ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جا انڪشاف

Editorial

وڏي وقت کان پوءِ نيٺ اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ جيڪي انڪشاف سامهون آيا آهن، اهي ڪافي ڇرڪائيندڙ آهن. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ واري معاملي کان لاڳيتو انڪار ڪندي رهي ۽ هاڻ جڏهن ان جي جعلي اڪائونٽن جو معاملو سامهون آيو آهي ته اها ان کي به پنهنجي سوڀ قرار ڏئي رهي آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته ڪميٽيءَ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجا اڪائونٽ چونڊن وقت لڪايا ۽ اليڪشن ڪميشن کي گمراهه ڪيو. پر پي ٽي آءِ پاڻ کي ان ڪيس ۾ سوڀارو ڏيکاري رهي آهي. هن وقت تائين ته پي ٽي آءِ پاڻ کي صادق ۽ امين سرڪار طور ڏيکاري رهي آهي پر هاڻ جڏهن هي معاملو سامهون آيو ته سندس پت وائکي ٿي پئي آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اسڪرونٽي ڪميٽيءَ جي رپورٽ موجب تحريڪ انصاف عطين جي حوالي سان غلط معلومات ڏني آهي. ان سان گڏوگڏ پرڏيهي فنڊنگ جا ڪي به ذريعا نه ٻڌايا آهن، جنهن ڪري اسڪروٽني ڪميٽي تبصرو ڪرڻ کان لاچار آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۾ شامل ڪيش رسيدون بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان هڪجهڙائي نه ٿيون رکن. رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ مان ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جا عطيا وصول ٿيا. پي ٽي آءِ 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن بئنڪن 2008 کان 2012ع تائين جي اڪائونٽن جا تفصيل اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا، 5 سالن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرمز آڊٽ رپورٽن جو هڪ ئي ٽيڪسٽ جاري ڪيو. چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرم پنهنجي آڊٽ رپورٽ ۾ ڪا تاريخ داخل نه ڪئي. تاريخ جو داخل نه ٿيڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي. رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ جي رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو ته پي ٽي آءِ جا 65 بئنڪ اڪائونٽس آهن، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ 12 بئنڪ اڪائونٽس ظاهر ڪيا ۽ 53 پارٽي بئنڪ اڪائونٽس لڪايا ۽ سال 2008-9 ۽ 2012-13 ۾ پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن آڏو هڪ ارب 33 ڪروڙ رپيا عطيو ظاهر ڪيو. پي ٽي آءِ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جو عطيو مليو. تحريڪ انصاف 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ جا نقطا منظر تي اچي ويا، جنهن مطابق سال 2012-13ع جي آڊٽ رپورٽ تي ڪائي تاريخ درج نه آهي. آڊٽ فرم جون فراهم ڪيل ڪيش رسيدون بئنڪ اڪائونٽس سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. آڊٽ رپورٽ منطوري لاءِ پي ٽي آئي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي هئي. آڊٽ رپورٽ تي تاريخ نه هجڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي. اڻ ظاهر ٿيل اڪائونٽس ۽ فندز بابت اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب 2008 کان 2013 تائين پي ٽي آئي هڪ ارب 33 ڪروڙ 22 لک جا فنڊ ظاهر ڪيا. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب پي ٽي آئي 2008 کان 2013 تائين پي ٽي آئي جي اڪائونٽس ۾ هڪ ارب 64 ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ فنڊ آيا. پي ٽي آءِي 53 بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، پي ٽي آئي 77 بئنڪ اڪائونٽس مان 12 اڪائونٽس ظاهر ڪيا آهن. پي ٽي آئي نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا جي اڪائونٽس جي پهچ ناهي ڏني.
مٿين رپورٽ جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ نه رڳو عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي پر اليڪشن ڪميشن جهڙي اهم اداري سان ڪوڙ ڳالهائي ان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪيس کي روڪرائڻ ۽ تاريخون وٺڻ ۾ پي ٽي آءِ ڪيترائي بهانا ڪيا پر نيٺ اهو ڪيس سامهون اچي ويو آهي. پي ٽي آءِ هن وقت ان رپورٽ کي پبلڪ نه ڪرڻ جو چئي رهي آهي. جنهن مان پي ٽي آءِ جي نيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها ڪهڙي ريت هڪ دوکو ڏيندڙ جماعت آهي. جنهن پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين ثابت ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم ترين انڪشاف آهي، جنهن جي سچائي عوام تائين پهچڻ گهرجي. ان کانسواءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ان رپورٽ تي فيصلو به جلدي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ان فيصلي جي ڪري نا اهل ٿي ٿي وڃي ته ان لاءِ هڪ وڏو سياسي لوڏو هوندو پر عوام کان حقيقتون نه لڪايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button