ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ وفاقي ڪابينه پنج سالن واري قومي سيڪيورٽي پاليسيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. حڪومت جي دعوى آهي ته هي ملڪي تاريخ جي پهرين جٽادار باضابطه سيڪيورٽيءَ جي پاليسي آهي. جنهن ۾ پاڪستان کي درپيش پرڏيهي ۽ ڏيهي چئلينجز جو احاطو ڪيو ويو آهي. هٿياربند فوج سيڪيورٽي ايجنسين، لاڳاپيل سول ادارن ۽ وزارتن ۽ 6 سئو کان وڌيڪ ماهرن جي صلاح مشوري کان پوءِ هي پاليسي جوڙي وئي آهي. پاليسي مسودو نومبر ۾ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي اجلاس ۾ به رکيو ويو پر مخالف ڌر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.
پاليسيءَ تي عملدرآمد جي نگراني قومي سلامتيءَ جي مشير معيد يوسف کي سونپي وئي آهي. جيڪو هر مهيني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪندو. هي سيڪيورٽي پاليسي رياست جي دفاعي سفارتي ۽ معاشي پاليسين کي رهنما اصول فراهم ڪندي. گذريل سال مارچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي ڊائلاگ ۾ هڪ نئون اصطلاح ٻڌڻ ۾ آيو، “جيو اڪنامڪس” يعني سمورين ڏيهي پرڏيهي پاليسين جو بنيادي هدف قومي معاشي استحڪام جي حاصلات هجڻ گهرجي.
نئين سيڪيورٽي پاليسيءَ مان لڳي ٿو ته پهريون ڀيرو پاڪستاني رياست سيڪيورٽي اسٽيٽ جي نظريي کان ٻاهر نڪري ويلفيئر اسٽيٽ ڊاڪٽرائن اپنائڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل آهي. يعني پهرين دفاع پوءِ معيشت جي سوچ جي جاءِ تي معاشي قوت بطور دفاع واري سوچ پاليسي حدن ۾ داخل ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته گذريل سال جي سڀ کان اهم گيم چينجر خبر آهي.
نئين سيڪيورٽي پاليسيءَ ۾ معيشت پاڻي، خوراڪ، سرحدي دفاع، دهشتگردي، آباديءَ ۾ واڌ جي مسئلن کي به شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي نئين عالمي نظام جي جوڙجڪ اٿل پٿل ۾ ملوث ڪرڻ بدران معاشي سفارتڪاريءَ کي ترجيح ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. اهو به چيو ويو آهي ته هڪ عام پاڪستاني جڏهن پنهنجن بنيادي حقن جي تحفظ کان پوءِ پاڻ کي محفوظ تصور ڪندو ته اهو انهي پاليسيءَ جي پائيداريءَ جو به ضامن هوندو.
ڳالهيون ته گهڻيون سٺيون لڳن ٿيون، پر سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته ان پاليسيءَ تي عملدرآمد ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿان کان شروع ٿيندو. جيڪڏهن اسين سيڪيورٽي عينڪ سان ڏسون ته پاڪستان هن وقت دشمنن جي گهيري ۾ آهي. هڪ طرف ڀارت آمريڪا ڳٺ جوڙ آهي. ان ڳٺ جوڙ ۾ آمريڪا جو هدف چين ۽ ڀارت جو پهريون هدف پاڪستان ۽ پو چين آهي. افغان بارڊر بي يقيني جي ڪوهيڙي ۾ ڦاٿل آهي. افغان معيشت ڪنهن قدر ابتر يا بهتر ٿي آهي ۽ ان ڪري پاڪستان جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن صوبن تي ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ سرحد پار موجود ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي وڌندڙ سرگرمين جي سدباب جي تعلق سان طالباني ڪابل ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ هم آهنگي وڌي ٿي يا وڇوٽين ۾ واڌ ايندي. بلوچستان ۾ جاري بيچيني سي پيڪ تي ڪيستائين اثر انداز رهي آهي.
ايران بمطابقله نار وارا ملڪ، اسرائيل ۽ آمريڪا جي رياست ڪهڙو ڪر موڙي ٿي، اهي سڀ سنجيده خارجي سيڪيورٽي چئلينج آهن. انهن کي منهن ڏيندي هڪ عمر گذري وئي ۽ قومي آمدني قرضن جو هڪ وڏو حصو ان تي آئينده به مسلسل خرچ ٿي سگهي ٿو. گذريل 74 سالن ۾ سيڪيورٽي اسٽيٽ ڊاڪٽرائن عملي طور اپنائڻ باوجود ڪو بنيادي ٻاهريون چئلينج گهٽ ڪونهي ٿيو بلڪه انگ، شدت ۽ پيچيدگي وڌندي وئي آهي.
هاڻي جيڪڏهن جيو اڪنامڪس جي عينڪ سان پاڪستاني سيڪيورٽي ضرورتن کي ڏٺو وڃي ته اسان جي جاگرافي ٽرلين ڊالر معيشت وارن پاڙيسرين جي وچ ۾ ان گهنٽا گهر وانگر آهي جتان کان هر روڊ گذرندو آهي. جيڪڏهن وچ ايشيا جي رياستن افغانستان ۽ ايران کي ڀارت کان يا ڀارت کي انهن ملڪن سان سستو ۽ تيز رفتار واپار ڪرڻو آهي ته ان لا اولين شرط ڀارت ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي بحالي به هجي، تڏهن به ورڪنگ رليشن شپ ضروري آهي. جيئن چين ۽ ڀارت جي سرحدي عسڪري علائقائي ڇڪتاڻ باوجود معاشي لاڳاپن کي اهڙي گرم دائري کان ٻنهي کي ٻاهر رکيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سفارتي معجزي سبب پاڪ – ڀارت ورڪنگ رليشن شپ ڪجهه اڳ وانگر بهتر ٿي وڃي ته خطي جي مجموعي معيشت جي گهوڙي کي کڙي لڳي سگهي ۽ خطي ۾ پاڪستان جو پنهنجو سياسي سفارتي وزن سودي بازي جي بازار ۾ چئوڻو ٿي سگهي ٿو. هونئن به پاڪستان قبول ڪري رهيو آهي ته مضبوط معيشت کان بهتر دفاع دنيا جو ڪو به هٿيار نٿو ڪري سگهي. پر مودي انڊيا ڪنهن ٻئي گمان ۾ آهي.
جيو اڪنامڪس جي رستي ۾ هڪ ٻيو وڏو چئلينج اهو آهي ته دنيا جي ٻن سڀ کان وڏين معيشتن جي وچ ۾ ڇڙندڙ سرد جنگ ۾ پاڪستان پنهنجن مفادن کي دوستي ۽ دشمني جي رسيءَ تي ڪهڙي ريت متوازن رکي هلي سگهي ٿو. جيڪڏهن چين ۽ آمريڪا جي گلوبل جيو اسٽريٽجڪ ۽ معاشي ڇڪتاڻ ايندڙ ڏهن سالن ۾ ايستائين هلي وڃي ٿي ته يا ته توهان مڪمل طور هن پڙ ۾ آهيو يا وري مخالف پڙ ۾، ته ڇا ٿيندو؟
فرض ڪريو ته ويجهي مستقبل ۾ ڀارت سان ورڪنگ رليشن شپ بحال ٿي وڃي ٿو، افغانستان ۾ ڪجهه استحڪام اچي ٿو، ايران نار جي رياستن ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ گرمي گهٽ ٿي ٿئي ۽ پاڪستان پنهنجي جيو اڪنامڪس ڊاڪٽرائن جي روشنيءَ ۾ خطي کي جوڙڻ وارو معاشي ڪاريڊور بڻجي ٿو وڃي ته نئين صورتحال ۾ پاڪستان ڪيترو منافعو ڪمائي سگهي ٿو.
معاشي ڪاريڊور ٿيڻ لاءِ اولين شرط اها آهي ته امن امان پوري ريت رياست جي ڪنٽرول ۾ هجي، دهشتگردي پاران راغب ڪندڙ انتهاپسند سوچ جو بخار اعتدال تي آندو وڃي. صنعتڪاري، زراعت جي جديد استواري، هنرمند افرادي قوت جي تياري لاءِ تعليمي انقلاب ۽ صحت جي سهولتن کي ترجيحاتي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ۽ ماحوليات کي بهتر بڻائڻ لا قومي آمدنيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو وقف ڪرڻ نه رڳو لازمي آهي بلڪه اها پاليسي ايتري جٽادار هجي جو ڪا به حڪومت ان کي تبديل نه ڪري سگهي.
آخري اهم ڳالهه اها آهي ته نئين ڪاغذ تي قومي سلامتي جو جيڪو خواب ناڪ نقشو آهي، ان ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ هر طبقي اداري ۽ قومي سياسي قيادت کي پنهنجن مفادن ۽ ذهن جو قبلو بدلائڻو پوندو. ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن ذاتي مراعتن ۽ رعايتن سان قومي معاشي تحفظاتي مفاد خاطر هٿ کڻڻو پوندو. ڪرپشن کي ڀارت ۽ دهشتگرديءَ کان به وڏو دشمن سمجهي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اهو سوچڻو پوندو ته هڪ طبقي، اداري يا ماڻهو جي پنهنجي اضافي مفاد تان هٿ کڻڻ جو انعام مجموعي قومي واڌ ويجهه ۽ استحڪام جي شڪل ۾ ڪجهه ڏهاڪن ۾ منافعي سان واپس ملي ويندو.
ڇا هي سڀ ممڪن آهي. ضرور ممڪن آهي، جيڪڏهن سڀئي صحيح نمبر جي عينڪ پائي سامهون موجود کليل ميدان کي ڏسڻ تي راضي ٿين. نه ته موتيو وڌندو ئي رهندو.