“لکڻ جادو جي ڪرتب جيان هو. پر نظر جي دوکي ۽ ان جي جزن تي غور ڪرڻ بدران ڪلاس ۾ موجود اڪثر ماڻهو اهو جادو ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ هئا.”
اهي سٽون آمريڪي ناول نگار اسٽيو هيليءَ جي ناول “هائو آ بيڪيم اي فيمس ناولسٽ” جون آهن، هن ناول ۾ جديديت پڄاڻان جي ٻن اهم جزن ميٽافڪشن ۽ هيومر کي شاندار نموني استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري هن ناول جي هڪ الڳ سڃاڻپ ٿي پئي آهي. ناول جو عنوان پڙهي اهو محسوس ٿيندو ته هي ڪو غير افسانوي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪنهن ليکڪ جي ڪامياب ناول نگار ٿيڻ واري جدوجهد ڏنل هوندي. پر ان جي ابتڙ اسٽيو هيلي ڪيترائي افسانوي ڪردار جوڙي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آمريڪا جي افسانوي دنيا ۾ ليکڪ ڪيئن ڪامياب ٿيندا آهن، اهي ڇا ڇا ڪندا آهن، ٻين ليکڪن تي تنقيد ڪهڙي مقصدن سان ڪندا آهن ۽ اڄ جي دنيا ۾ افسانوي ادب ڪيئن لکجي؟
ميٽافڪشن ڇا آهي؟
www.masterclasses.com نالي هڪ ويب سائيٽ جي هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽافڪشن افساني بيان ڪرڻ جو اهو طريقو آهي، جنهن ۾ راوي يا ڪردارن کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته اهي ڪنهن افساني جو حصو آهن، هن قسم جو ادب جديديت پڄاڻان ادب ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ميٽافڪشن ۾ ليکڪ کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي عام رواجي طريقن کان ٻاهر نڪري غير رواجي انداز ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ڇوٽ مليل هوندي آهي. جڏهن ته راوي ڄاڻي واڻي ان ۾ افسانوي ادب جي طريقڪار، انداز ۽ اسلوب تي خيالن جو اظهار ڪندو آهي. عام لفظن ۾ هڪ اهڙو افسانو جيڪو افساني جي جوڙجڪ جي حوالي سان ٻڌائي ميٽافڪشن سڏجي ٿو.
ميٽافڪشن جو هڪ اهم مقصد ناول يا ڪهاڻيءَ جي حقيقي ۽ افسانوي دنيا ۾ فرق يا اختلاف کي ظاهر ڪرڻ هوندو آهي. ڪنهن مشهور ادبي فن پاري جو مذاق اڏائڻ، عام رواجي انداز کان بچڻ، سچ کي نروار ڪرڻ سان گڏ انساني حالت جي حقيقت کي به نروار ڪندو آهي.
ميٽافڪشن جا وري ٽي اهم جز آهن: ليکڪ ۽ پڙهندڙ ۾ فاصلو ختم ڪرڻ، سيلف رفليڪسو ۽ تجرباتي انداز.
1- ليکڪ ۽ پڙهندڙ ۾ فاصلو ختم ڪرڻ: هن ۾ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته حقيقت ۽ افساني ۾ گهڻو فرق نه رکجي. اڪثر ڪري ميٽافڪشن ۾ پرهندڙ کان ڪهاڻيءَ جي حوالي سان سڌا سوال ڪيا ويندا آهن.
2- سيلف رفليڪسو: ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ هلندي هلندي پنهنجا تجربا به ڏئي ويندو آهي، جنهن مان ان جي مراد اها هوندي آهي ته پڙهندڙ متن جي حوال سان سوال ڪري.
3- تجرباتي انداز: انداز جي حوالي سان ميٽافڪشن تجرباتي هوندو آهي، ان ۾ ڪيترائي فني تجربا ڪيا ويندا آهن جيئن ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو هڪ نئون انداز جوڙي سگهجي.
ميٽافڪشن جي حوالي سان آمريڪي ليکڪ جان بارٿ کي ان جو ابو سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته جان فائولس، ڪرٽ ونيگٽ، ۽ اسٽيو هيليءَ کي موجوده دور ۾ ميٽافڪشن جي اهم ليکڪن طور سڃاتو وڃي ٿو.
اهڙي ريت آن لائين آڪسفورڊ انسائيڪلوپيڊيا ۾ ميٽافڪشن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته نثرنويسيءَ جو اهڙو انداز جنهن جو مرڪز لکڻ جو طريقيڪار هوندو آهي. ميٽافڪشن جو سڀ کان سولو مثال اهو آهي ته هڪ اهڙو ناول جنهن جو پلاٽ اهو هجي ته ناول ڪيئن لکجي.
وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 1960ع ڌاري ڪجهه نقادن “The Death of Novel” نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي جنهن ۾ هنن اهو چيو ته هاڻي 18 ۽ 19 صديءَ جي انداز وارا ناول وڌيڪ هلي ڪونه سگهندا، ان حوالي سان فلپ رئوٿ نالي هڪ نقاد مقالو لکيو جنهن ۾ هن نوان طريقا ڳولڻ جي ڳالهه ڪئي.
اسٽيو هيلي (1979ع پيدائش):
43 سالن جو آمريڪي ليکڪ اسٽيو هيلي ناول نگار سان گڏ ٽي وي پروگرامن جو پروڊيوسر پڻ آهي. هو آمريڪي رياست ميساچوئسٽ ۾ ڄائو. اتان جي هڪ اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪري هن هاورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ اتان بيچلر آف آرٽس جي ڊگري ورتي ۽ 2007ع کان هن هڪ ليکڪ طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه سالن ۾ هو آمريڪا جي بهترين مزاح نگارن ۾ ڳڻجڻ لڳو. جڏهن ته هن 30 راڪ ۽ دي آفيس جهڙن ڊرامن جي ڪجهه قسطن ۾ اداڪاري به ڪئي.
هن جو پهريون ناول “هائو آ بيڪيم اي فيمس ناولسٽ سال 2009ع ۾ بليڪ انڪ پاران ڇپايو ويو ۽ ان ۾ ڏنل اسٽيو هيلي جي مزاح (هيومر) کي خوب ساراهيو ويو. ان حوالي سان واشنگٽن پوسٽ جي هڪ تبصري ۾ لکيو ويو ته “مون ويهن سالن ۾ شايد هن کان وڌيڪ مزاح سان ڀريل ڪو ناول پڙهيو هجي، پر هن وقت ان ناول جو نالو ياد ڪندي مون کي ڏکائي ٿي رهي آهي.”
جڏهن ته دي انڊپينڊنٽ جي هڪ تبصري ۾ ڄاڻايو ويو ته: “جيڪڏهن اوهين جديد ادب کي ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته هي ناول ضرور پڙهو.”
ناول هائو آ بيڪيم اي فيمس ناولسٽ:
هي 315 صفحن جو ناول پيٽ ٽراسلا نالي هڪ ليکڪ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هڪ ناول لکڻ گهري ٿو جنهن جو عنوان هن “دي ٽورنيڊو ايشز ڪلب” رکيو آهي. هو هڪ اهڙي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو جيڪا امير ماڻهن جي ٻارن کان پيسا وٺي انهن کي اسڪول ۽ ڪاليج لا اسائنمنٽون لکي ڏيندي آهي. پيٽ ان ڪم مان بيزار آهي، پر جيستائين هو هڪ مشهور ناول نگار ٿئي کيس اهو ئي ڪم ڪرڻو آهي.
هي ناول ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهريون حصو آهي ريگس ٽو رچز (غريبي کان اميري تائين) جيڪو ڪسٽيفر بڪر نالي هڪ محقق موجب افسانوي ادب جي ستن بنيادي پلاٽن مان هڪ آهي. ناول جو ٻيو حصو آهي، رائز اينڊ ڊائون فال.
پهرين حصي جي ٽين باب ۾ پيٽ اهو ڄاڻائي ٿو ته ناول لکڻ پٺيان هن جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ هو چار مقصد ٻڌائي ٿو: شهورت ماڻڻ، پيسو ڪمائڻ، سمنڊ ڪناري هڪ سهڻو گهر وٺڻ ۽ هن جي محبوبه پولي جيڪا کيس ڇڏي وئي آهي، ان کي هن جي شادي واري ڏينهن بيعزتو ڪرڻ.
هن جي محبوبه هن جي عادتن جي ڪري کيس ڇڏي وڃي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ٿي، جنهن جو ڪارڊ پيٽ کي موڪلي ٿي ته هو ويتر پولي تي مڇرجي پوي ٿو. هڪ مشهور ناول نگار ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ پولي کي رسوا ڪرڻ به آهي.
ان کانسوا هن کي هڪ بيسٽ سيلر ناول نگار پرسٽن بروڪس تي به ڪاوڙ آهي، جيڪو هڪ ڪاليج ۾ تخليقي ادب جي شعبي جو سربراهه آهي، جنهن کي هو هڪ فالتو ناول نگار سمجهي ٿو، پر ان هوندي به بروڪس ناول جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه لکي ٿو اهو وڌ کان وڌ وڪرو ٿئي ٿو.
بروڪس جي شخصيت کي سامهون رکي پيٽ هڪ مشهور ناول لکڻ لا سورنهن نقطا جوڙي وٺي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان پهريون سچ کان پاسيرو ٿيڻ آهي، ان کانپو هو ٻڌائي ٿو ته سٺي ڪهاڻي بدران پاپولر ڪهاڻي ٻڌائڻ گهرجي. ان ۾ پنهنجي زندگي جو ڪو به تجربو شامل نه ڪجي، لازمي آهي ته ناول ۾ هڪ قتل جي ڳالهه ڪيل هجي، ان ۾ هڪ ڳجهي سوسائٽي وغيره به ضرور ڏجي، پڄاڻي اهڙي رکجي جو پڙهندڙ تي اداسي ۽ مونجهارو ڇانئجي وڃي، ناول ۾ شاعراڻو نثر رکڻ به تمام ضروري آهي، ان ۾ لذيذ کاڌن جو ذڪر به ڪجي ۽ اهو ته ڪڏهن نه وسارجي ته مک ڪردار هڪ عام رواجي نوڪري مان جان ڇڏائي غيرمعمولي ڪم ڪري. ناول ۾ موسيقي ۽ شاعر به ضرور ڏجي وغيره.
سچ اهو آهي ته ناول ۾ پرسٽن بروڪس جو ڪردار ۽ ناول لکڻ لا اهي شرط پڙهندي مون کي پاڻ وارا سنڌي اديب ياد اچي ويا، جن جون به ناول جي حوالي سان اهي ئي فرمائشون هونديون آهن ۽ پاڻمرادو کلڻ لڳس.
هيلي جو هي ناول ميٽافڪشن جي حوالي سان ڪمال جو ناول آهي ۽ هن ناول کي سال 2010ع ۾ ٿربر پرائيز فار آمريڪن هيومر جو ايوارڊ پڻ مليو. هتي هڪ سوال آهي ته ڇا سنڌي ناول ۾هن قسم جا تجربا نه ٿيڻ گهرجن؟ ڇا ليکڪ کي رڳو ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۽ واهه واهه ٻڌڻ لا لکڻ گهرجي، پنهنجي فن جي حوالي سان نوان تجربا نه ڪرڻ گهرجن؟