ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ

Editorial- Article- Dastgir Bhatti

پاڪستان کي ملڪ جي اصل مالڪن (جن کي مان واڳ ڌڻي لکندو آهيان) ٻاويهن ڪروڙن ماڻهن کي اڄ جنهن اندروني انتشار ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ وڳوڙ جي طوفان ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ان جي ڀوائتن نتيجن بابت سوچيان ٿو ته منهنجو هينئڙو لوڻ ٿيو وڃي! جيڪو سڀ کان اهم سوال ذهن تي وراڪا ڏيئي بار بار اڀري ٿو سو هي آهي ته آخر پاڪستان تي راڪاس جيان چهٽيل هي لڳاتار بد امني ۽ غير يقيني واري حالت نيٺ اڃا ڪيتري اڻهوند، ڪيتري بيروزگاري، ڪيتري بد امني ۽ ڪيتري بربادي پکيڙيندي؟
ڪجھه هفتن کانپو جو منظر ڏسجي پيو ته جيئن ئي ايندڙ فيبروري مهيني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي وڃايل جهان پنجاب جي گادي واري شهر لاهور کان بلاولٔ جي اڳواڻي ۾ عمران حڪومت کي ڊاهڻ لا ماڻهن کي رستن تي آڻي، اسلام آباد تائين جيڪا لانگ مارچ شروع ڪندي، ان ۾ شامل همراهن کي پنجاب جي راڄڌاني واري تخت تي ويٺل تحريڪ انصاف جا حاڪم ۽ سندن پنجاب پوليس توڙي رينجرس وارا مٺيون مانيون کارائي سندن آڌرڀا ڪندا يا مٿن اهڙو ئي لٺين جو وسڪارو ڪندا، جهڙو پيپلز پارٽي وارا ڪراچي پريس ڪلب وٽ استادن، شاگردن، ڊاڪٽرن، نرسن، ماسترياڻين، ڪلارڪن ۽ ٻين پر امن احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن سان هر مهيني ڏيڍ ورجائيندا رهندا آهن؟
اخباري اطلاعن موجب بلاول ڀٽو زرداري گذريل ٽن ڏينهن کان پنهنجي لاهور واري بلاول هائوس ۾ پ پ پنجاب جي اڳواڻن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏجاڻيون ڪري 27 فيبروري کان رٿيل لانگ مارچ جي تيارين ۾ لڳو پيو آهي تن گڏجاڻين ۾ ساڻس گڏ ويٺل آهن سنڌ پ پ جا سرخيل هرهڪ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو، شازيه مري، فريال ٽالپور، منظور وساڻ، ديره اسماعيل خان جو فيصل ڪريم ڪنڊي، لاڙڪاڻي جو جميل سومرو، ملتان شهر جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پشاور جو فرحت الله بابر، مارگلا جبل جي وادي سيدپور جو نئير بخاري ۽ ڪجھه ٻيا اڻڄاتل پ پ ڪارڪن جن کي مون پهرين ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو.
خدا ڄاڻي ته مولانا فضل الرحمان جي سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي اعلانيل وڏي پيماني تي ٿيندڙ مارچ مهيني واري لانگ مارچ کان اڳ تڙ تڪڙ ۾ هئ بل بکيڙو ڪرڻ لا بلاول کي سندس پي حڪم ڏنو آهي يا ڪنهن غيبي اشاري تي هي مانڌاڻ مچائي رهيو آهي. بهرحال اها ڳالهھ هاڻي چٽي طرح ظاهر ٿي ويئي آهي ته پي ڊي ايم جون اتحادي جماعتون خاص ڪري نواز شريف ۽ سندس ڌئ مريم نواز ٻه ٽي ڀيرا پ پ اڳواڻن هٿان دوکو کائڻ جي ڪري، هاڻي پيپلز پارٽي وارن ليڊرن تي ڀروسو ختم ڪيو آهي. مون کي ته اهي خبرون به مليون آهن ته جن ڌرين لاهور شهر واري ننڍي چونڊ ۾ پ پ کي ٽيھه هزار ووٽ ڏياري ڇڏيا تن کي عمران خان ۽ شريف فيملي جي ڀيٽ ۾ زرداري خاندان تي وڌيڪ اعتماد آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪرپشن بيشڪ ڪندا رهن ٿا پر واڳ ڌڻين سان پنجاب جي سياستدانن جيان اکيون ڦوٽاري نه ٿا ڳالهائين. پ پ جا سرواڻ ايتري قدر فرمانبردار آهن جو پاڻ اڪيلي سر سڄو مال نٿا ڳڙڪائين پر ونڊي ورڇي سمورن ڀائيوارن کي پرڏيهي بينڪن تائين سندن حصو پهچائين ٿا. نوجوان بلاول جي بي صبري جو ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا ڌڻي عمران خان جي ڀيٽ ۾ مريم نواز کي بنهھ چيڙاڪ ۽ ويڙهاڪ سمجهن ٿا، ان ڪري ئي بلاول کي ڀانئين پيا. ڏسو ته بلاول ڪيترن ڏينهن کان وٺي سليڪٽر جو محاورو ڪتب آڻڻ بند ڪري ڇڏيو آهي! اڄڪلھه سندس وات مان رڳو سليڪٽيڊ وزير اعظم خلاف بيان ٻڌجن پيا. ڪالهه جمعي تي پنهنجي لاهور واري محل ۾ شازيه مري سان گڏجي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چيائين:
27 فيبروري کان ڪراچي مان شروع ٿيندڙ مارچ اسلام آباد پهچي سليڪٽيڊ وزير اعظم کي گهر ڀڄائي ڇڏيندو. لانگ مارچ کان اڳ هارين جا جلوس ۽ جلسا به ڪنداسين.
منهنجي خيال ۾ هارين ۽ نارين کي هڙتال واسطي موبيلائيز ڪرڻ واري سوچ تازو هندستان جي پنجابي هارين ۽ سندن نارين جي ڇهن مهينن کان نريندر مودي سرڪار خلاف هلايل ۽ شاندار سوڀ ماڻيندڙ هلچل مان بلاول جي ذهن ۾ پيدا ٿي آهي. هن مهل سڄي ملڪ اندر ڪيميائي ڀاڻ جي اڻاٺ ڪروڙين ماڻهن جي فصلن لا خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. پر ڇا ماڻهن کي اها ڄاڻ ناهي ته کنڊ، ڪڻڪ ۽ اٽو بليڪ مارڪيٽ تي وڪرو ڪندڙ سنڌ جا حڪمران ڀاڻ جي ڪارخانن جا پاڻ ئي مالڪ آهن؟
سو بلاول جي بيان سان گڏ شازيه مري صاحبه جو به دلچسپ بيان ڇپيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته “هاڻي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. ملڪ کي هڪ نئين سياسي سيٽ اپ جي ضرورت آهي” اهو نئون سياسي سيٽ اپ ڇا ڀلا آسمان مان نازل ٿيندو! سيٽ اپ کڻي نئون به ٺهي پر ان ۾ چهرا ته ساڳيا ئي جهونا پراڻا هوندا، جن جي ٽيهن سالن تائين ڪيل ڪرپشن ماڻهن کي اڄ فاقه ڪشي ۽ آپگهات تي مجبور ڪري وڌو آهي. آصف زردارئ ڪهڙو نه وڏو مذاق ڪيو آهي غريب مسڪين ماڻهن سان اهو چئي ته: جڏهن ڪوبه شخص غريب عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻندو آهي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي”
چيف جسٽس جي ٿرپارڪر پهچڻ تي آفيسرن ۾ ٿرٿلو!

ٻن ڏينهن کان اخباري سرخيون اهڙيون ئي ڇپجن پيون جهڙي مٿي لکي اٿم. تفصيلن مطابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ گلزار احمد جي ٿر اچڻ ۽ اسڪولن، اسپتالن، روينيو ڊپارٽمينٽ، پاڻي صاف ڪندڙ آر او پلانٽس جي ڪامورن ۽ ضلعي انتظاميه وارن کي ڪنبڻي لڳي ويئي آهي. گذريل ٽن ڏينهن کان رستن جي صفائي، بيڪار ٿي ويل آر او پلانٽس جي مرمت، اسپتالن ۽ اسڪولن کي رنگ روغن، بجلي، پاڻي ۽ دوائن جي سپلائي کي سولو ڪرڻ ۾ آفيسر ۽ ڪلارڪ جنبي ويا آهن. پروگرام مطابق جسٽس گلزار احمد ٿر ڪول اٿارٽي جي ڪارڪردگي به ڏسندو ۽ ننگر پارڪر پهچي اها پڪ ڪندو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري بدمعاشي هميشه واسطي بند ڪئي اٿن ۽ ناجائز طريقن سان سرڪاري درٻاري واٺن کي ڏنل سموريون ليزون رد ڪيون ويون آهن يا نه؟
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت جو سڀ کان وڏو جج صاحب فقط ان مقصد سان آيو آهي ته پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي ته ٿرواسين جا معصوم ٻچڙا روز روز ڇو ٿا مرن؟ ڪوئلي، چائينا ڪلي، جپسم ۽ لوڻ جي کاڻين مان عام ماڻهن کي ڪل لاڀ ملي ٿو يا رڳو سرمائيدار، سرڪاري عملدار، سندن ٺيڪيدار ۽ جيالن جا ڀوتار پيا موجون ڪن ۽ غريب پيا بک مرن!
سو اها صورتحال ڏسي سوچيان ٿو ته حرام جي مال تي پلجندڙ سمورن حرامخورن لا چيف جسٽس جو اچڻ هڪ زلزلو ثابت ٿيو آهي.
جيڪڏهن هر هڪ کاتي مان چوري، رشوتخوري، بي ايماني ختم ڪرائڻ ھڪڙي چيف جسٽس جو ذمو ٿي چڪو آهي ته پو هزارين سرڪاري ملازم ڄئورن وانگر عوام جو رت پيئڻ واسطي مفت جي پگهار ۽ رشوتن جا انبار ڇو پيا گڏ ڪن؟ بند ڪرڻ گهرجن هي سمورا رت پياڪ سرڪاري دفتر، پوليس ٿاڻا ۽ لوڪل انصاف ڏيندڙ ادارا جيڪي سچو فيصلو به چيف جسٽس جي اچڻ جو ٻڌي ڪن ٿا. مان اهڙي بدبودار عوام دشمن نظام جي حاڪمن خلاف ماڻهن کي صلاح ٿو ڏيان ته اٿي کڙا ٿيو ۽ پنهنجا حق هنن زردارن، سردارن ۽ ڀوتارن کان کسي وٺو!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button