ٻولين جو مطالعو هڪ تاريخ سان گڏ هڪ سماجي چرپر جو نالو به آهي. ٻولين جو مطالعو ڪرڻ وقت صرف ٻوليءَ جي اکرن يا لفظن جي تاريخ نه پر ان ٻولين جي ڳالهائيندڙن ۽ آوازن ۽ ٻين ڪيترن ئي ساختن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان ڪري ته ٻوليون اينٿراپالاجيءَ جو اهم ترين حصو رهيون آهن. جڏهن ته لسانيات ٻولين جي تاريخ جي مطالعي سان گڏوگڏ گهڻو اڳتي وڌيل آهي. مثال طور فرڊيننڊ ڊي سوسيئر کان پهرين ٻولين جي ارتقائي سفر جو جائزرو ورتو ويندو هو ۽ ان کي لسانياتي مطالعو ڪوٺيو ويندو هو. ٻوليءَ جي اکرن يا لفظن جي ساخت جي ابتدا يا ارتقا کي لسانيات سمجهڻ کي رد ڪرڻ جو عمل صديون اڳ شروع ٿي چڪو هو، جنهن جو سهرو سوسيئر تي آهي جيڪو اوڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ ئي اچي Diachronic ۽ Synchronic جو تصور ڏنو. ڊائڪرانڪ جو مطلب ته ٻولي يا ثقافت جو تاريخي اعتبار کان ڏاڪي به ڏاڪي مطالعو ڪرڻ آهي جيڪو هڪڙو تاريخدان ڪري سگهي ٿو يا اينٿرپالاجيءَ جو ماهر ڪري ٿو ۽ هڪ صدي اڳ ۾ ماڻهو هيئن رهندو هو هي پوشاڪ پائيندو هو، هي رسم رواج اپنائيندو هو هاڻي هي ڪجهه ڪري ٿو. ايئن ٻولي جيڪا هڪ صدي اڳ ۾ هئي اها هي هئي هاڻي هي ٻولي ڳالهائجي ٿي. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف جي ٻولي يا مخدوم ابوالحسن جي ٻولي طور موجود آهي ۽ ان سان هاڻوڪي ٻولي ڏسي سگهجي ٿي ته ڪيترو فرق آهي ۽ ڪيتريون تبديليون اچي ويون آهن ۽ ايندڙ دور ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون تبديليون اچي سگهن ٿيون. جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ جيفري چاسر واري 10 ۽ 11 صدي واري ٻولي، وري 15، 16 صدي واري شيڪسپيئر واري انگريزي ۽ اڄوڪي دور واري انگريزي ٻولين کي ڀيٽي ڪري سگهجي ٿو. ايئن اردو ٻوليءَ جي حوالي سان سودا، مير تقي مير، مرزا غالب، علامه اقبال ۽ اڄوڪي دور جي اردو ٻولين ۾ آيل بدلاءُ کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ اهو به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ايندڙ صدين ۾ انهن ٻولين ۾ ڪهڙيون تبديليون متوقع طور تي اچي سگهن ٿيون. اهڙي طرح ٻولين جي تبديلي يا ڏي وٺ کي هروڀرو لسانيات جو ڪل ڄاڻائڻ بنهه غلط آهي ها پر جُز جي مطالعي طور وٺجي ته بهتر آهي. ايئن ٻولين جي اصليت يا لفظيت جي جنس تي ئي سڄو زور ڏئي ثابت ڪرڻ ته ايئن ٻوليون بچائي سگهجن ٿيون ته اهو به ڪُل تي جُز مڙهڻ وارو فارمولو آهي جيتوڻيڪ اها تاريخ سنڀارڻ به اهم ڪم آهي.
انهي ئي ڏس ۾ فرڊيننڊ دي سوسيئر جو ٻيو تصور يعني سينڪرانڪ Synchronic مطالعو موجود آهي، جنهن جو مطلب ته رائج الوقت ۾ ٻوليءَ جو مطالعو ڪجي ۽ سائنسي اصولن تحت ڏسجي. اهو صرف اکرن جو مطالعو نه پر سموري ساخت جو مطالعو سڏجي ٿو. جهڙوڪ ٻولين ۾ نالا ڪيئن وجود ۾ آيا، تصور ۽ تصورن جا ضد ڪيئن جڙيا جن معنيٰ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي؟ سماجي ساخت انهن تصورن کي ڪيئن منفي ۽ مثبت تصورن طرف کڻي ويو، اهي سمورا لوازمات لسانياتي مطالعي جا اهم جزا ٿيا آهن. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان ٻوليءَ کي ڳالهائيندڙن سان ڳنڍي مطالعو ڪنداسين. لسانيات ۾ گهڻو ڪجهه اچي وڃي ٿو جنهن ۾ صوتيات، لفظن جي جوڙجڪ مارفالاجي، علم المعنيٰ يعني سيمينٽڪس، جملن جي جوڙجڪ يعني سينٽيڪس اچي ٿا وڃن. انهن چار اهم لسانياتي جزن ۾ وري ٻيون ڪيتريون ئي شيون يعني ٻيا ننڍا جزا اچي ٿا وڃن جن بغير اهي مطالعا اهم آهن. انهن چئن اهم عنصرن جو بامعنيٰ هجڻ وري ڳالهائجندڙ سماج سان ڳنڍي معنيٰ ڪڍڻ به اهم آهي.
لسانياتي چئن اهم جزن تي اچڻ کان پهرين اهم ڳالهه سوسيئر پاران ٻولي جي ساختيات واري مطالعي کي سمجهڻ اهم آهي. سوسيئر جو چوڻ آهي ته اسان نالا گڏيل رضامندي Arbitrariness جي ڪري رکيا آهن، يعني جنهن سماج ۾ ماڻهن جو هجوم جنهن نالي تي راضي ٿيا انهن اهو نالو ڏنو جهڙوڪ هو مثال ڏئي ٿو وڻ جو، وڻ کي انگريزيءَ ۾ Tree چيو ويندو آهي جيتوڻيڪ اهو لفظ ٽري اصلي وڻ جي شڪل جي نمائندي اصل نٿو ڪري پر ڇاڪاڻ ته آبادي ان نالي تي متفق ٿي وئي اهو نالو ان تي رکي ڇڏيائون. ساڳئي نموني اردو ڳالهائيندڙ “درخت” تي متفق ٿيا انهن ان شيءَ کي درخت سڏيو، ايئن بلوچي ۾ “ڊرشڪ” تي بلوچي ڳالهائيندڙ راضي ٿا تن ان کي ڊرشڪ سڏيو ۽ سنڌي وارن ان شيءِ کي “وڻ” سڏيو. ان ڪري انهن شين تي نالا گڏيل رضامندي سبب ٿيا. گڏيل رضامنديءَ کي وري سوشيولسانيات جي پسمنظر ۾ ڏسنداسين ته پتو پوندو ته انهن اهي نالا پنهنجي ٻوليءَ جي ساخت جي آساني، سماج ۾ موجود مذهبي، سياسي، اقتصادي ۽ ٻين سببن کي به سامهون رکي ڪري ڪيو. مثال طور ٽري کي سنڌي ۾ وڻ چيو ويو پر اردو وارن اهو نه ڪيو جو وٽن ٻوليءَ جي ريسورسز ۾ شايد “ڻ” جو آواز ئي ڪونه هو جيئن ڏيڏر لفظ جو “ڏ” جنهن ٻوليءَ ۾ آواز ئي نه هوندو ته اهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙو لفظ ئي نه جوڙيندا. ايئن سوسيئر جو تصور ثابت ٿئي ٿو ته شين تي نالا آربيٽريري طرح رکيا ويا آهن. ٻيو سبب هو ڄاڻائي ٿو ٻٽن متضادن يعني Binary Oppositions جو جنهن تحت اسان شين کي سڃاڻون ٿا. جهڙوڪ رات آهي ته ان ڪري ڏينهن آهي، اونداهه جي وجود جي ڪري اسين روشنيءَ کي مڃيون ٿا، خراب جي ڪري سٺي جو تصور ڪريون ٿا. اڇي رنگ جي ڪري ڪاري رنگ کي سڃاڻون ٿا. انهن ٻٽن متضادن کي جيتوڻيڪ ساختيات پڄاڻان وارن يا جديديت پڄاڻان وارن خوب تنقيد جو نشانو بڻايو پر لسانياتي مطالعي ۾ ساختياتي طرح اهي ڳالهيون مڃيون وينديون آهن. هاڻي اهي ٻٽا متضاد به سينڪرانڪ انداز ۾ سمجهيا ويندا آهن ۽ انهن جو سماجي ساختيات ۾ وڏو حصو هوندو آهي. يعني انهن تصورن کي سمجهڻ لاءِ اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان سماج ۽ سوشيو لسانيات کي سمجهون جن جهتن اهڙن تصورن کي هٿي ڏني. صرف ٻٽا متضاد د نه پر ساختياتي تصورن جو هڪڙو تسلسل آهي جهڙوڪ گهر، جهڳو، بنگلو، ڪوٺي، محل، قلعو وغيره ڪجهه گريڊن جي فرق سان ساڳيا تصور آهن. انهن سمورن تصورن کي سمجهڻ کانپوءِ ئي انهن تصورن کي الڳ الڳ ڪري سمجهي سگهجي ٿو. مثال طور گهر ۽ بنگلي جي تصور کي اسين اقتصادي تصورن ذريعي سمجهي سگهون ٿا، گهر ۽ محل کي اسين تاريخي تصورن ۾ سمجهي سگهون ٿا. اهي سمورا تصور هڪڙي گريڊنگ سسٽم تحت آڌاريل آهن جيڪي اسان کي ٻولي جي تاريخي ارتقا بدران سيهوڳي دور ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ مان وٺي سگهون ٿا. ايئن سوسيئر جي تصورن مان علامت Sign علامت نما Signifier ۽ اصل شيءِ جو تصور Signified شامل آهن جيڪي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ٻولين ڪيئن مختلف تصورن سان ڳنڍيل هڪ ساختياتي نظام آهي جيڪو اسان جي راهه هموار ڪري ٿو ته لسانيات جي مطالعي لاءِ سماجي ساختيات جو سمجهڻ ضروري آهي. ايئن لسانيات کي صرف سمجهڻ يا گرائمر جوڙي تشريح ڪرڻ ڪافي نه آهي پر انهي لسانيات کي سماجي لقائن تي لاڳو ڪري پيش ڪرڻ پڻ اهم آهي
(هلندڙ(