ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت آيل عدالتي فيصلو

Editorial

سنڌ ۾ وسيلن جي جيڪا ڀيل ٿئي ٿي، ان جو مثال سڄي ملڪ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وسيلا هتان جي مقامي ماڻهن بدران پنجاب واسين لاءِ وڌيڪ ڪارائتا رهيا آهن. جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌي ماڻهن جا وسيلا تين وال ٿي رهيا آهن پر مقامي ماڻهو ڪيترائي ڀيرا ان نا انصافيءَ تي آواز به اٿاريندا رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو اتان جي ماحوليات متاثر ٿي رهي آهي پر جهنگلي جيوت کي پڻ نقصان پهچي رهيو آهي. تازو ئي جڏهن اهو معاملو وري ميڊيا ۾ آيو ته ڪورٽ نوٽيس ورتو ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. هاڻ ان جو تفصيلي فيصلو اچي ويو آهي، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ننگرپارڪر جي عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي غيرقانوني قرارا ڏيئي ڇڏي آهي. ننگرپارڪر جي عدالت پاڻمرادو نوٽيس نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪالھه عدالتي ڪارروائي ھلائي لاڳاپيل ڌرين ۽ کاتن جي لکت ۽ زباني بيان ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي ڪم روڪڻ ۽ ڪئمپون کڻڻ توڙي ڪٽائيءَ کي غيرقانوني ڄاڻائيندي ڪئمپون سائين لاءِ ختم ڪري ايس ايس پي ٿرپارڪر کي پي پي سي 188 تحت ڪارروائي ڪري، ھر مھيني 5 تاريخ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. عدالت پنهنجي تفصيلي ۽ حتمي فيصلي ۾ لکيو آھي ته لاڳاپيل کاتن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پئي آھي ته مقامي ماڻھن، مال متاع ۽ جھنگلي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو ذريعو ڪارونجھر جبل آھي. جڏهن برساتون ٿينديون آھن تڏھن پاڻي جي سطح مٿي اچي ويندي آھي ۽ مقامي ماڻھن ان مان فائدو وٺندا آھن. ليز ھولڊر ۽ لاڳاپيل معدنيات کاتو ڪنھن به قسم جي ليز جي معاهدي، سروي رپورٽس، حدون يه ان جون شرطن سميت ڪو به دستاويز ظاھر ناھن ڪيا. ان کانسواءِ ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين، جھنگلي جيوت، ثقافت کاتو، ٻيلو کاتو ۽ وزارت دفاع کان اجازت ناما ظاهر ناھن ڪيا، جيڪي ڪم ڪرڻ کان پھرين لازمي شرط ھوندا آھن. فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو آھي ته عدالت کي خبر پئي آھي ته عوام کي ڪنهن به قسم جي قانوني قدم کڻڻ کان پري رکڻ لاءِ سوچي سمجهيل منصوبه بنديءَ سان گڏ افواهه ڦھلايا ويا آھن ته ڪجهه بااثر ماڻھو ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ جي پٺيان آھن پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي. ڪوه نور ۽ ايف ڊبليو او طرفان وڏي پئماني تي پاڻ ڪم ڪري رھيون آھن، جيڪو پنهنجا کيسا ڀري رھيون آھن، پر تاثر اھو ڏنو ويو آھي ته رياست جي ڪنهن اداري سان تعلق آھي. عدالت وڌيڪ لکيو آھي ته ڪارونجھر ڪٽائيءَ کان ھٽي مقامي ماڻھن توڙي پوري ملڪ جي معيشت لاءِ وڏو ۽ اھم ذريعو آھي، جيڪڏھن ڪارونجھر کي ڪٽيو ويو ته اھو معيشت ۽ ماڻھن جي زندگيءَ لاءِ وڏو نقصان ھوندو. ننگرپارڪر ۾ ٺھيل ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو واحد ذريعو ڪارونجھر جبل آھي، فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته معدنيات کاتي چيو آھي ته 2007ع گرينائيٽ ليز تي سدائين لاءِ پابندي ھنئي وئي آھي ته ٻي طرف جواب ڏيندڙ ڪمپنيون 2011ع جون ليزون ڏيکاري رھيون آھن، ان جو مطلب آھي ته ھي ڪٽائي قانون جي خلاف آھي ۽ لاڳاپيل کاتي ان خلاف ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي. فيصلي جي آخر ۾ ڪمپنين کي لکيو ويو ته اھان ترت پنهنجي مشينري ھٽائي ۽ ڪارونجهر جبل جي مختلف ٽڪڙين تي پنھنجو ڪم بند ڪن ۽ جيڪڏھن اوھان عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته اوھان خلاف پي پي سي 188 جي تحت قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سختي سان ھدايت ڪئي وئي آھي ته ھو ھن حڪم جي تعميل ڪرائين ۽ آئينده ھر مھيني جي پھرين ھفتي ۾ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين. صورت ۾ اھو سمجھيو ويندو ته اوھان ڪٽائي ڪرڻ وارن جا ساٿي آھيو، ۽ اوھان خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ سٺو ۽ وقتائيو فيصلو آهي، جنهن کي ساراهڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر رڳو جبل ناهي بلڪه اهو ماڻهن ۽ جهنگلي جيوت کي پالي ٿو، تنهنڪري ان جي حفاظت ڪرڻ لازمي آهي. هاڻي سنڌ حڪومت کي عدالتي حڪومت تي هر صورت ۾ عمل ڪرائڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڪارونجهر کي اثاثو قرار ڏئي ان جي حفاظت پڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا جو ڌيان هن جبل ڏانهن ڇڪائي سگهجي ۽ ان کي هڪ اهڙو سياحتي ماڳ بڻايو وڃي، جنهن مان چڱو ناڻو ڪمائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button