ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌي سوسائٽيءَ ۾ عاليشان ثقافتي پروگرام

Editorial-Article- Muhammad khan sial

“ثقافتي رنگن جي محفل وارو پروگرام”سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ، جوڳي موڙ، مين نيشنل ھاءِ وي، ضلعو ملير ،ڪراچي، سنڌ ۾ تازو رات جو نائين وڳي شروع ٿيو، جيڪو رات جو اڍائي وڳي تائين جاري رھيو. انھيءَ عاليشان پروگرام جو بندوبست انڊس پيس ويلفيئر ايسوسي ايشن،ڪراچي سنڌ (رجسٽرڊ) طرفان ڪيو ويو. پروگرام ۾ اھم سڄاڻ شخصيتن، دوستن، اديبن، سگهڙن، فنڪارن ۽ سوسائٽي واسين ڀرپور حصو ورتو جڏھن ته پروگرام شروع ٿيڻ سان ئي سڀني مھمانن جو دل جي گهراين سان آدرڀاءُ به ڪيو ويو.
انھيءَ پروگرام ۾، سنڌ سرڪار جو سوشل ويلفيئر وزير ساجد جوکيو خاص مھمان طور شريڪ ٿيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جو اڳواڻ محمد سليم بلوچ به فنڪشن ۾ موجود ھو. اھڙا دلچسپ پروگرام، سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ آئيندي به عام طور ٿيڻ گهرجن، جنھنڪري اتان جا واسي جيڪي سو سيڪڙو سنڌي ۽ سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ آھن تن ۾ يڪجهتي وڌندي ۽ گڏيل جدوجھد جي نتيجي ۾ سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ وارا جائز مطالبا به اڳتي ھلي پورا ٿي سگهندا.
پروگرام ۾ ڪنھن دوست تبصرو ڪيو ته سنڌي سوسائٽي، سڄي سنڌ جي سونھن آھي ۽ ڪنھن ٻئي چيو ته سوسائٽي سڄي سنڌ جو گلدستو آھي. ڪجهھ دوستن اھا به شڪايت ڪئي ته سوسائٽيءَ جي اڳيان مکيه اھم روڊ، مين نيشنل ھاءِ وي روڊ تي اوورھيڊ برج نه ھئڻ ڪري، ڪيترا لاش کنيا اٿئون جڏھن ته اھڙي برج ٺاھڻ لاءِ کوڙ ڌرڻا به ھنياسين ۽ لاش به کنياسين پر بدقسمتيءَ سان اڃا تائين پل ٺاھڻ جو فيصلو ڪونه ٿي سگهيو آھي.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾سنڌي پروگرامن جو بندوبست ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ٽي ڳالھيون سنڌي سوسائٽيءَ لاءِ خاص اھميت رکن ٿيون جن جو مکيه حوالو فنڪشن ۾ به ڏنو ويو سي آھن: سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ جي واسين جي ڀلائيءَ لاءِ ترقيءَ وارن پروگرامن تي عمل ڪرڻ، سوسائٽيءَ آڏو مين نيشنل ھاءِ وي تي لازمي اوورھيڊ پل جي اڏاوت لاءِ ڪيترن سالن کان ڪيل مطالبن جو خاص حوالو ڏئي جدوجھد وڌائڻ ۽ پروگرام ۾ سنڌي ڪلام سھڻي طريقي سان پيش ڪرڻ. بھرحال، سوسائٽيءَ جي پروگرام ۾ سنڌي ڪلام ته اڏي سھڻي نموني سان پيش ڪيا ويا جو شريڪ ٿيندڙ بار بار شاندار ڀليڪار ڪندا رھيا.
ھاڻي اچو ته اھم مسئلي تي وڌيڪ ڳالھايون، سو آھي سوسائٽيءَ جي آڏو، مين نيشنل ھاءِ وي تي پل جو نه ھئڻ جنھنڪري ڪيترن انسانن توڙي سوسائٽيءَ ۾ قائم چئن يا پنجن اسڪولن جي شاگردن جون حياتيون سخت خطري ۾ پئجي ويون آھن. ھونئن به گذريل ڪيترن ورھين کان ڪيترا ماڻھو مين نيشنل ھاءِ وي کي پار ڪندي، ھيوي ۽ فاسٽ ٽريفڪ حملن ۾ شھيد ٿي ويا آھن ۽ ڪجھه ڦٽجي به پيا آھن. اھو نھايت ئي پراڻو دکدائڪ داستان آھي جيڪو بدقسمتيءَ سان اڃا تائين جاري آھي.
اھا تلخ سچائي آھي ته لاڳيتي جدوجھد جي باوجود، مين نيشنل ھاءِ وي تي واسطيدار پل نه اڏڻ خاطر ڪيترن شاگردن ۽ عورتن سميت انسانن جون حادثن ۾ کوڙ حياتيون ضايع ٿي ويون آھن. مون کي ياد آھي ته سوسائٽيءَ جي روحان پبلڪ اسڪول جي مالڪ مشتاق وزنڪش مرحوم (اصل ٺٽيَ واسي) سندس اسڪول جي شاگردن جي مرڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ خلاف سندس اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو ته روڊ تي اوورھيڊ برج تعمير ڪري انسانن ۽ خاص ڪري شاگردن کي بچايو. ھن مون کي به شڪايت ڪئي ۽ مون سندس چوڻ تي ٽن انگريزي اخبارن ۾ اھڙا خط سال 2013ع ۾ لکيا ۽ کيس اخبارون ڏنم. ھن ۽ مون واسطيدار ادارن کي اھڙا خط موڪلي عرض ڪيو ته اوورھيڊ برج جي ترت اڏاوت ڪئي وڃي پر سکڻن آسرن کانسواءِ ڪا خاص اڳڀرائي ڪانه ٿي سگهي. ھونئن به مون مين نيشنل ھاءِ وي تي پل جي اڏاوت لاءِ 12 سالن کان انگريزي اخبارن ۽ سنڌي اخبارن ۾ کوڙ خط ۽ آرٽيڪل به لکيا ۽ سنڌ توڙي وفاقي سرڪار کي کوڙ درخواستون به موڪليم پر رزلٽ زيرو آھي.
اٽڪل ٽن سال اڳ، سنڌ سرڪار جا سنڌي آفيسر ٻن ڪارن ۾ منھنجي گهر آيا ۽ چيائون ته اوھان وزيراعظم عمران خان کي پل ٺاھڻ لاءِ درخواست موڪلي ھئي جنھن منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ھنن ٻڌايو ته اسان اوورھيڊ پل ترت ٺاھينداسون پر افسوس اٽڪل ٽن ورھين کان مٿي عرصو گذري ويو آھي پر اڃا به سوسائٽيءَ آڏو پل ناھي ٺھي سگهي. تازو مون کي اھو ڏسي اچرج ٿيو ته سوسائٽيءَ جي ٻنھي پاسن کان ڪجھه پري، گهٽ ۾ گهٽ ٻه پلون ٺھن پيون پر سنڌي سوسائٽيءَ جي سامھون بلڪل ڪونه ٺھي ٿي جڏھن ته حادثن ڪارڻ سوسائٽيءَ جي پل ٺاھڻ جي اھميت، ويجهڙائيءَ وارن ٻن علائقن کان گهڻو اھم آھي. سوسائٽيءَ ۾ اٽڪل 4 ـ5 اسڪول به آھن، سو شاگردن ۽ عورتن سميت عام ماڻھن جون حياتيون روڊ ڪراس ڪرڻ ڪري وڌيڪ آزار ۾ پيل آھن. انھن کي بچائڻ ضروري آھي.
مان سنڌي جماعت ھائوسنگ سوسائٽي بابت به مختصر معلومات ڏيان ٿو ته سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ سال 1970-71ع ڌاري رجسٽرڊ ٿي ھئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مرحوم جي دور ۾ سنڌي جماعت کي زمين الاٽ ڪئي جيڪا مين نيشنل هاءِ وي (ويجھو جوڳي موڙ ) تي آهي. سوسائٽي ٻن حصن تي ورھايل آهي جيڪي ديهه کانٽو (ضلعو ملير) ۾ سروي نمبر 90 ۽ 89 جي نالي سان مشهور آهن، جتي سو سيڪڙو سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ رهن ٿا. قائد آباد کان اھم مين نيشنل ھاءِ وي تي، گلشن حديد ڏانهن وڃبو ته ٽي يا چار ڪلوميٽر پري روڊ جي ساڄي هٿ تي بينظير ڀٽو گيٽ ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا سروي نمبر 90 ۾ آهي، جڏهن ته سوسائٽيءَ جو ٻيو حصو سروي نمبر 89، مين نيشنل هاءِ وي جي کاٻي پاسي ٿورو اندر آهي. سوسائٽيءَ جي ٻنھي حصن ۾ سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن جا رڳو سنڌي رھن ٿا.
سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ٽي مکيه مسئلا آھن، جن جو حوالو نيڪ نيتيءَ سان ڏيون ٿا ته جيئن انھن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي، ھونئن به انھن ۾ سوسائٽيءَ جي گڏيل ڀلائي بہ سمايل آھي. پھريون مسئلو اھو آھي ته سوسائٽيءَ جي دڪانن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ ھئڻ گهرجن. انھيءَ سلسلي ۾ اسان سوسائٽيءَ طرفان وڏي مھم ھلائي ھئي. انھيءَ تحريڪ کي ست يا اٺ سال گذري ويا آھن پر ڪنھن به سنڌيءَ ۾ بورڊ ڪونه لکيو آھي، البت سوسائٽيءَ جي جماعت جا پنھنجا بورڊ شروع کان ئي سنڌيءَ ۾ لکيل آھن پر پرائيويٽ ميمبرن جا ڪونه، جن ۾ سنڌي قومپرست دڪاندار به شامل آھن. ٻيو مسئلو اھو آھي ته سوسائٽيءَ ۾ ميمبرن جي في بلڪل گهٽ يعني چار سو رپيا ھڪ مھينو آھي پر وڏي گهڻائي، اھا معمولي في به نٿي ڀري جنھنڪري سوسائٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ قدم کڻي نٿا سگهجن. بھرحال، اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته اسان ڇھن مھينن جون فيون اڳواٽ جمع ڪرائيندا آھيون. ٽيون ته سوسائٽيءَ جا روڊ وغيره گهڻو ٽٽل آھن، جن جي اڏاوٽ ضروري آھي.
تازو آمريڪا جي قانصل جنرل سوسائٽيءَ ۾ اچي اھم اسڪول جو افتتاح ڪيو جيڪو آمريڪا جي مدد سان تازو ٺھيل آھي ۽ سنڌ سرڪار به انھيءَ سلسلي ۾ سھڪار جاري رکيو آھي. بھرحال، سوسائٽيءَ جي ڀلائي لاءِ ميمبرن کي خاص ڪري زوردار جدوجھد ڪرڻ گهرجي تہ بھتر.
ھاڻي وري سوسائٽيءَ جي پروگرام تي ڳالھائبو ته سوسائٽي فنڪشن ۾ رھاڪن ڀرپور حصو ورتو ۽ ٻن ڳائڻن رئوف مگسي ۽ عمران حيدر سُرن جي ورکا ڪئي. شريڪ ٿيندڙن، شاندار پروگرام ڪرڻ تي انڊس پيس ويلفيئر ايسوسي ايشن جي سموري ٽيم کي مبارڪون به ڏنيون. ان کانسواءِ، اوورھيڊ برج ٺاھڻ لاءِ سنڌ جي وزير سوشل افيئرز ساجد جوکيو ۽ سنڌ جي ايم پي اي محمد سليم بلوچ کي ترت اڏاوت ۾ مدد ڏيڻ لاءِ عرض به ڪيو ويو ۽ کين ٻڌايو ويو ته ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون ۽ ننڍڙا ٻار روڊ ڪراس ڪندي پنهنجيون زندگيون وڃائي ويهندا آهن. ڪن جو چوڻ ھو ته ڪيترن مائرن ۽ معصوم ٻارن جا کوڙ لاش به مليا آھن. ڪيتريون عام مائرون ۽ ٻار، ڪيڏي نه دردناڪ طريقي سان روڊ (مين نيشنل ھاءِ وي) ڪراس ڪن ٿا سو اوورھيڊ پل ٺاھي ڏيو ته اوھان جي مھرباني ٿيندي. بھرحال، ھنن مدد ڪرڻ جي خاطري ڏني آھي.
منھنجي نيڪ نيتيءَ سان راءِ آھي ته اھو پروگرام وڻندڙ ھو ۽ اھڙا پروگرام ھر مھيني يا ٻن مھينن ۾ ھڪ ڀيرو ڪراچيءَ جي سنڌي جماعت ھائوسنگ سوسائٽيءَ اندر لازمي ٿيڻ گهرجن، جنھنڪري ماڻهن ۾ نه رڳو اتحاد وڌندو پر سندن جائز مطالبا به پورا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اھڙي ريت سنڌي سوسائٽيءَ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ بھتر ۽ مثالي سوسائٽيءَ ۾ بدلائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button