ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرحد جو گانڌي – I

Editorial-Article- Shareef Thaheem

هندستان ۾ هن کي سندس اهنسا، عدم تشدد، ظلم ۽ جبر خلاف جدوجھد ۽ جرئت سبب “سرحد جو گانڌي” چيو ويندو هو. سرحد جا پٺاڻ عزت ۽ عقيدت مان کيس “باچا خان” چوندا هئا. هن جي لکيل “آپ بيتي” جدوجھد، عدم تشدد، صبر، جرئت، اصول پرستيءَ، سچائي جو شاندار داستان آهي. هن زندگيءَ جا ٽيهھ سال جيل جي عقوبت خانن ۾ گذاريا، پندرهن سال انگريز سرڪار جي بيٺڪي دور ۾ ۽ پندرهن سال پاڪستان جي اسلامي حڪومت جي دور ۾. هي چار سده جي ننڍڙي ڳوٺ اتمان زئي ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي پيدائش جو سال خان عبدالغفار خان هيئن ٿو ٻڌائي ته “منھنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر خان صاحب جي شادي 1901ع ۾ ٿي. ان وقت مان يارنهن سالن جو هئس ته مان چئي سگهان ٿو ته منھنجي پيدائش جي تاريخ 1890 هوندي.”
باچا خان کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو تمام گهڻو شوق هو ميٽرڪ دوران هن فوج ۾ ڀرتيءَ لاءِ درخواست هندستان جي ڪمانڊر ان چيف کي به ڏني ۽ هي ڊائريڪٽ ڪميشن ۾ انھي ڪري سليڪٽ به ٿي ويو جو هي ڇھه فوٽ ٽي انچ جو خوبصورت نوجوان هو، پر هڪ واقعي تي جنھن ۾ هڪ انگريز فوجي کي پٺاڻ نوجوان جي سخت بيعزتي ڪندي ڏٺو ۽ هن فوج ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وڃڻ جو پلان ٺاهيو پر والده جي اجازت نه ملڻ سبب انگلينڊ به نه وجي سگهيو ۽ مسيحن جي مشن اسڪول مان تعليم حاصل ڪيائين، جتي هن کي هڪ انگريز استاد ايم اي وگرم گهڻو متاثر ڪيو ۽ اتان ئي هن خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جو درس سکيو، جيڪو هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو.
باچا خان پنهنجي خلق خدا جي خدمت جو بنياد جهالت جو خاتمو، اسڪول کولڻ ۽ ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شعور ڏيڻ تي رکيو. ان جي شروعات هن پنهنجي ڳوٺ اتمان زئيءَ ۾ هڪ آزاد هاءِ اسڪول کولي ڪئي ۽ ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ به اسڪول کولڻ لاءِ هن جستجو شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺن ۾ دورا ۽ جلسا جلوس به ڪڍڻ شروع ڪيا. هنن جلسن جلوسن جو مقصد ماڻهن کي منظم ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ هو. باچا خان 1919ع ۾پھريون ڀيرو انگريزن خلاف جلوس ڪڍندي گرفتار ٿيو, 1920ع ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر ٿي خلافت ڪميٽيءَ جي لڏپلاڻ ڪرڻ جي اعلان تي افغانستان لڏپلاڻ به ڪئي (جنھن ۾ سنڌ مان به 500 سنڌين لڏپلاڻ ڪئي هئي پر افغانستان جي بادشاهه امان الله هنن سنڌين جي ڪا پرگهور نه لڌي ۽ ائين اتي رلي ويا هئا) پر هن جلدي واپس اچي پنهنجي صوبي ۾ ٺاهيل اسڪولن کي اچي سنڀاليو. استادن جي کوٽ سبب باچا خان اسڪول ۾ استاد ٿي پڙهايو، ان سان گڏوگڏ مختلف علائقن جا دورا به ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو مقصد تعليم پرائڻ ۽ انگريز جبر خلاف منظم ٿيڻ جي مهم هئي. انگريز سرڪار هن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ٽي سال سخت پورهئي سان سزا ڏئي پشاور جيل موڪلي ڇڏيو، جتي هن کي جيل جي “قصوري چڪي” ۾ بند ڪيو ويو. قصوري چڪي هڪ ننڍڙي ڪوٺي مثل هئي ماني به اتي ملندي هئي ته پائخانو به ڪنڊ ۾ رکيل ٿانو ۾ ڪرڻو پوندو هو.
باچا خان ٻن مهينن تائين قصوري چڪي ۾ هو، ان کانپوءِ هن کي ڊيره اسماعيل خان جيل منتقل ڪيو ويو جتي به هن کي چڪي پيهڻ لاءِ ڏني وئي ۽ هر وقت هٿن ۽ پيرن ۾ هٿ ڪڙيون لڳل هونديون هيون، جنھن سبب هن جا هٿ پير زخمي ٿي پيا هئا ۽ هن جو 45 پائونڊ وزن به گهٽجي ويو هو. هن کي خراب غذا ڏيڻ سبب ڏندن جي پائيورا بيماري ٿي پئي هئي، جڏهن ته باچا خان جي ساٿين باچا خان جي آزادي ۽ انگريز کان آزادي وٺڻ جي تحريڪ کي جاري رکيو. هي مسجدن ۾ مجلسون پڙهندا هئا، مولود ڳائيندا هئا، تقريرون ڪندا هئا. باچا خان جي گرفتاريءَ جا سبب ۽ مقصد ٻڌائيندا هئا. هن تحريڪ ۾ باچا خان جا پٽ غني ۽ ولي به شامل ٿي ويا. غني بهترين مقرر هو. ولي بهترين قاري هو، قرآن شريف جي قرات ڏاڍي شاندار نموني سان ڪندو هو. باچا خان پنهنجي سزا جا ٽي سال ڪاٽي آزاد ٿيو. اچڻ سان ئي “پشتون” نالي سان اخبار ڪڍيائين ۽ مولانا عبدالڪلام آزاد جي اخبار “الهلال” ۽ “البلاغ” به گهرائڻ شروع ڪيائين.
1928ع ۾ باچا خان “خدائي خدمتگار” جي نالي سان سوشل تحريڪ جو بنياد رکيو. خدائي خدمتگار جا بنيادي مول متا هي هئا. “خلق خدا جي خدمت اصل ۾ خدا جي خدمت آهي.” تشدد، گهرو ويڙهه، انتقام، دشمني، ظلم ۽ زيادتيءَ کان دور رهڻ، صبر ۽ معاف ڪرڻ، هر پختون کي پنهنجو دوست سمجهڻ نيڪ ڪم ڪرڻ، سٺيون عادتون ۽ بلند اخلاق پيدا ڪرڻ، بيڪار زندگي نه گذارڻ، ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ڪرڻ هن تحريڪ جو مقصد هو. هر خدائي خدمتگار تي هي پابندي هئي ته هو چاهي امير هجي يا غريب روزانو ٻه ڪلاڪ جسماني مشقت ڪرڻ ان لاءِ لازم هئي.
باچا خان جي گانڌيءَ سان به ڪيئي ملاقاتون ٿيون. هي گانڌيءَ جي سادگي ۽ اهنسا واري تحريڪ کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ ساڳي تحريڪ اهنسا جي فلسفي تحت هن پنهنجي صوبي سرحد ۾ هلائڻ پئي چاهي. گانڌيءَ سان ملاقات ڪري جيئن هو واپس آيو ته وري انگريز سرڪار باچا خان کي پشاور وٽان گرفتار ڪيو. هن جي گرفتاريءَ تي هزارين ماڻهن پشاور ۾ احتجاج ڪيو، جن تي انگريزن گوليون هلايون جن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. ان تشدد کانپوءِ ڪيئي هٿياربند قبائلين پشاور ۽ چارسده جي ٿاڻن جو گهيرو ڪيو، جن کي خدائي خدمتگارن عدم تشدد جي تحريڪ تحت تشدد ڪرڻ کان روڪيو ۽ باچا خان کي بنا ڪنھن سبب جي وري ٽي سال سزا ڏني وئي. باچا خان ان وقت مدد لاءِ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کي پيغام موڪليو. مسلم ليگ مدد ان لاءِ تيار ڪانه ٿي جو اها تحريڪ انگريز خلاف هئي. ڪانگريس انهي بنياد تي مدد لاءِ تيار ٿي ته جيڪڏهن پٺاڻ هندستان جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شامل ٿين ٿا ته ڪانگريس گڏ هوندي ۽ ائين خدائي خدمتگارن ۽ ڪانگريس وچ ۾ الحاق ٿي ويو. هي صورتحال انگريز سرڪار لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. انگريز سرڪار باچا خان کي آزاد ڪرڻ ۽ مراعتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر باچا خان اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي. طيش ۾ انگريزن خدائي خدمتگارن جي ڳوٺن کي گهيري ۾ آڻي ڪافي ڳوٺن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. بنون، ٽانڪ، چارسده ۽ ڪيترائي ڳوٺ فوج جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيا ۽ انهن ڳوٺن جي کاڌ خوراڪ به گهيري سبب معطل ٿي ويئي هئي. پر اهڙين حالتن ۾ به خدائي خدمتگار ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي مدد لاءِ گهيري هيٺ آيل ڳوٺن ۾ پهچي ويندا هئا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button