ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي روانگي: مني بجيٽ ھڪ ٻيو سگنل

Editorial-Article- Allah Bux Rathor

خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران ڌر کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ لڳو، اھو عمران خان اڃان پچايو ئي ناھي تھ مٿان آءِ ايم ايف جي شرطن جي پورائي لاءِ جيري ڪارڻ ٻڪري تھ ڪُٺي پئي وڃي، پر حڪومت کي جنھن تذليل کي منھن ڏيڻو پيو آھي، ان جو مثال نٿو ملي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران سڀني ڏٺو تھ ھڪ طرف مخالف ڌر جي مک اڳواڻن ايوان ۾ اچڻ کان ئي انڪار ڪيو، تھ ٻئي پاسي وري حڪومتي اسيمبلي ميمبر بھ اچڻ کان لنوائيندا رھيا، ان ڪري ايوان جو ڪورم بھ پورو نھ ٿي رھيو ھو. (ن) ليگ جي برجيش طاھر جي نشاندھيءَ تي، جنھن وقت پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشي پنھنجي سموري ڪيمسٽريءَ سان گڏ جولان ۾ اچي تقرير ڪئي پئي تھ ايوان جو ڪورم ئي پورو نھ ھو. ان سان گڏ ڳڻپ کانپوءِ اسپيڪر کي اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻي پئجي وئي. جيڪڏھن حڪومت ڪورم ئي پورو نھ ڪري سگھندي ھجي ۽ ميمبرن کي خبر پئجي وئي ھجي تھ ڪا اڻ ڄاتل تبديلي اچي رھي آھي تھ پوءِ عمران خان جي سياسي عمر تي منڌيئڙو اچي وڃڻ فطري آھي. ان جي باوجود پارليامينٽ ھائوس ۾ عمران خان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي چيو پئي تھ ھن جي حڪومت ڪنھن بھ بحران جي ور چڙھيل ناھي، ھيءَ تھ رواج ٿي ويو آھي، ھر ٽئي ڏينھن چيو وڃي ٿو تھ حڪومت بحران ۾ آھي. مني بجيٽ جي عوام تي پوندڙ اثرن جي بحث کان ھٽي اھا ڳالھه تھ واضح ٿي وئي آھي تھ حڪومت نھ فقط گھڻ رخن بحرانن جي ور چڙھيل آھي، پر معاشي حالتون ايتريون خراب آھن، جو دفاعي خرچن جو بھ ڏيھه ۽ پرڏيھه کان قرض وٺي پورائو ڪرڻو پئجي رھيو آھي. عمران خان جي حڪومت رڳو عام بحران جي ور چڙھيل ناھي، پر ملڪي سيڪيورٽيءَ بھ داءُ تي لڳل آھي. اھڙي صورتحال ۾ ڪھڙا آپشنز رھجي وڃن ٿا؟
جنھن وقت قومي اسيمبليءَ جي اجلاس لاءِ ميمبرن کي ميڙمنٿون ڪيون پئي ويون، ان وقت بھ پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جوڙ توڙ ۾ رڌل ھو، چون ٿا تھ ھو ھڪ اھم شخصيت سان ملاقات ڪري مستقبل جي سياسي روڊ ميپ جي باري ۾ڳالھيون ڪري رھيو ھو. ان سان گڏ وفاقي گادي واري شھر کان وٺي، لنڊن تائين ڪيترن ئي پلانز تي ڳالھيون جاري ھيون. اھا ڳالھه بھ سامھون آئي تھ نواز شريف ۽ واڳ ڌڻين ۾ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ تي ڳالھين جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ اڳوڻي وزير اعظم کي ملڪ اچڻو آھي. واڳ ڌڻين کي آءِ ايم ايف پٺيان ڊوڙڻ بدران چين 35 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي. نواز شريف کي ٽن عالمي ملڪن ضمانت بھ ڏني، پر ان لاءِ ڪجھه شرط بھ رکيا ويا. ھاڻ جيڪڏھن نواز شريف مشروط طور اچي وڃي ٿو تھ نيون چونڊون اڻ ڌريون ٿيڻ جي صورت ۾ کٽي وڃي ٿو تھ پوءِ ڪھڙي ضمانت ھوندي تھ ٻن اڳوڻن اھم ادارن جي سربراھن، ڪپتان ۽ ڪجھه ٻين عملدارن، جن واٽس ايپ ذريعي ھدايتن جي روشنيءَ ۾ فيصلا ڏنا ۽ نواز شريف کي نااھل قرار ڏنو، انھن کي معاف ڪيو ويندو؟ گھٽ ۾ گھٽ ماضي قريب جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي تھ نواز شريف اھو ئي ڪندو، جيڪو ھو پنھنجن مخالفن سان اڳ ڪندو ھو. اھي جيڪي نواز شريف جي نشاني تي ھوندا، ضروري ناھي تھ انھن جو ڪو وار ونگو ٿئي، ضمانت طور انھن اھم شخصيتن کي اڳ ئي ملڪ مان ڪڍي ريسڪيو ڪيو وڃي؟ عمران خان جيتري بھ سياسي جدوجھد ڪئي ھجي، پر جيڪڏھن ھن کي جيل ياترا ڪرائي وئي تھ کيس ڏينھن جا تارا نظر اچي ويندا.
ھن ملڪ ۾ رھندڙ حڪمرانن جي بقا جي ڪابھ ضمانت ناھي، اھي جيڪي اقتدار جي سيج تي ويٺل ھئا، انھن کي ڪنڊن جي سيج تي پھچڻ ۾ بھادر شاهه ظفر جيترو بھ وقت نھ لڳندو. اھي حڪمران جن جون پاڙون واريءَ ۾ آھن، انھن کي تھ وڌيڪ خطرو آھي. واڳ ڌڻي بھ سمجھن ٿا تھ موجوده حڪمرانن ملڪ کي عالمي گولي تي جيترو اڪيلو ڪيو آھي ۽ معاشي طور ملڪ کي ڏيوالي جي ڪنڌي تائين پھچائي ڇڏيو آھي، اھڙي صورتحال تھ دھشتگرديءَ جي اوج وارن ڏينھن ۾ بھ نھ ھئي. اھا ڳالهھ کڻي مڃي وٺجي تھ آمريڪا کي جڏھن پاڪستان جي ضرورت ھوندي آھي، ايستائين جو ھتان جي حڪمرانن جا ماڻا برداشت ڪندا آھن، نھ تھ اھي جن ايوب خان جو ڪتاب Friends not Masters پڙھيو ھوندو، انھن کي ڄاڻ ھوندي تھ ڪيئن اڳوڻي فوجي آمر کي ٽوٽا ڄٻايا ويا ھئا، ساڳي حالت پرويز مشرف جي شروعاتي ڏينھن جي ھئي، جو آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن مشرف سان ھٿ ملائڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حيثيت ختم ٿيڻ يا عالمي دھشتگرد اساما بن لادن جي پاڪستان جي ڌرتيءَ تي مارجڻ کانپوءِ ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن ۾ جيڪو زوال آيو، ان ۾ ھينئر تائين ڪا بھتري نظر نھ اچي رھي آھي.
ھن ملڪ جي سياست ۾ واڳ ڌڻين ھيل تائين سياسي تجربا ڪيا آھن، انھن ۾ سڀني کان تباھي مچائيندڙ عمران خان جي چونڊ سمجھي وڃي ٿي. ھنن خبر ناھي تھ ڪيترا پلان جوڙيا ھئا ۽ ماضي جيان نواز شريف توڙي آصف زرداريءَ کي سياسي ميدان مان ھڪ ڏھاڪي تائين ڪڍڻ جي خوش فھمين ۾ مبتلا ھئا، انھن کي ٽن سالن ۾ پنھنجي وزن جي خبر پئجي وئي. حڪمران پارٽيءَ جا اڳواڻ يا اھي جيڪي عمران خان سان ويجھڙائپ رکن ٿا، اھي ھينئر بھ ماڻھن جي ڪنن ۾ سسپس ڪندي چون ٿا تھ سندن ڪپتان وٽ ڪيترائي انگور آھن، جن مان مختلف قسمن جو شراب تيار ڪري سگھجي ٿو. بقول ھنن جي تھ اھي جيڪي عمران خان سان واعدا ڪري وٺي آيا ھئا، انھن کي بيوفائيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪپتان ڪجھه بھ ڪري سگھي ٿو، پر ھو صورتحال جو جائزو وٺي رھيو آھي. ھو ھڪڙو آپشن اھو ڄاڻائين ٿا تھ عمران خان وٽ آرمي چيف کي فائر ڪرڻ جو اختيار آھي، جيڪڏھن ھو چاھي تھ اھو اختيار ڪنھن بھ وقت استعمال ڪري سگھي ٿو، پر ھو اھو ئي وساري ڇڏين ٿا تھ نواز شريف وٽ تھ ڳرو مينڊيٽ ھو، هن مشرف کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نتيجو ڪھڙو نڪتو؟ اھو سڀني جي سامھون ھو. ان مھم جوئيءَ جي نتيجي ۾ ملڪ مان ھڪ ڏھاڪي تائين جمھوريت کي نيڪالي ڏني وئي. پھرين ايمرجنسي ۽ پوءِ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي. جمھوري ادارن کي ڪيترو نقصان ٿيو؟ عدليا کي ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پئي؟ ھي سڀ ڪجھه ماضي قريب جو قصو ۽ ڪھاڻي تھ آھي! ان نوعيت جي ڪنھن بھ مھم جوئيءَ جي شايد گنجائش نھ ھجي. پر ايندڙ سال جي آخر تائين آرمي چيف جي عھدي جو مدو ختم ٿي رھيو آھي، ممڪن آھي جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن نھ ملي ۽ عمران خان پنھنجي پسند جو اھڙو جنرل ڪمانڊ ڪرڻ لاءِ چونڊي جيڪو کيس سياسي طور جيئدان بھ ڏئي؟ پر ايستائين عمران خان جون سياسي ايننگز تھ ختم ٿي چڪيون ھونديون. ھو مڪاني چونڊن ۾ ھارائي وڃي ٿو تھ اھو ئي ھن لاءِ الارم ھوندو، ان سان گڏ رھيل ڪسر وري معاشي صورتحال پوري ڪري ڇڏيندي.
عمران خان ۽ سندس حامي ڀلي ڪھڙين بھ خوش فھمين ۾ ھجن، پر جيستائين سياسي استحڪام نھ ھوندو،ايستائين ڪنھن بھ بھتريءَ جي اميد ڪري نٿي سگھجي. ھينئر بحران ھر ھنڌ ۽ ھر محاذ تي ڏسي سگھجي ٿو. ھي بحران آسمان کي ڇھي رھيو آھي. اھڙي صورتحال ۾ ھن جو رھڻ ڪيترو ممڪن ھوندو؟ ان عرصي دوران جيڪڏھن پ پ ۽ (ن) ليگ کي سگنل ملي وڃي ٿو ۽ اھي پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري وٺن ٿا ۽ واڳ ڌڻي ريفري جو ڪردار ادا ڪن ٿا، تڏھن بھ عمران خان جي موڪل ٿي ويندي. ھن جو سياسي طور اقتدار ۾ رھڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويو آھي. ھن کي شايد ايترو موقعو بھ نھ ملي جو اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي. اھڙي صورتحال ۾ بھ فائدو مخالف ڌر جو ئي ھوندو، ڇاڪاڻ تھ عمران خان ملڪ جي سياسي ڪوفي اسلام آباد ۾ اڪيلو ئي بيٺل ھوندو ۽ ھن جي چوڌاري جيڪي اڳواڻ جھنڊ ٻڌي بيھندا ھئا، اھي تھ پھرين اڏام ذريعي لنڊن، واشنگٽن، ڪيناڊا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن ڀڄي جان ڇڏائي چڪا ھوندا. جنھن وقت ڪپتان کي آشيرواد نھ ھوندو ان وقت، ھن جو اجگر سياسي قوتن سان مقابلو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو. ان ڪري ھاڻ جنھن نئين سيٽ اپ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، اھي جيترو جلد ڪامياب ٿين ٿيون، اوترو ئي ملڪ جو ڀلو آھي. عوام جو رت ست تھ نڪري چڪو آھي، پر ھاڻ ماني مڇي وارن جو بھ خير ناھي.
اھي جيڪي چون ٿا تھ عمران لاءِ جيترو سافٽ ڪارنر ھو اھو ختم ٿي ويو آھي، واڳ ڌڻين کي جيترو بھ ان کي ايڊجسٽ ڪرڻو ھو، ڪري ڇڏيو. ان ڪري وڌيڪ اميد لڳائڻ جو ڪوبھ جواز ناھي. ڏيھه ۽ پرڏيھه ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رھيو آھي، اھو ڪنھن نتيجي تي پھچي ٿو تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر نئين سياسي سيٽ اپ قائم ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ جي عوام ۽ واڳ ڌڻين ۾ نئين اميد پيدا ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھينئر تائين جيترا بھ سرويز آيا آھن، انھن ۾ عوام عمران خان جي حڪومت کان مايوسي ئي ظاھر ڪئي آھي، جيڪا حقيقت بھ آھي. ڇاڪاڻ تھ زميني حقيقتن کان ھتان جو عوام ڀلي ڀت واقف ٿي چڪو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button