ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ذوالفقار علي ڀٽو: جنهن عوام کي سياسي شعور ڏنو

Editorial- Article- Amant Ali Jalbani

ذوالفقار علي ڀٽو، شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ سدائين لاءِ آرامي ٿيڻ تائين سندس سموري زندگيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. هو اهڙو جادوگر سياستدان هو، جنهن جي لفظ لفظ ۾ شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي هر ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي؟ لڙينگين، مروگي؟ مرينگين”: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان وعدي طور چورايا هئا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو.
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ٿيندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي. الٽو، لٽو ۽ اجهو جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏاڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڏنيون، ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني، ڪن ڦاهيءَ جي ڦندي کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿئين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل وعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو.
“مون کي ڪوبه جلاوطن نٿو ڪري سگھي، مان ھن مٽيءَ جي پيدائش آھيان ۽ ھتي ئي دفن ٿيڻ پسند ڪندس.” جهڙا جملا اچاريندڙ 5 جنوري 1928ع ۾ مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليم ۽ سياسي تربيت جي شروعات ڪجهه اهڙي طرح ٿي جو المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ کيس ٻڌايو ويو ته ڊڄڻو فقط خدا جي ذات کان آهي، باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ ۽ لنڪنز انورڊ ۾ بئريسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڀٽي صاحب ننڍي ڄمار ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏوگڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي ڄمار ۾ جڏهن هن سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي قيد مان آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙيءَ جي آباديءَ کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪيل هوندي هئي. يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالهه ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب فقط ۽ فقط شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا. جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي. ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ سڄي ملڪ اندر ڇانئجي ويو. جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.
ذولفي ڀٽو هڪ عوامي شخص ۽ عوامي ليڊر هو (اها ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون سدائين عوام سان رهندا آهن پوءِ ڇو نه موت اچي ورائي. محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي). ڀٽو صاحب عوام سان سدائين عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي. اهو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا آهي حڪومت ڇا آهي، پارٽي ڇا ٿيندي آهي، پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو. قائد عوام جا جلوس جلسا ۽ عوام جو سمنڊ شايد ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو، جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسا ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو. توهان کي يقين نه اچي ته توهان پاڻ ڀٽو صاحب جي جلسن جون وڊيو ڏسي سگهو ٿا.
ڀٽو صاحب اهو واحد ليڊر هو جنهن سياست کي بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي کليل روڊ رستن تي آندو ۽ عوام کي ڳالهائن جو حق ڏنو ۽ شعور ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو ملڪي وحدت جو مرڪزي نقطو ھو پر هو پاڪستان جي ضمانت به ھو. پوءِ به جيڪڏهن سندس قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اها خبر پوندي ته ايشيا جو هي ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذميداري ظاهر ٿيندي هجي. نه رڳو هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌي ڏانهن ڌيان ڏنو. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪنهن فرق ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. جهالت ۽ گمراهيءَ جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ کي عام ڪيو. هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي. ان لاءِ ايوانن کي عزت ۽ وقار کي مرڪز بڻائي ڇڏيو. ملڪي تاريخ جي لاهن چاڙهن ۾ عالمي طاقتن جي رسا ڪشي ڪنهن کان ڳجهي ناهي؟ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ بدترين خون خرابي جي شروعات افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي آمد ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ايران اندر شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اسلامي انقلاب ڪاميابي ماڻي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم ٿئي تقريبن 42 سال گذري چڪا آهن پر شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي. جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو خراب نالن سان ياد ڪندا آهن.
جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو. بهرحال الله تعاليٰ وٽ به انصاف آهي. جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ جو جهاز تباهه ٿيو ته هن جا هڏا به مالڪن کي نه مليا. جڏهن جنرل ضياءَ جي تابوت کي ان جي گهر وارن جي سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديدار به ڪري نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت هن جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه ماڻهو هن جو جنازو ڏسڻ لاءِ تيار نه هو.
اڄ وطن کي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس شخصيت ۽ نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي ۽ شامي ۽ ڪوفي حڪومت جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها. ذالفقار علي ڀٽو هڪ نظريي، هڪ مشن، حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل ۽ روايت ٽوڙيندڙ هڪ عزم جو نالو آهي. هن چيو ته مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button