ڪنهن به ملڪ يا خطي جي ترقيءَ جو دارومدار اتان جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي هوندو آهي. جتي وسيلن جي ورڇ ۽ انهن جو استعمال منصفاڻو هوندو، اتي ترقيءَ به اوتري ئي تڪڙي ۽ جٽادار هوندي. ان کانسواءِ اتان جو عوام به خوشحال هوندو. ڇاڪاڻ ته وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ نه رڳو عوام ۾ بي چيني پيدا ڪندي آهي پر ترقيءَ جو ڦرندڙ ڦيٿو به بيهي رهندو آهي. اهڙي ريت سنڌ جي سڃاڻپ سنڌ جا قديم ورثا پڻ آهن.
ٿر سنڌ جو خوبصورت حصو آهي، جنهن کانسواءِ سنڌ اڻپوري آهي، ٿر جي مٽي سدائين پاڻ ملهايو آهي. پر سنڌ جي هن خوبصورت خطي جي سونهن ڪارونجهر جبل کي ڪٽيو پيو وڃي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسين پنهنجي ئي ورثي کي تباهه ڪري رهيا آهيون. ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي ۽ ان سونهن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ الائي ڪيتري وقت کان ان جبل کي ڪٽيو پيو وڃي. اڄ ڪارونجهر کي بچائڻ جو وقت آهي. ان کي ڪٽجڻ کان بچائڻو پوندو. اسان جي گهڻن ئي نوجوانن کي سنڌ بابت معلومات گهٽ آهي، جنهن جو سبب انهن جو گهٽ مطالعو آهي. ڪارونجهر بابت سڄي سنڌ ۾ مهم هلي رهي آهي، هتي پڙهندڙن جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور ايندو ته ڪارونجهر ڇا آهي؟ ڪٿي آهي؟ ۽ ڇو ان جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي؟ پڙهندڙ لاءِ ڪارونجهر جو مختصر تعارف پيش ڪيان ٿي ته جيئن هو باآساني سمجهي سگهن ته آخر ڪارونجهر کي ڇو ڪٽيو پيو وڃي.
ڪارونجهر هڪ جبل آهي، هي جبل ننگرپارڪر شهر جي چوڦير گولائيءَ جي صورت ۾ ڏکڻ ۽ الهندي پاسي اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان جي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار فٽ مٿي آهي. هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستان ٺهيل آهن. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتون ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. هن جبل مان گگر، ماکي، مختلف ٻوٽيون ۽ ڪاٺيون نڪرن ٿيون، جن کي اتان جا ماڻهو پنهنجي روزگار جو وسيلو بڻائي وڪرو ڪن ٿا. ڪارونجهر جبل لاءِ عام چوڻي آهي ته ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو، يعني هن جبل جي ايتري ڪمائي آهي، جنهن جي قيمت روزانو سوا سير سون برابر آهي. هن جبل جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي دوا دارون لاءِ ڪم اچن ٿيون. مثال کوکرو، گڻ ول، ستاوڙي، جهنگلي بصر، سوچني، ان ڪنٺي، اٽنگڻ، ڇونٽي، وغيره هن جبل جي خاص ڳالهه اها آهي ته ڪارونجهر جو بصر ڪڏهن ڪڏهن گوگڙو جهڙو نظر ايندو آهي ۽ ان جا رنگ به تمام منفرد هوندا آهن. چون ٿا ته اونهاري جي موسم ۾ جبل مان زوردار آواز به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ممڪن آهي ته جبل ۾ گندرف ڀريل هجي.
برسات جي موسم ۾ جبل تان پاڻي اٿاهه سمنڊ جيان وهي هلندو آهي. گوذرو ۽ ڀٽياڻي نديون به هتان نڪرن ٿيون. جيڪڏهن هنن ندين کي بند ٻڌي پاڻيءَ کي پوک لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ننگر پارڪر کي ڪڏهن به ڏڪار کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڪارونجهر تي گدڙ، چراخ باندر، بگهڙ، مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور توڙي پکي رهن ٿا.
ڪارونجهر جي چوطرف ڪيترا تلاءُ آهن، جن ۾ ٻارنهن ئي مهينا پاڻي موجود هوندو آهي. ننگر پارڪر ۾ مختلف ننڍيون ننڍيون نئيون تمام گهڻيون آهن، جن کي مختلف نالن سان سڏين ٿا، جهڙوڪ ڏونگري جي ٽڪري، راڻيپور جي ٽڪري ۽ چوڙيي جي ٽڪري وغيره. هن جبل جي هڪ ڳالهه ڏاڍي عجيب آهي ته هن جو پٿر سياري ۾ برف وانگر ٿڌو ۽ اونهاري ۾ سخت گرم هوندو آهي. سنڌ ڀاڳن واري آهي جو ان وٽ جبل جي صورت ۾ هڪ هيرو موجود آهي، هي ڪارونجهر قدرت جو شاهڪار آهي. هتان جا ماڻهو ڪارونجهر تي ساهه ڏين ٿا. هي کين سندن زندگين کان وڌيڪ پياري آهي ۽ هجڻ به گهرجي، جيڪو ڪارونجهر برساتن پوڻ سبب ساوڪ جي چادر اوڍي ٿو، جيڪو قسمين قسمين جون ٻوٽيون پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪري ٿو. جنهن جون ڀاڄيون ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو هجن، جنهن جا آستان تاريخ بيان ڪندا هجن جن سان ماڻهن جا جذبات جڙيل هجن، اهو ڪارونجهر ڪنهن کي نه پيارو هوندو. جنهن ۾ قدرت جو شاهڪار نظر ايندو هجي. هي جبل خدا سنڌ کي تحفي طور ڏنو آهي. ننگر پارڪر جو هي جبل سنڌ جو حسين ترين جبل آهي، پر افسوس ته ڪارونجهر جو قدر اسان جي حڪمرانن کي ناهي، کين اقتدار جي لالچ ايترو ته بي حس ڪري ڇڏيو آهي، جو هو پنهنجي سنڌ کپائڻ کان به نٿا لنوائين.
ڪيتري ئي عرصي کان ڪارونجهر کي ذرو ذرو ڪري ٽوڙيو پيو وڃي ۽ ليز تي ڪمپنين کي ڏنو پيو وڃي. جن جي ڪا ڪاغذي ڪارروائي به ناهي. بس ڪارونجهر کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ وڏي عرصي کان هن جبل کي ڪٽيو پيو وڃي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهربو هو ته سنڌ حڪومت کي ڪارونجهر سميت سنڌ جي هر ورثي جي حفاظت گهرجي، پر سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي.
سوشل ميڊيا ۽ مقامي ماڻهن جي احتجاج کان پوءِ في الحال ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪي وئي آهي، اهو به عدالت جي حڪم تي ۽ عدالت 6 جنوري تائين مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي. هاڻي ڏسجي ته سنڌ حڪومت ڪهڙو موقف پيش ڪري ٿي. ڪارونجهر رڳو جبل ڪونهي پر ٿر توڙي سنڌ جو قيمتي اثاثو آهي ۽ هڪ بهترين سياحتي ماڳ آهي، جتي سڄي ملڪ مان ماڻهن گهمڻ اچن ٿا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر جبل کي هڪ بهترين سياحتي ماڳ بڻائي، نه رڳو سنڌ پر پوري دنيا ۾ ڪارونجهر کي متعارف ڪرائجي ۽ اتي ايندڙ ماڻهن لاءِ هر قسم جي سهولت جو انتظام ڪجي ۽ اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي به ٿيندي ۽ ليز تي ڏنل ڪمپنين کي جبل جي ڪٽائي کان روڪڻ لا اهڙا اپاءَ وٺجن جو ڪير وري ڪارونجهر سان هٿ چراند نه ڪري سگهي.