ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ سان گڏ لياري ۾ بھ اداسي جا ڪڪر ڇانيل!

Editorial-Article-Allahbux Rathore

نئون سال تھ اچي ويو، پر آس ۽ اميدن کان خالي ھٿئين خالي آھي،رھيل ڪسر حڪومت سال جي پھرين رات جي اونداھي ۾ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ ڪري پوري ڪري ڇڏي. اقتدار جي ايوانن ۾ اختيارن جي حاصلات لاءِ ڇڪتاڻ برقرار رھي. ھاڻ ھڪ طرف مھانگائي عوام جو رت چوسڻ لاءِ پنھنجي جوڀن سان گڏ اچي وئي آھي، تھ ٻئي پاسي، عمران خان جو مستقبل بھ غير يقيني آھي. واڳ ڌڻي ۽ انھن جا اقتدار ۾ شرڪت ڪندڙ پارٽنرز رات ڏينھن نون فارمولن ۽ تجويزن تي مٿاڪٽ تھ ڪري رھيا آھن، پر اتفاق نھ ٿيو آھي، موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ بھ باقي 9 مھينا رھجي ويا آھن ۽ ايندڙ مارچ تائين نئين فوجي سربراهه جي مقرري جون خبرون بھ گردش ڪري رھيون آھن. ھينئر بھ ڪجھه سياسي ۽ غيرسياسي عھديدارن جي مائنس واري تجويز موجود آھي، ڪجهھ ڌرين کي اڌ رستي مان اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ ۽ ڪن کي ٻن کان ٽن سالن تائين اقتدار ۾ شامل ڪرڻ جا لارا لپا بھ ڏنا پيا وڃن. اھڙي صورتحال ۾ ڪوبھ ان پوزيشن ناھي تھ ڪير ڪھڙي وقت وزير اعظم ھائوس مان عمران خان کي پيرين اگھاڙو بني گالا موڪلي ٿو، يا نواز شريف جي آمد لاءِ جشن جون تياريون شروع ڪيون وڃن ٿيون، رھي ڳالهھ آصف زرداري جي تھ اھو ترپ جي پتي جو ڪردار ادا ڪندو، ھو شايد نئين سيٽ اپ جي شروع ۾ اقتدار جي ايوانن ۾ نظر ايندو ۽ پوءِ وري ڪا نئين سياسي قوت اقتدار جي ايوانن ۾ ھوندي، ايترو چئي سگھجي ٿو تھ عمران خان جو سج ڏينھون ڏينھن لھي رھيو آھي، انڪري ان جي اقتدار جي ضمانت ڏيڻ واري نھ ئي ڪا عالمي قوت آھي، نھ ئي واڳ ڌڻي، نڪي وري پارليامينٽ!
گذريل سال جي آخر ڌاري ڪراچي، جتي ايم ڪيو ايم جي ڌمڪين دوران ماحول گرم نرم ھو، اتي پيپلز پارٽي بھ متحدا سان مقابلي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل نظر آئي، پر ڪراچي جي قديم وسندي لياري ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪنھن نئين جھيڙي لاءِ ميدان صاف ڪيو وڃي پيو. لياري جي ھڪ گينگيسٽر ارشد پپو جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ شامل عزير بلوچ جي خلاف سينٽرل جيل ڪراچي ۾ تھ ڪيس ھلندڙ آھي، پر ھن ڀيري شنوائي ۾ شرڪت ڪري واپس ورندڙ اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر جاويد بلوچ ۽ ان جي ويجھي مائٽ کي اردو ڳالھائيندڙن جي آبادي واري علائقي سولجر بازار ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. ان ھاءِ پروفائل ڪيس جا عزير کانسواءِ پنج جوابدار ھئا، انھن مان صرف ھڪڙو جوابدار ۽ اڳوڻو ايم اين اي شاھجھان بلوچ ضمانت تي رھجي ويو آھي، ھاڻ ان جو اللھ خير ڪندو. ھي جوابدار بھ گينگسٽرز جي سموري نيٽ ورڪ جو مرڪزي ڪردار رھيو آھي. ان کان اڳ ۾ ھڪ ٻئي پوليس واري چاند خان نيازي کي بھ قتل ڪيو ويو ھو. ان سان گڏ ھن پرامن وستي جي گھٽ ۾ گھٽ پنجن يوسيز ۾ تاءَ ۽ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ٿي چڪي آھي. ھي خدشو بھ ظاھر ڪيو پيو وڃي تھ ڪٿي گينگيسٽرز جا Sleeping cells ٻيھر سرگرم نھ ٿي وڃن ۽ پوءِ مڪاني چونڊون بھ ملتوي ڪرڻ لاءِ رستو صاف ٿي وڃي. ان ھاءِ پروفائل ڪيس جي ھڪ جوابدار جاويد بلوچ ۽ ان جي مائيٽ کي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ شنوائي ۾ شرڪت ڪري اچڻ دوران مارڻ واري واقعي ۾ ڳجھون قوتون ملوث آھن؟ مخالف گروپ ھي ڪارروائي ڪئي؟ يا اھا گينگ، جنھن جو حصو اڳوڻو انسپيڪٽر بڻيو ھو، ان جا پنھنجا ئي ويجھا ساٿي ملوث آھن؟ ان بابت نھ ئي ڪنھن جاچ پڙتال جي اميد آھي، نڪي وري ملوث ڪردار وائکا ٿيڻا آھن. پر طاقتور حلقن جا اھلڪار واقعي واري ڏينھن جنھن Panic واري صورتحال ۾ ھئا، ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تھ ھي مخالف گروپ جي ئي ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، صورتحال کي ھٿن مان نڪرڻ کان اڳ اھم ھنڌن، پاڙن، گھٽين ۽ رستن ۾ سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ جھڙي صورتحال نظر آئي. ھي بھ سوال ڪيو پيو وڃي تھ ھاءِ پروفائل ڪيس جي اھم ڪردار کي ختم ڪرڻ لاءِ سولجر بازار واري علائقي جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟
وفاق ۾ حڪومتي ڌر پي ٽي آءِ جي وزيرن ۽ عھديدارن وٽ عوامي ڀلائي جي ڪا ايجنڊا تھ نظر نھ پئي اچي، پر ھو ڪراچي ۾ ٿيل ان ھاءِ پروفائل ڪيس جي حوالي سان قياس آرائيون ضرور ڪندا رھيا. ان کان اڳ ھو معاملي جي جاچ ڪرائين ھا، انھن اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون آھن، جنھن سان اھم ڪيس جي الجھليل ڳٿي نھ سلجھندي. عزير بلوچ ۽ ٻيا جنھن فورس جي ڪنٽرول ۾ آھن، اھي بھ پريشان جو شڪار آھن، ھو توڙي جو سينٽرل جيل ۾ آھي، پر شايد اصل ذميواري ڪنھن ٻئي فورس وٽ آھي.
جيستائين عمران خان جي حڪومت جي مستقبل بابت اڳڪٿيون ٿي رھيون آھن، انھن ۾ ڪجهھ نوان اضافا ٿي رھيا آھن، ھڪ طرف فرائيڊي ٽائيمز جي ايڊيٽر نجم سيٺي دعوا ڪئي آھي تھ واڳ ڌڻين نواز شريف سان ٻيھر رابطو ڪيو ۽ امڪان آھي تھ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ ۾ نواز شريف ۽ ان جا حامي ئي ھوندا، ھو آصف زرداري کي مڪمل طور تي سنگل آئوٽ ڪري ٿو. پر فواد چوڌري ۽ ٻيا چون ٿا تھ نواز شريف کي تھ ھو پاڻ واپس ڏيھه آڻيندا، پر جيڪو وزير اعظم جو اميدوار آھي، شھباز شريف، اھو وزير اعظم ھائوس ۾ تھ نظر نٿو اچي، پر ھن کي جيل وڃڻو آھي يا پرڏيهھ ۾! جيڪڏھن شھباز شريف جيل وڃي يا پرڏيهھ ۾ ٻنھي صورتن ۾ ن ليگ ان جي اھل نھ رھندي تھ اھا اقتدار جون واڳون سنڀالي سگھي. امڪاني رستو ھي آھي تھ نواز شريف کي چيو وڃي تھ عمران خان جو رھيل مدو، آصف زرداري حوالي ڪيو وڃي ۽ نين چونڊن تائين ن ليگ کي چيو وڃي تھ اھا پاڻ کي ڪيسن مان ڪليئر ڪرائي، نواز شريف جي اھليت، سزا جي خاتمي ۽ ٻين معاملن ۾ ٻه کان ٽي سال لڳي سگھن ٿا. ان سان گڏ شھباز شريف بھ جيل ويو تھ جلد واپس نھ ايندو. ان دوران پيپلز پارٽي واحد چوائس ھوندي. جيڪڏھن عبوري يا جوڙ توڙ واري دور ۾ اقتدار پ پ کي ملي ٿو تھ بلاول ڀٽو وزير اعظم بھ ٿي ويندو ۽ ھن جي بقول منظور وساڻ جي تھ شادي بھ ٿي ويندي. عوام کي بھ ڪجھه رليف ملي ويندو،عالمي سطح تي سواءِ سعودي عرب جي باقي جيڪي بھ کيڏاري موجود آھن، جن ۾ آمريڪا کان وٺي يورپي يونين، گڏيل عرب امارتون ۽ ٻيا ننڍا وڏا بروڪر بھ پ پ جي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.
جيستائين عمران خان جو واسطو آھي تھ ان جي حوالي سان ھي خبرون پھريان ئي ميدان ۾ آھن تھ جيڪڏھن قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿئي ٿي، تھ عمران خان ڪو ٻيو ڪم تھ ڪري نھ سگھندو پر ھو عظيم سپھ سالار کي نھ صرف ايڪسٽينشن نھ ڏيندو، پر وقت کان اڳ گھر ڀيڙو ڪندو. اھڙي صورتحال ۾ واڳ ڌڻين جي صفن ۾ وڌيڪ ڪاوڙ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آھي، ممڪن آھي تھ عمران خان جي ڪنھن امڪاني قدم کڻڻ کان پھريان ئي کيس گھر ڀيڙو ڪيو وڃي. عمران خان جي بدقسمتي آھي تھ ھو جيڪا ڳري ايجنڊا کڻي آيو، جنھن ۾ واڳ ڌڻي بھ شيکر جو ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا، اھو ڊليور ڪري نھ سگھيو. ملڪ جي معاشي حالت ۾ ڪا بھتري اچي، اھا تھ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿيندي، پر عالمي مالياتي ادارن اھڙيون رپورٽون جاري ڪرڻ شروع ڪيون آھن، جنھن سان موجوده حڪمرانن جي گھر روانگي جو عمل وڌيڪ تيز ٿي سگھي ٿو. عالمي بينڪ جي تازي رپورٽ مطابق عمران خان جي حڪومت جي ٽن سالن دوران قرض جيڪي 20 ھزار ارب رپين تائين ھئا، اھي وڌي ڪري 50 ھزار ارب رپيا ٿي ويا آھن، ملڪ کي روزانو رڳو خرچ پکو ھلائڻ لاءِ 12سو ارب رپين جي ضرورت آھي، ان سان گڏ عياشين لاءِ ورتل گردشي قرض جيڪو 2018 تائين 1200 ارب رپيا ھو، اھو 25 سو ارب رپين تائين پھتل آھي. ھي قرض ڳري وياج تي ورتو ويو آھي. عمران خان بابت چيو ٿو وڃي تھ ان جي سھائتا ڪرڻ لاءِ نھ ئي يورپي يونين آھي، نڪي وري آمريڪا، ايستائين جو برطانيا، جيڪو پڻ يورپي يونين جو حصو ناھي، اھو بھ ڪنھن قسم جي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. عمران خان کي چين جھڙو ملڪ بھ ڪا رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، انھيءَ اڀرندڙ عالمي قوت، جنھن جو مقابلو آمريڪا سان آھي، اھو بھ نواز شريف ۽ آصف زرداري تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار آھي، ڇاڪاڻ تھ سي پيڪ جو جنم تھ پ پ دور ۾ ٿيو، پر ان جي پالنا نواز ليگ ڪئي. ڪجھه حلقا تھ چين کي بدترين دوست سمجھن ٿا ۽ اھو پاڪستان جو ڪيترو بھ دوست ھجي، پر ملڪ جا مالي معاملا انھن کان زور آھن، پاڙيسري ملڪ افغانستان، جتي طالبان اقتدار ۾ آھن، اھي بھ آئسوليشن ۾ آھن، اھي پنھنجي مالي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ بندش وڌل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي استعمال ڪن ٿا، انھن کي محفوظ پناھه گاھون فراھم ڪن ٿا. پر نئين صفبندي لاءِ نئين سيٽ اپ جي ضرورت ھوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button