هڪ ٻه ڏينهن اول سهڻو احسن ڪمال قرب ڪري ڪهي جو آيو ته کڻي سنگت ڪٺي ڪئيسون. احسن ڪمال پنهنجي سنگ جي ڪجھه اهڙن ساٿين مان هڪ آهي، جنهن وٽان پنهنجي ديس جي درويش درياهھ “سنڌو” جي قضيي بابت ڪافي بنيادي ڄاڻ ملندي آهي، تنهن ڪري ضروري هو ته احسن سائين کان درياھه جي هاڻوڪي اُجاڙ زندگي بابت ڪجھه ٻُڌجي ۽ سکجي. پيرائتا احوال ڪرڻ کان اول دوستن سان احسن ڪمال جي سُڃاڻپ ڪرائيندا هلون ته هي همراھه قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سماجيات جو پروفيسر آهي ۽ پاڻ سنڌو درياھه تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ سنڌو جي تباهي سبب درياھي سماج تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي لڳاتار پڙتال ڪندو ٿو رهي ۽ تنهن ڏينهن به هو بقاءِ لطيف آشرم، جيڪو سنڌوءَ جي ئي پيٽ ۾ آهي، تي اچي درياهھ بابت سنگ کي ڄاڻ ڏيئي رهيو هو. ڳالهيون ته تمام گهڻيون ٿيون پر هتي فقط هڪڙي ئي بنيادي ڳالاھ رکون ٿا، جنهن مان هتان جي حاڪمن جي درياھه بابت کوٽي نيت جو پتو پوي ٿو. هڪ دوست جڏهن پروفيسر صاحب کان سوال ڪيو ته توهين درياھه تي مسلسل پڙهائي ڪرڻ کان پوءِ هن ملڪ جي پاڻي پاليسي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ تنهن تي پروفيسر جو مختصر ۽ جيڪو چِٽو جواب هو، سو اسان سڀني کي اهو ئي سمجهائي ٿو ته درياھه پنهنجي هٿن مان ويو. هاڻ جيڪڏهن درياهھ کي بچائي سگهو ٿا ته بچائي ڏيکاريو.
پروفيسر جي ورندي هي هئي ته:
“اها ڳالھه اڄ سمجهي ڇڏيو ته هتان جا حڪمران درياهھ کي ايئن ئي ڏسن ٿا جيئن ڪاسائي ڪنهن وهٽ کي ڏسندو آهي. حڪمرانن وٽ سنڌو فقط ۽ فقط پاڻي جو اهو وهندڙ ذخيرو آهي، جنهن کي هو هر ممڪن حد تائين بند ٻڌي، ان مان ناڻو ڪمائڻ ٿا چاهين. باقي ڇا جي تهذيب، ڇا جو درياھه جو اهو پنهنجو فطري وهڪري وارو حق، جنهن جو اسين ذڪري ڪريون ٿا. هڪڙا ڊيم ۽ ڪئنال ٺهي چڪا ۽ ٻيا مرحليوار سنبت ۾ آهن. سو ڳالھه سڌي پئي آهي ته هو درياھه مان وڌ ۾ وڌ ناڻو ميڙڻ ٿا چاهين، سو جي روڪي سگهو ٿا ته روڪيو. باقي ٻي ڪابه واھه ڪانهي”
ايئن چوندي احسن سائين جي اکين ۾ آگم ڀرجي آيو. ها بلڪل اهڙو ئي آگم جيڪو پاڻ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مهندار سائين محمد علي شاھه جي اکين ۾ ڏسندا هئاسين، جڏھن ھو سنڌو جي سُور پچار ڪندو هو.
ان سموري حال احوال کان پوءِ هڪڙي ڳالهھ مڪمل پڌري ٿي آئي ته حڪمران درياھه تي اوستائين ڌاڙو جاري رکندا جيستائين عوامي مزاحمت درياھه دشمن حڪمرانن جون ٻانهون نه مروڙي. ته پوءِ سوال هتي اهو به آهي ته اهو عوام ڪٿي ڪٿي آهي؟ اچو ته اڄوڪي مضمون ۾ پاڻ انهي عوام کي ڳوليون ۽ سڃاڻون.
دراصل پنهنجي اڄوڪي نوجوان نسل درياھه لاءِ سنڌ جي مزاحمت ايئن اکين سان نه پسي آهي، جيئن پاڻ پسي آيا آهيون. تنهن ڪري پنهنجي هن ٽهي کي سڀ کان اول ته درياهھ جو ڪيس تفصيل سان سمجهائڻ جي گهرج آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ پاران پنهنجي درياھه جي دفاع لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ ٻڌائي مٿن اهو واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي هيل تائين جي جدوجهد سنڌوءَ مٿان ڪهڙين ڪهڙين غير قانوني ۽ غير فطري قاتل رٿائن کي روڪي سگهي ۽ ڪهڙيون رٿائون سنڌ جي لڳاتار احتجاجن ۽ دانهن ڪُوڪن باوجود نه رُڪجي سگهيون ۽ اڄ انهن ڌاڙيل واهن توڙي ڪئنالن ۾ سنڌو کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري پنجاب ۾ وهايو پيو وڃي. ان کان پوءِ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته اڄوڪي دور ۾، ڪالهوڪي جدوجهد جي نتيجن کي سامهون رکي ايندڙ ڏينهن جي حڪمت عملي جوڙجي ۽ ڏسجي ته سنڌ کان ٻاهر سنڌوءَ سان پيار ڪرڻ وارا ڪير آهن، ڪٿي آهن ۽ انهن کي سنڌوءَ جي بقا واري نئين جدوجهد ۾ ڪيئن ساڻي ڪري ٿو سگهجي؟
منهنجي نظر ۾ اها گهرج اڄوڪي دور جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي.
اهو هيئن جو سنڌ ته هونئن ئي پنهنجي درياھه لاءِ ساھه پساهه ڇڏي ٿي پر جڏهن به نام نهاد ترقي جي نالي ۾ درياھه مٿان جڙندڙ ڪنھن قاتل رٿا خلاف سنڌ مان دانهن ٿيندي آهي، تڏهن سنڌ مٿان ملڪ سان غداري ۽ ترقي دشمني جون فتوائون جاري ٿينديون آهن پر جڏهن اسان کي احسن ڪمال يا اهڙا ٻيا ايماندار، حقيقت پسند ۽ فطرت دوست ساٿي ٻين صوبن مان سنڌوءَ جي حقن جا وڪيل ملن ٿا، تڏهن سنڌ جو آواز وڌيڪ سگهارو ٿئي ٿو.
ان تناظر ۾ سڀ کان وڏو مثال سرائيڪي وسيب جو به آهي. هتان جي حاڪمن ٿل يا گريٽر ٿل ڪئنال جهڙن ڌاڙيل ڪئنالن بابت سدائين اها ڪوڙي ڪهاڻي پئي گهڙي آهي ته ان جو فائدو سرائيڪي سرزمين کي ٿيندو پر سرائيڪي وسيب جا روشن خيال ۽ وطن دوست فرد توڙي فورم سچ پڇو ته سنڌ کان به وڌيڪ انهن ڌاڙيل ڪئنالن خلاف ميدان عمل ۾ رهيا آهن ۽ اڄ به هو سنڌوءَ جي فطري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رهندي اهو چون ٿا ته سنڌو هر حال ۾ سمنڊ تائين سدا وهندو رهڻ گھرجي ته جيئن سنڌو سڀيتا جي تاريخ ميسارجڻ کان بچي سگهي.
ايئن پاڻ کي پختونخواه توڙي بلوچستان ۾ پڻ سنڌوءَ جي ساڃاهه رکندڙ ملن ٿا ۽ اسان کي پنهنجي اها سگهه نئين سر سهيڙڻ لاءِ نئون ميدان گهرجي.
ان سموري ڳالهھ رکڻ جو مقصد پنهنجي نوجوانن کي اهو سمجهائڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي درياهھ جي دفاع لاءِ گهربل نئين جدوجهد جون تقاضائون سمجهي سنڌ کان ٻاهر پنهنجا سڄڻ ڳولهي ساڻن جُڙي سگهن ته جيئن سنڌوءَ جي بقا جي ڪا واھه نڪري پوي.
هونئن به هن وقت هن ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي تنهن ۾ سڀني مظلوم قومن کي پنهنجي پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي آجپي لاءِ هڪ ٻئي سان سهڪاري ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. ماضيءَ ۾ مظلوم قومن جي اتحاد جي هڪ چڱي ڀلي تاريخ موجود رهي آهي ۽ اڄ به ان ڏس ۾ نئين دور جي شروعات ڪري ٿي سگهجي. ان اتحاد جي لاءِ هر مظلوم قوم وٽ نئين قيادت جي ڪچي ڦِڪي صورت موجود آهي ۽ عمل پاڻهي سڀني کي ڇاڻي ۾ ڇاڻيندو هلندو.
سنڌ ۾ هن وقت خبر ناهي ڇو درياهھ جي دفاع جي جدوجهد جهيڻي ٿي ڏسجي، جي نه ته درياھه جي جيڪا ابتر حالت هن وقت آهي، اهڙي شايد ڪڏهن به نه رهي هجي. توهين درياھه تي وڃو ۽ درياهي زندگي تي آڌاريل مهاڻن جا حال ڏسو ته شايد اوھان جي اکين جو پاڻي به پورو نه پئجي سگهي جو پيڙائون ايتريون گهڻيون آهن. آئون جڏهن به درياھه تي ويندو آهيان تڏھن ملاحن جو پراڻيون، جهريل مڪڙيون ۽ انهن جا اداس ٻار ڏسي سوچيندو آهيان ته ڇا هنن جو هاڻي ڪوبه واهي نه ٿيندو؟ اهو ان ڪري جو رياست جو درياھه ڏانهن رويو پاڻ مُهڙ ۾ ئي ڏيئي آيا آهيون، رياست کي درياھه سان نه پر نوٽن سان سروڪار آهي. اهڙي رياست کي سنڌوءَ جي اڃايل ۽ اداس ٻارڙن جي پرواهه به ڪهڙي؟ اهو بار ته اڳي پوءِ انهن جي ڪلهي تي ئي پوڻو آهي جيڪي سنڌوءَ کي پنهنجي ممتا سمجهن ٿا. ته پوءِ سنڌو جي حقيقي اولاد کي هر صورت پاڻ ملهائڻو پوندو ۽ پنهنجي درياھه جي دفاع لاءِ مقامي توڙي عالمي سطح تي نوان اتحادي ڳولهڻا پوندا.
پاڻ کي يقين آهي ته سنڌ جو هي نسل پنهنجي درياهھ جي بقا لاءِ هر ممڪن حد کان اڳتي وڌي پاڻ ملهائيندو. ان نوجوان نسل کي سهيڙڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا حقيقي سياسي ڌر واقعي به سنجيدگي سان اچي ٿي ته ان جدوجهد جا رنگ ڍنگ ڏسڻ وٽان هوندا.