ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلند ترين سطح تي پهتل مهانگائيءَ جي شرح

Editorial

عوام جي جيئڻ سان سمورا گس بند ڪندڙ پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي سرڪار ڪنهن به اهڙي حقيقت کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا اهو ٻڌائي ٿي ته حڪومت جي ڪيل اپائن ۽ فيصلن سبب عوام لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن. مهانگائي جو هڪ اهڙو طوفان هاڻوڪي حڪومت کڙو ڪيو آهي، جو ان مان پار پوڻ عوام جي وس ۾ ڪين رهيو آهي. جڏهن ته حڪومت جو ڪم عوام کي وڌ کان وڏ رليف فراهم ڪرڻ هوندو آهي. پر هاڻوڪي حڪومت عوام کان هر ڏينهن تي اهي سڀ سهولتون کسي رهي آهي، جيڪي اڳوڻين حڪومتن کيس فراهم ڪيون هيون. هن وقت عوام لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي شرح آهي، جنهن عوام جا هٿ مٿي تي آڻي ڇڏيا آهن. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مهانگائي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهتل آهي. پر حڪومت ان جو ڏوهه به نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت کي ڏئي ٿي. جنهن جي ڪري اها عوامي مسئلن کان لاتعلق نظر اچي ٿي. ڪالهه جيڪا رپورٽ منظرعام تي آئي آهي، ان هاڻوڪي حڪومت جي مهانگائيءَ کي اصل نروار ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 22 مهينن جي سڀ کان بلند سطح تي پهچي وئي آهي. ڳڻپ جي وفاقي اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ اضافي سان عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيون جنهن سان پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جي شرح 22 مهينن جي سڀ کان بلند سطح تي پهچي وئي. اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سال 2021ع دوران لڳاتار مهانگائيءَ جي شدت وڌندي رهي، ڊسمبر 2021ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ 12 ڏهائي 3 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ نومبر 2021ع ۾ مهانگائي 11 ڏهائي 55 سيڪڙو رهي جڏهن ته ڊسمبر 2020ع ۾ مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو رهي هئي ۽ سال 2020ع جي 6 مهينن دوران مهانگائيءَ جي شرح 8 ڏهائي 63 سيڪڙو رهي. هاڻ اهي انگ ڪو اپوزيشن پارٽي پاران جاري ڪونه ڪيا ويا آهن، بلڪه اهي انگ اکر حڪومتي اداري جاري ڪيا آهن. جن مان اهو ظاهر پيو ٿئي ته حڪومت نه رڳو مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ناڪام وئي آهي پر اها ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌائي پڻ رهي آهي. اهڙي ريت ان مان اهو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت عوام کي ٺلها آسرا ڏيندي پئي اچي پر اها حقيقي طور عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪانه پئي ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته عوام اڳ ئي ڪيترن مسئلن جي ڪري پريشان آهي، مٿان وري مهانگائي بلند ترين سطح تي آهي ته ان سان عوام جي پريشانين ۾ ٻيڻو اضافو ٿيندو ۽ ايندڙ وقت ۾ هو وڌيڪ مالي ڏکيائين کي منهن ڏيندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي معيشت کي ڪنهن دڳ تي لائجي پر اهو هن حڪومت جي هوندي ممڪن نٿو لڳي.

ڇا عوام ميڻ بتيون ٻاري؟
عوام تي نوان ٽيڪس نه مڙهڻ، بجلي ۽ گئس مهانگا نه ڪرڻ جو دعويدار عمران خان اڄ عوام تي مهانگائيءَ جا بم ڪيرائي انهن جو رت سڪائي رهيو آهي. هن وقت بجليءَ جي لوڊشيڊنگ به جاري آهي ته ان سان گڏ ڪي بجلي پيدا ڪرڻ جا نوان منصوبا به ڪونه جوڙيا ويا آهن، جن سان بجليءَ جي پيداوار کي ممڪن بڻائي سگهجي. بلڪه هاڻ ته ڏينهن رات بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي. پر ان کان اهم ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته بجلي بنهه گهڻي مهانگي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري عوام بل ئي ادا نٿو ڪري سگهي. گذريل ٽن سالن ۾ جيتري بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي، ايتري ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به مهانگي ناهي ٿي. هڪ ڀيرو وري بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.
نئين سال ۾ تيل مهانگو ڪرڻ کانپو بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. بجليءَ جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ٽيرف ۾ واڌ جي لاءِ نيپرا سان رابطو ڪري ورتو. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٽيرف ۾ واڌ هلندڙ سال جي پهرئين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي. بجليءَ جي اگهه ۾ واڌ سان واهپيدارن تي 17 ارب 85 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو. جڏهن ته اگهه ۾ واڌ ڪيپسٽي چارجز ۽ بجلي پهچائڻ وارن خرچن جي مد ۾ ڪئي ويندي. نيپرا پاور ڊويزن جي درخواست تي 12 جنوريءَ تي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته 9 ڊسمبر تي نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي مهيني جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجليءَ جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پئسا واڌ ڪئي هئي. بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ مهيني جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، بجليءَ جي واهيپدارن کان واڌو بار ڊسمبر جي بلن ۾ اوڳاڙي ڪرڻو هو.
اسين سمجهون ٿا ته هن قسم جا فيصلا رڳو آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، جنهن جي ڪري عوام تي مالي بار وڌو پيو وڃي. جڏهن ملڪ ۾ ايتري مهانگي بجلي عوام کي ڏني ويندي ته هو اها بجلي ڇو استعمال ڪندو. ائين ٿو لڳي ته عمران سرڪار عوام کي اونداهي دور ۾ ڌڪڻ ٿي چاهي. تنهنڪري اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي. شايد اهو وقت پري ناهي، جڏهن عوام بجليءَ جي بلب بدران ميڻ بتيون ٻارڻ تي مجبور ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته هي حڪومت عوام جو ڀلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button