رسول ميمڻ سنڌي ٻولي جو اهو تخليقڪار آهي جنهن بنا ڪو دٻا قبول ڪئي لکيو ۽ ڀرپور لکيو. رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۽ ناولن جي هڪ خوبي اها به آهي ته انهن ۾ هن سنڌي ادب کي جديد لاڙا ڏنا، نوان موضوع کڻي آيو ۽ بيان ڪرڻ جي عام رواجي طريقي کان هٽي نت نوان تجربا ڪيا. سندس ڪتابن ۾ ناول اک ڇنڀ، ڪتا، نجومي ۽ قالوبلا سنڌي افسانوي ادب کي نئين دڳ سان لاتو آهي. ان کانسوا هن نان فڪشن به خوب لکيو خاص ڪري فلسفي تي سندس ڪتاب “الف کان اڳتي” “نوسيبو” ۽ “پلسيبو” کي پڻ پڙهندڙن خوب ساراهيو ۽ انهن کي موٽ ڏني.
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو پنهنجو ئي هڪ الڳ جهان آهي، هڪ اهڙو جهان جيڪو پڙهندڙ کي هن جي دنيا مان ڪڍي هڪ ٻي دنيا ڏانهن وٺي وڃي. ڪهاڻين جي ڪتاب سينڊروم ۾ به اها ئي خوبي موجود آهي. هي ڪتاب، جنهن ۾ 15 نفسياتي ڪهاڻيون آهن، اهو 96 صفحن جو آهي ۽ ان کي ڪنول پبليڪشن 2021ع ۾ ڇپرايو آهي.
منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين اسان کي لفظ سينڊروم کي سمجهڻ گهرجي، جيڪو هن ڪتاب جو عنوان به آهي، ڇو جو جيتري تائين عنوان سمجهه ۾ نه ايندو ايتري تائين هي ڪهاڻيون به سمجهه ۾ نه اينديون.
سينڊروم:
ڊينٿرو مينن نالي صحت ۽ سائنس جي مشهور ليکڪه 2016ع ۾ healthwriterhub لا هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن سنڊروم جي وصف ڪندي لکيو آهي ته سنڊروم ڪنهن بيماري يا ذهني مونجهاري لا هڪ کان وڌيڪ نشانيون ظاهر ٿيڻ جو نالو آهي. اهو ضروري نه آهي ته ڪنهن مريض ۾ ڪنهن مخصوص حالت ۾ هجڻ جون سڀ نشانيون هجن، ڪڏهن هڪ نشاني يا وري هڪ کان وڌيڪ نشانيون به اهو نتيجو ڏئي وينديون آهن ته مريض ڪهڙي حالت مان گذري رهيو آهي، ان ۾ ڪيتري شدت آهي ۽ اڳيان هلي اها نشاني (سينڊروم) ڪهڙي حالت ۾ مٽجي سگهي ٿي. ماڻهن ۾ هڪ عام غلطي فهمي آهي ته اهي نشانين (سينڊروم) کي به بيماري سمجهندا آهن، جڏهن ته اهي ڪنهن به صورت ۾ بيماري نه هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ڪن ماڻهن ۾ اهڙيون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن، جن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. انهن جو سڌو سنئون واسطو ماڻهو جي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن سان هوندو آهي، اهي نشانيون ڪيفيتن جي ڪري گهٽجنديون ۽ وڌنديون رهنديون آهن. هڪ پل ماڻهو کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي ويندي آهي، پاڻ کي ۽ ٻين کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيندو آهي پر ڪجهه وقت کانپو ان ڪيفيت ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.
سينڊروم ڪهاڻيون:
رسول ميمڻ هن ڪتاب جي شروعات ئي هڪ ڇرڪائيندڙ جملي سان ڪئي آهي. هو ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
“پيدائشي طور هر انسان نفسياتي مريض آهي.” ان هڪ جملي پڙهڻ سان ئي اهو احساس ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻيون ماڻهن جي ڪنهن خاص ٽولي سان نه پر هن ڌرتي تي رهندڙ هر انسان سان لاڳاپيل آهن. هن ڪتاب ۾ نفسياتي مونجهارن تي 15 ڪهاڻيون: ريڍار جيڪو سمهي نه سگهيو، چهرا، روڊ ماسٽر، ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو، اگهاڙو، عجيب وارتائون، هاڻي ٺيڪ آهي، پر ڪٽيل شاهين، خوشي جي ڳالهه، سائيڪياٽرڪ وارڊ جو ڪتو، حالتون، اڌ رنگو + اڌرنگو، پنهنجو وجود پرايا هٿ، آلن پرن وارا پکي ۽ عشق جو اظهار، شامل آهن.
انهن ڪهاڻين ۾ ليکڪ پاڻ مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته هي ڪهاڻيون صرف نفسياتي احساسن تي مشتمل نه آهن پر پوسٽ ماڊرن ادب جون گهرجون به پوريون ڪن ٿيون.
ايئن ته هن ڪتاب ۾ ڏنل سڀ ڪهاڻيون نراليون ۽ اهم آهن، پر هتي مان ٻن يا ٽن ڪهاڻين تي تجزيو اوهان آڏو رکان ٿو ۽ اهو به ذڪر ڪندس ته اهي ڪهاڻيون ڪيئن پوسٽ ماڊرن ڪهاڻيون آهن؟
پوسٽ ماڊرنزم جنهن کي سنڌي ۾ جديديت پڄاڻان سڏجي ٿو، ٻين عالمي جنگ کانپو واري ادب ۾ وڌيڪ نمايان نظر اچي ٿو، اهڙو ادب جنهن ۾ سيلف ريفلڪسيونيس، جادوئي حقيقت نگاري، انٽرٽيڪچوئلٽي، ريٽيلنگ، ميٽافڪشن ۽ ڊارڪ هيومر وارا جز موجود هجن، انهي کي پوسٽ ماڊرن يا جديديت پڄاڻان ادب سڏجي ٿو. اهي سڀ يا انهن مان ڪو هڪ جز به ٿي سگهي ٿو. جديديت پڄاڻان ادب جي هڪڙي خاصيت اها آهي ته اهو ماڻهن کي مهابيانين (ميٽا نيرٽوز) مان ڪڍي شين کي نئين انداز سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت ڏيندو آهي ۽ ماڻهو کي جدا حيثيت ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگهه به ڏيندو آهي. ان کانسوا جديديت پڄاڻان ۾ گهڻي ڀاڱي بائنري اپوزٽس کي رد ڪيو ويندو آهي.
1-پنهنجو وجود پرايا هٿ: هي پنجن صفحن جي مختصر ڪهاڻي ٻن پناهگير ڀائرن جي ڪهاڻي آهي جنهن مان هڪ کي گوڏي ۾ ڪوڪو لڳل آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته جنهن ڏينهن هن جي گوڏي مان اهو ڪوڪو نڪري ويو ته هو مري ويندو. هو ان ڪوڪي کي پيو ڦيرندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته هن کي ڪوبه سور محسوس نٿو ٿئي، پر جيڪو به هن کي ايئن ڪندي ڏسندو هو، ان کي سور جي سٽ محسوس ٿيندي هئي. ڪجهه وقت گذرڻ کانپو اهو همراهه گم ٿي وڃي ٿو ۽ پو هن جو ڀا راوي کي ٻڌائي ٿو ته ورهاڱي وقت هن جي ڀا کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو، جنهن کانپو هن کي عجيب وهم وڪوڙي ويا ۽ سندس هٿ بنا ارادي جي ئي ڪم ڪرڻ لڳا. هن جو ڀا راوي کي اهو به ٻڌائي ٿو ته اهو ڪوڪو سچ ۾ هن جي زندگي هو، هڪ ڏينهن هو ڪمري ۾ ويو ته ڏٺائين هن جو ڀا مئو پيو آهي ۽ ڪوڪو ان جي جنگهه مان نڪتل آهي.
هن نفسياتي بيماري کي ايلن هينڊ سينڊروم سڏجي ٿو ۽ ان جي سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته هن بيماري ۾ هٿن تي دماغ جو حڪم نه هلندو آهي. هن ڪهاڻي جو راوي ٽيون ماڻهو آهي جيڪو ڪهاڻي کان ٻاهر آهي ۽ رڳو قصو ٻڌندڙ آهي، جڏهن ته ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي. ان ۾ راوي سيلف ريفلڪسيو آهي جيڪو جديديت پڄاڻان جو جز آهي، اهڙو منظر بيان ڪندي ڊارڪ هيومر کان به ڪم ورتو ويو.
2-پر ڪٽيل شاهين: هي 9 صفحن جي ڪهاڻي آهي جنهن جو مک ڪردار شاهين عبدالجبار آهي، جيڪا پڙهيل لکيل مائي آهي پر اڪيلي، بس پي جي يادن جي سهاري زندگي گذاري رهي آهي، هن جي ڳالهائڻ ۾ ججهڪ آهي، هٻڪندي آهي ۽ نروس رهندي آهي. هو ڪيترين ئي جاين تي نوڪري لا عرضي ڏئي ٿي پر کيس نوڪري نٿي ملي. نيٺ هو هڪ سرڪاري اداري ۾ عرضي کڻي اچي ٿي، جتي سيڪريٽري هن سان خوش اخلاقي سان پيش اچي ٿو ۽ کيس هڪ هفتو رکي پو اچڻ جو چئي ٿو، شاهين ان سيڪريٽري جي شخصيت مان ايترو ته متاثر ٿي وڃي ٿي جو هن کي لڳي ٿو ته اهو همراهه هن جي شخصيت جو حصو بڻجي ويو آهي، هن سان گڏ هلي رهيو آهي ۽ گڏ رهي رهيو آهي. هو ان سان هڪ هفتي تائين محبت ڪندي رهي ٿي. هڪ هفتي کانپو هن کي ان ڳالهه تي شرم اچي وڃي ٿو ته پنهنجو سڀ ڪجهه ان کي ارپڻ کانپو هاڻي هن سان اکيون ڪيئن ملائي؟ پر جڏهن هو آفيس ۾ وڃي ٿي ته سيڪريٽري کيس سڃاڻڻ ۾ ڪجهه وقت وٺي ٿو ۽ هن کان سندس عرضي به وڃائجي وڃي ٿي. هو ندامت ۾ شاهين کي هڪ خالي ڪاغذ ڪڍي ٻيهر عرضي لکي ڏيڻ جو چوي ٿو، ان تي شاهين کي اوڪارو اچي ٿو ۽ هو خالي ڪاغذ کڻي واش روم ڏانهن ڀڄي ٿي، جتي هو الٽي ڪري ٿي ۽ ان خالي ڪاغذ سان وات اگهي ٿي. هن کي لڳي ٿو ته هو پيٽ سان ٿي چڪي آهي.
هن نفسياتي بيماري کي ايروٽومينا سڏجي ٿو، جيڪا اڪثر ڪري نوجوان شرميلين عورتن ۾ ٿيندي آهي جنهن ۾ اهي ڪنهن جي خوش اخلاقي يا خوش طبيعت کان متاثر ٿي ان سان خيالن ئي خيالن ۾ عشق ڪرڻ لڳنديون آهن.
هي ڪهاڻي ٿرڊ پرسن ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪٿي جادوئي حقيقت نگاري جنهن ۾ شاهين کي سيڪريٽري سان گڏ گهمندي ڦرندي ڏيکاريو ويو آهي جو جز ملي ٿو، جيڪو پڻ جديديت پڄاڻان واري لاڙي ۾ اچي ٿو.
منهنجو خيال آهي ته هي ڪهاڻيون اسان سڀني جون ڪهاڻيون آهن، جيڪڏهن انهن ڪهاڻين جي آڌار تي اسان پنهنجو پنهنجو نفسياتي تجزيو ڪريون ته هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل 15 سينڊورمن مان ڪو هڪ سينڊروم يا هڪ کان وڌيڪ سينڊروم اسان ۾ به هوندو. مان ٽيڪنيڪ ۽ موضوع جي حوالي سان هن ڪتاب کي سنڌي ڪهاڻين جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب سمجهان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته اسان جو پڙهندڙ هنن ڪهاڻين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو.