ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام

Editorial

ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. تازو ئي هلندڙ سال جي پهرين هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 08 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن بعد سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح 20 ڏهائي 08 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي. وفاقي جي ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته سڀني کان گهٽ آمدني رکندڙ غريب طبقي لاءِ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 38 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي. ڳڻپ واري اداري موجب برائلر ڪڪڙ 8 رپيا 96 پيسا، مهري دال 3 رپيا 23 پيسا، مڱن جي دال هڪ رپيو 67 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. جڏهن ته کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 62 پيسا واڌ کانپوءِ في ڪلو 92 رپيا 74 پيسا ٿي ويو. هڪ هفتي دوران پيٽرول 3 رپيا 80 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 81 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيو. ٻارڻ واريون ڪاٺيون، ماچس، گرم مصالحن جي اگهه ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته ٿوم هڪ رپيو 82 پيسا ۽ مٽر به 4 رپيا 53 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا.
هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. ان باوجود حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي نه پيا ٿڪجن. ٻي خبر اها آهي ته سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته “رهجي ويندڙ زرعي شين تي به سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو ۽ سيلز ٽيڪس ۾ سڄي فرق کي ايندڙ 5 مهينن ۾ ختم ڪيو ويندو.” ان سان نه رڳو هاري ۽ ننڍا آبادگار ڀوڳيندا، پر زرعي معيشت سان لاڳاپيل شين جي اگهن ۾ به واڌ ايندي، ٻين لفظن ۾ مهانگائي اڃا به وڌندي.
جڏهن ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن مالياتي ضمني بل 2021 تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته مني بجيٽ سان مهانگائي جو طوفان ايندو. حڪومت آئي ايم ايف بابت به غلط تشريح ڪري ٿي، ڇا آئي ايم ايف عام ماڻهو تي ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳائڻ لاءِ چوي ٿو. ٽيڪس وڌيڪ لڳائيندا ته ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ نه ايندا. اسان به هڪ خودمختيار ملڪ آهيون، هن قانونسازي کان پوءِ حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان به قرض نه وٺي سگهندي. عوام معاشي دهشتگردي جو حڪومت کان حساب وٺندو. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن جواب ڏيندي چيو ته مني بجيٽ ڪجهه نه آهي، ان بابت غلط فهمي پيدا ڪئي پئي وڃي. جمعي تي سينيٽ مالياتي ضمني بل 2021 تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مني بجيٽ سان ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌندي مني بجيٽ کان پوءِ کوڙ ساريون شيون مهانگيون ٿينديون. آئي ايم ايف جي چوڻ تي ملڪ جي معيشت کي گهٽو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته 150 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 350 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته آئي ايم ايف جي سامهون پاڪستان کي سرينڊر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مني بل پاڪستان سان معاشي دهشتگردي آهي ملڪ ۾ معاشي دهشتگردي جاري آهي، ماڻهو ڪرائيم ڪندا. هن چيو ته فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هڪ ڏينهن دوران اربين رپين جو بار وڌو ويو. سينيٽر رخسانا زبيري بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته آئي ايم ايف جي چوڻ تي ٽيڪس وڌائي پئي وڃي. ڇا آئِي ايم ايف عام ماڻهو تي ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳائڻ لاءِ چوي ٿو. هي حڪومت آئي ايم ايف بابت غلط تشريح ڪري ٿي. هن چيو ته اسان به هڪ خود مختيار ملڪ آهيون، هن قانونسازي کان پوءِ حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان به قرض نه وٺي سگهندي. هن چيو ته مني بجيٽ ۾ 30 سي ڊائريڪٽوريٽ ڊجيٽل انوائسنگ جو نظام جوڙيو پيو وڃي. اي اين پي جي سينيٽر هدايت الرحمان چيو ته هر شعبي ۾ تمام گهڻا ٽيڪس لڳايا ويا آهن. وزيراعظم مون کي اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏي اهم تجويزون ڏيندس. هن چيو ته ٽيڪس وڌيڪ لڳائيندا ته ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ نه ايندا.
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪمرانن جي معاشي قدمن خلاف دانهون ٿين پيون پر حڪمران پنهنجين عوام دشمن معاشي پاليسين جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا، اها صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي، جو حڪمرانن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته عام ماڻهو جي زندگي هنن ڪيئن جهنم بڻائي ڇڏي آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ بدران جيڪا به مهانگائي ڪئي وئي آهي، اها واپس ڪئي وڃي. ساڍا ٽي سال اڳ شين جا جيڪي اگهه هئا انهن کي اتي آڻي عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button