٿي پر مجال آهي جو اپوزيشن مني بجيٽ جي خلاف ڪي هڙتال يا ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏئي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته هي ملڪ هاڻي جديد نو آباديات جي قيد آهي هاڻي ڪمپنيون پنهنجي مالياتي ادارن جي ذريعي استحصال ڪن ٿيون ۽ اهي ئي سياسي ماحول ڪنٽرول ۾ رکندي انهن جي جدوجهد جي حدن جو تعين ڪنديون آهن پراڻي دور ۾ جنهن کي ڪالونيلزم جو دور چيو ٿو وڃي، جنهن ۾ طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت جو استعمال ڪري ڪمزور ملڪن تي حملي ڪري انهن کي غلام ڪندا هئا، انهن جو استحصال ڪندا هئا پر انهيءَ سان گڏوگڏ هنن جي ڳچيءَ يا انهن جي مٿان ان ملڪ جي حڪومتي ذميواري به هوندي هئي، جنهن ۾ هو امن امان انفرااسٽڪرچر صحت ۽ تعليم لاءِ پابند هوندا هئا، ان پابنديءَ ۾ هو ڪيتري به ڪوتاهي ڪن پر پوءِ به جوابداري انهن جي ئي هوندي هئي، اهو تجربو انهن کي وڌيڪ مهانگو پيو، انهيءَ کان پوءِ هاڻي سامراجي ملڪن ڪالونيل دور کي ختم ڪري جديد نو آبادياتي نظام وڌايو آهي، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جهڙن مالياتي ادارن جي ذريعي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ذريعي غريب ملڪن جي جيڪا ڀيل ڪن ٿا، اها ماضيءَ جي غلاميءَ کان به بدتر آهي، ان ڀيل کي برقرار ۽ تسلسل سان قائم رکڻ جي لاءِ هنن پورو سياسي نظام ۽ رياست جا ادارا پنهنجي گرفت ۾ مضبوط رکيا آهن، ها هنن کي پنهنجي حڪمتِ عمليءَ ۾ اهو اضافو ڪرڻو پيو آهي ته غريب ملڪن جي رولنگ ڪلاس جا سياستدان، بيوروڪريٽس دولت جو هڙون ٻڌي سامراجي ملڪن ۾ پنهنجي خاندان سان رهي سگھن ٿا، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ان دولت کي هو پنهنجي بينڪن ۾ محفوظ بڻائي ٿا ڇڏين ۽ انهن خلاف قانوني پيچيدگيون ايتريون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جو ان گورک عمل ۾ سال نه پر نسل لڳيو وڃن، پر سامراجي دلالن جو وار به وينگو نه ٿيندو، جيستائين اهي پاڻ انهن تي ناراض نه ٿين، هن ملڪ جي عوام تي جيڪا مني بجيٽ لاڳو ڪئي ٿي وڃي اها رڳو مني بجيٽ ناهي پر 2 ارب روپين جي بار کي هر مهيني 2 ارب سان ملٽي پلائي ڪيو ۽ پوءِ پلس ۾ شامل ڪندا وڃو، مهانگائي سمنڊ جي لهر ناهي هوندي پر باهھ جو شعلو هوندي آهي، جيڪا مسلسل عوام جي زندگيءَ کي ساڙيندي رهندي پر ان جو تئو ۽ ان جي تپش اتي هوندي جتي ٻرندي يعني “جتي باھه ٻري هنڌ اهو سڙي” هتان جي رولنگ ڪلاس يعني دولتين ۽ ڪامورن کي ڪهڙي پرواھه ته غريب جي جي پيٽ ۾ ٻه گرھه پيا يا نه.