ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون سال ۽ تعليمي سڌارن واري للڪار!

Editorial-Article-Ali Muhammad Memon

دنيا ۾ نئون سال 2022ع تمام گهڻين اميدن سان نروار ٿيو آهي ۽ نئين سال ۾ اسان جي قوم، سنڌ جي ساڃاهه وندن جي تنظيمن ۽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۽ ملڪ جي ادارن پنهنجي عوام جي ضرورتن تحت پنهنجا ڪهڙا ترقي ۽ فلاح و بهبود جا هدف، ٽارگيٽ مقرر ڪيا آهن ۽ انهن جي حاصلات يا انهن تي اڳتي وڌڻ ۽ اپا کڻڻ لا ڇا سوچيو ويو آهي، اهي پنهنجي جا تي يقينن تمام اهم سوال آهن. قومن جي مستقبل جو تعلق پنهنجي حال جي بنياد تي بيٺل هوندو آهي. يعني ڪنهن به عمارت جي پيڙهه جي مضبوطي جي بنيادن تي اڏي سگهجي ٿي. سنڌ، سنڌي قوم، قومي ادارن ۽ قوم جي ساڃاهه وندن لا هن وقت سڀ کان وڏو سوال پنهنجي قوم جي تعليم جي سطح، تعليمي ادارن جي حالت ۽ انهن کي هلائيندڙ معلمن، استادن، ليڪچررز، پروفيسرز ۽ مختلف علمن جي ماهرن جي قابليت جي سطح ۽ قومي ترقي لا ڪيل رٿابندي اهم معاملا آهن.

تمام گهڻي ڇرڪائيندڙ خبر سامهون آئي آهي ته، سنڌ حڪومت جي صوبائي تعليم کاتي طرفان سنڌ ۾ 4 هزار 901 غير فعال اسڪول بند ڪرڻ ۽ غير فعال اسڪولن ۾ مقرر گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ غير فعال اسڪولن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي سموري سنڌ ۾ 4 هزار 901 نان فنڪشنل اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي تعليم کاتي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهن غير فعال اسڪولن ۾ مقرر سالن کان گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هڪ هزار 459 گهوسٽ اسڪولن جو به انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي رڳو سرڪاري ڪاغذن ۾ ئي موجود آهن، زميني حقيقتن موجب هڪ به اسڪول موجود ناهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهوسٽ اسڪولن ۾ ڪراچي، بدين، دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر، ميرپورخاص، ڄامشوري ۽ سانگهڙ ۾ اسڪول شامل آهن، جيڪي سرڪاري ڪاغذن ۾ ته موجود هئا پر انهن اسڪولن ۾ شاگرد، استاد ۽ اسٽاف جي ڪارگذاري ۽ ڪارڪردگي جو ڪوبه رڪارڊ رجسٽرڊ ناهي. واهه سائين واهه!

اها تمام گهڻي افسوسناڪ صورتحال آهي جو صوبي جا لڳ ڀڳ پنج هزار اسڪول ۽ انهن جو عملو صرف ڪاغذن ۾ موجود آهي ۽ اهي نه صرف ڪروڙين رپيا باقاعدگي سان پگهارون ۽ ٻيا خرچ برابر وصول ڪري رهيا آهن پر پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ، ڪم ڪرڻ کانسوا زير زمين رهندڙ مخلوق وانگر لڪل آهن. پنج هزار گهوسٽ اسڪولن جي حساب سان سراسري طور جيڪڏهن هر هڪ اسڪول ۾ 10 استادن ۽ آفيسن جي ٻي عملي جو حساب لڳائجي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک کان وڌيڪ عملو بڻجي ٿو جيڪو باقاعدگي سان پگهارون ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪندو رهيو آهي. اهو ڏوهاري عملو يقينن قومي مجرمن ۾ شامل آهي جيڪي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ کانسوا باقاعدگي سان قوم کي دوکو ڏيندا رهيا ۽ سالن کان حرام آمدني ۽ پگهارون کڻي پنهنجي خاندانن ۽ اولاد کي پڻ حرام کارائيندا رهيا آهن. انهن سان گڏوگڏ انهن قومي ڏوهارين جي پرده پوشي ڪندڙ ۽ سندن انهن ڏوهن کي لڪائيندڙ ۽ ڍڪيندڙ تعليم کاتي جا آفيسر پڻ ساڳي طرح ڏوهاري ۽ قومي مجرم آهن جيڪي انهن جوابدارن کان رشوتون ۽ حرام جي ڪمائين مان حصا پتيون وٺي پنهنجي گهرن ۽ ٻچن کي پڻ حرام جي ڪمائي کارائي دنيا ۽ آخرت ۾ پڻ پاڻ سان گڏ گنهگار ٿيا آهن ۽ پنهنجي معصوم خاندانن کي پڻ ۽ قوم ۽ عوام جي ڏوهارين جي خاندانن ۾ شامل ڪندا رهيا آهن. يقينن، انهي سموري عمل ۾ وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه اها پڻ آهي ته، گهوسٽ اسڪولن يا سرزمين تان غائب اسڪولن ۾ مقرر استادن ۽ ٻئي عملي جون ترقيون پڻ يقينن ڪاغذن ۾ ٿي رهيون هونديون ۽ انهن فرضي اسڪولن جي تعميراتي ڪمن تي پڻ اربين رپين جو قومي خزانو خرچ ڪيو ويو هوندو ته ان قسم جي ڏينهن ڏٺي ٿيندڙ واردات کي قومي ڌاڙو چئجي، قومي ڦر چئجي يا قوم ۽ وطن سان ويساهه گهاتين جو معاملو چئجي ته اهو ڪيس قومي ڏوهن کان به وڌيڪ شرمناڪ ڪيس بنجي منظر عام تي آيو آهي. اهو معاملو اڃا اتي ختم به نه ٿو ٿئي پر استادن ۽ ملازمن جي انهن تنظيمن لا به عبرتناڪ آهي جيڪي انهن گهوسٽ اسڪولن بابت سموري ڄاڻ هئڻ باوجود خاموش رهيون ۽ محترم استادن جي عهدن تي فائز انهن جا اڳواڻ نه صرف انهي قسم جي قومي ڏوهه کي لڪائيندا رهيا ۽ انهن اسڪولن کي فعال ڪرڻ ۽ تعليم عام ڪرڻ وارو پنهنجو بنيادي فرض به نه صرف وساري ويهي رهيا ۽ اهڙي ريت پاڻ به ان قسم جي ڏوهن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا پر ان حوالي سان حڪومت طرفان تعليمي ادارن جي سڌارن لا ٿيندڙ ڪارروائي جي نه صرف مخالفت ڪئي پئي وڃي پر جوابدارن جي پٺڀرائي پڻ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي، سنڌ حڪومت طرفان هيڊ ماسترن جي ترقي جو پراڻو مسئلو پڻ حل ڪيو ويو آهي جنهن موجب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 4 هزار 401 هيڊ ماسترن کي ترقي ڏيڻ جي سمري به منظور ڪئي وئي. واضح رهي ته سڄي سنڌ جي 4 هزار 401 هيڊ ماسترن کي 18 سالن کان ترقيون نه ملي سگهيون هيون. سمري موجب 17هين کان 20هين گريڊ جي هيڊ ماسترن کي ترقيون ڏنيون وينديون، 17هين گريڊ ۾ 3 هزار 974 هيڊ ماسترن، 18هين گريڊ ۾ 293 هيڊ ماسترن کي ترقي ڏني ويندي. اهڙي ريت 19هين گريڊ ۾ 130 ۽ 20هين گريڊ ۾ 4 هيڊ ماستر آهن. اهڙي ريت، سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ نوان اسڪول کولڻ ۽ موجود اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ تعداد وڌائڻ لا پڻ سنڌ ڪابينا تعليم کاتي ۾ نين ڀرتين جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ تعليم کاتي جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 11هين ۽ 12هين جماعت لاءِ 1200 انٽرنيز ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. انهي اجلاس ۾ استادن جي پگهارن لاءِ 663.75 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته استادن کي ماهوار 25 هزار رپيا پگهار ڏني ويندي. اهي سبجيڪٽ انٽرن استاد ان وقت تائين ڪم ڪندا، جيستائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان مضمونن جي ماهرن جي مقرري ٿي وڃي. سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته 240 فزڪس، 240 ڪيمسٽري، 120 رياضي، 120 بائيولاجي، 240 انگريزي، 60 پاڪستان اسٽڊيز، 60 اسلاميات، 60 سنڌي ۽ 60 اردو جا استاد ڀرتي ٿيندا، هر هڪ انٽرني کي 50 هزار ماهوار الائونس ڏنو ويندو.
سنڌ سرڪار پنهنجي عمل ذريعي پنهنجي وعدن ۽ منصوبن جي جلد تڪميل ڪندي ۽ نئين سال 2022ع جي قومي للڪارن کي منهن ڏيڻ لا پنهنجن ادارن کي بهتر بنائڻ سان ئي سنڌ جي عوام وٽ سرخرو ٿي سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button