ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بندي جي من ۾ ھڪڙي ۽ صاحب جي من ۾ ٻي..!

Editorial- Article_ Allahbux Rathore

اھڙو ملڪ جيڪو Unpredictable ھجي ۽ نه صرف ڪنھن کي به پنھنجي يا پرائي عھدي رکندڙ جي ڪا ضمانت نه ھجي، ان ملڪ ۾ منصوبابندي اھڙي ڪئي وڃي ٿي، ڄڻ سمورا معاملا سڌي ليڪ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھن. وزير اعظم عمران خان کي ھي غلط فھمي ھئي يا آھي ته ھو پنجن سالن تائين وزير اعظم جي عھدي تي برقرار رھندو، ساڳي نوعيت جي کيس ٻئي غلط فھمي آھي ته ھو ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو آھي ۽ ھو جيئن ۽ جھڙا چاھي فيصلا ڪرڻ جو مجاز آھي..ھن کي ٿورو ماضي جي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ته ھن ھيل تائين ڪيترا اھڙا فيصلا ڪيا آھن، جن جا حڪم ھن پاڻ ڏنا ھجن. ملڪ ۾ وزيراعظمن جي جيڪا رينڪنگ آھي، انھن ۾ جنھن چيف ايگزيڪٽو کي گھٽ ۾ گھٽ اختيار رھيا آھن، انھن ۾ عمران خان جو شمار ٿئي ٿو، پر ھو وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ته ھو اقتدار جي ايوانن ۾ سڀ ڪجھه آھي. ھي ڏسي چڪا آھيون ته ھن جيڪي حساس نوعيت جا فيصلا ڪيا،اھي کيس واپس وٺڻا پيا يا وري انھن تي نظرثاني ڪرڻي پئي. ڪي حلقا ان راءِ جا آھن ته عمران خان ايترو به بااختيار ناھي، جيترو مرحوم محمد خان جوڻيجو ھو!
ھينئر عمران خان جي مقرر ڪيل وسيم اڪرم پلس جا حال ته سڀني ڏٺا، مريءَ ۾ جيڪو انساني جانين سان کلواڙ ڪيو ويو، اھو سڀني لاءِ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آھي. اھڙو وزير اعظم جيڪو سوئٽزرلينڊ ۽ ٻين سياحتي ماڳن جا حوالا ڏيندو ھو ته جيڪڏھن اھي 100 ارب ڊالرن اتان ڪمائي سگھن ٿا ته اسان ته انھن کان ڪيترائي ڀيرا اڳڀرا آھيون ۽ قدرتي نظارن ۽ ماڳن سان مالا مال آھيون. اڌ ڳالھه ته صحيح آھي ته اسان قدرتي ماڳن سان مالا مال آھيون، پر انھن کي Exploit ڪيئن ڪري سگھجي ٿو، انھن ماڳن کي پنھنجي آمدنيءَ جو ذريعو ڪيئن بڻائي سگھون ٿا، اھا خبر ڪنھن کي به ناھي. ھي ڳالھه به ڪيترائي حلقا چون پيا ته عمران خان پنھنجي رنگين جوانيءَ جا اڪثريتي ڏينھن انھن ئي قدرتي ماڳن جي حوالي ڪري چڪو آھي، پر ھن جا سھولت ڪار ھئا، جن کيس اھڙيون سھولتون فراھم ڪيون ۽ انھن ماڻھن کي به نه وسارڻ گھرجي ته اھي آن ڊيوٽي ھجڻ باوجود، هاڻوڪي وزير اعظم جي خدمت ۾ اڳيان اڳيان رھيا. ڇاڪاڻ ته انھن کي اھڙيون ھدايتون ھيون ته ھي انھن جي پروجيڪٽ جو اھم حصو آھي. ھنن جي اڌ صديءَ جي محنت کي داد ڏيڻ گھرجي، پر ان پنھنجن ئي محسنن کي جيڪي پٽڪا ٻڌرايا، اھي سڀني جي سامھون آھن. واڳ ڌڻين کي ان حوالي سان ٽن قسمن جي ماڻھن سان پلئو پيو، ھڪڙا سياستدان، ٻيا ٽيڪنوڪريٽس ۽ ٽيان وري اھڙا ڀٽڪيل روح جيڪي عمران خان جي شڪل ۾ موجود ھئا، انھن سمجھي ورتو ته ھي ٽئين قسم وارا ماڻھوانھن جي ڪم جا ناھن، انڪري ھو پھرين نمبر يعني سياستدانن کان خدمتون وٺڻ ڏانهن واپس وريا آھن. ھي عام طور تي چيو ويندو آھي ته توھان کي ڪنھن به ماڻھو جي باري ۾ صحيح ڄاڻ ان وقت ٿي سگھي ٿي، جنھن سان توھان سفر ڪيو ھجي يا ان جي ويجھو رھيا ھجو. واڳ ڌڻين سان بلڪل ان جي ابتڙ ٿيو آھي.پر ھي به گھٽ ناھن، جيڪي سياستدانن سان مٿو اٽڪائين ٿا ۽ انھن کي به بي يارو مددگار ۽ اڪيلو ڇڏي ڏين ٿا، انھن اڳيان ڀٽڪيل روح ڪجھه به ناھن. ھنن جي رٿابندي اسان سڀ ڏسون پيا، انڪري انھن کي مات ڏيڻ به آسان ناھي.
ھاڻ چيو پيو وڃي ته ملڪ جي سياسي ڌرين کي واڳ ڌڻين بدران عمران خان جو ساٿ ڏيڻ گھرجي، جيئن ماضي ۾ جنيوا ٺاهه جي حوالي سان ڪيو ويو، پر انھن ماڻھن کي اھا سمجھه ۾ نٿي اچي ته ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ موجوده واڳ ڌڻين ۾ گھڻو فرق آھي. اصولي طور تي ائين ئي ٿيڻ گھربو ھو ته سياستدان عمران خان جي مدد ڪن ٿا، پر عمران خان جي ايجنڊا ڪنھن کان ڳجھي ناھي. ھو واڳ ڌڻين جي ڪلھي تي چڙھي اقتدار ۾ آيو ۽ انھن جي ايجنڊا تي عمل ڪندي، ھن سياستدانن ۽ سياست کي جيترو گدلو ڪيو، ان جو ڪوبه مثال ملڻ مشڪل آھي. جوڻيجو مرحوم صاف سٿرو ماڻھو ھو، ھن وٽ مافيائون نه ھيون، جيڪي سياست کي گندو ڪن ٿا. ھينئر عمران خان يا واڳ ڌڻين جي حمايت ڪجي ان ۾ ڪو گھڻو فرق ناھي. اھم ڳالھه اھا به آھي ته عمران خان سان گڏ ھڪ بيگيج به آھي، جنھن جو مقصد ملڪي سياسي ڪلچر کي وڌيڪ خراب ڪرڻ آھي. ھو ايندڙ پنجن سالن تائين اقتدار تي قابض رھڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ھن جي ھڪڙي ئي ايجنڊا ھوندي ته ڪنھن به طريقي سان موجوده سياسي قيادت کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏجي ته جيئن ملڪ ۾ ڪنھن به نوعيت جي مزاحمت نه رھي.! ھن جي اھا خواھش ته پوري نه ٿي آھي، انڪري ھو پريشان به آھي. ھن کي اندازو ئي نه ھو ته ھو جيڪو ڪجھه ڪري رھيو آھي، ان سان جنھن ٽاري تي ويٺو آھي، ان کي ئي ڪاٽي رھيو آھي. انڪري جيڪڏھن ٻين جو جھاز ٻڏندو ته عمران خان پاڻ به نه بچندو. ھن جي وڌيڪ پنجن سالن تائين اقتدار ۾ رھڻ وارو خواب به پورو نه ٿي رھيو آھي، ھن کي فڪر رڳو ان ڳالھ جو آھي ته موجوده مدو ڪيئن پورو ڪري. ھن جي چوڌاري رڳو سياستدان ئي ناھن پر واڳ ڌڻي به آھن، جيڪي عمران خان کان جان آجي ڪرائڻ گھرن ٿا. ان جو مطلب اهو ناھي ته ڪو عمران خان اسٽيبلشمينٽ مخالف آھي، پر ھن کي خدمت جو جيڪو موقعو فراھم ڪيو ويو ھو، اھو ختم ٿي ويو آھي. ائين جيئن الارم ايندو آھي ته توھان کي مليل گھربل سھولت ختم ٿي وئي آھي.!
ڪجھه ڏينھن کان ھي خبرون اچن پيون ته شايد عظيم گھوڙيسوار پنھنجي مدي ۾ 62 سالن تائين واڌ ڪرائڻ گھري ٿو. ھاڻ اطلاع اچن پيا ته ھو ايڪسٽينشن وٺڻ بدران گھر روانو ٿيڻ کي اوليت ڏيندو، ان جو مک سبب واڳ ڌڻين جي اندر ھلندڙ تڪرار آھي. صرف ايترو ئي ڪافي ناھي. عمران خان جنھن اھم شخصيت کي جنرل باجوه جي جاءِ تي ويھارڻ گھريو ٿي، ھاڻ ان جو به کيڏ ختم ٿي ويو آھي. عمران خان جي دور ۾ جنھن آرمي ايڪٽ جي منظوري ڏني وئي ھئي ۽ جيڪي آئينده چيف لاءِ شرط رکيا ويا ھئا، انھن مطابق عمران خان پنھنجي ئي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي چڪو آھي. اھم ادارو ان اھم شخصيت جون گھرجون پوريون ڪرڻ نٿو ڏئي، اھو انڪري ٿيو آھي ته جيڪو عمران خان جو بليو بواءِ سمجھيو وڃي ٿو، اھو گھڻو ئي تڪراري ٿي ويو آھي، ھن جي سامھون اچڻ ۽ اھم عھدي تي برقرار رھڻ سان ملڪ جو نظام وڌيڪ خراب ٿي ويندو. ملڪ جون حالتون ته سڀني جي سامھون آھن، انڪري ھو انھن ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ڪرڻ نٿا گھرن.
موجوده حڪمرانن جي حالت ته اھا آھي جو اھو جنھن مني بجيٽ جي ذريعي آءِ ايم ايف کي پئڪيج ڏئي رھيا ھئا، ھاڻ ان کي به في الحال ملتوي ڪندي عالمي اداري جي ڊيڊ لائين ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي، جيڪا منظور به ٿي وئي آھي.ان سان گڏ ھي ڳالھه به سامھون آئي ته حڪمرانن نيب جي چيئرمين کي ايترو ته مٿي تي ويھاريو، جو ان پنھنجي ليکي وزير اعظم جا اختيار استعمال ڪري ورتا، ھن ايستائين جو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي توڙي ٻين ڪميٽين ۾ اچڻ کان اھو چئي انڪار ڪيو ته وزير اعظم کيس منع ڪئي آھي، ھاڻ ظاھر ٿيو ته نيب جي چيئرمين وزير اعظم جا اختيار غلط طريقي سان استعمال ڪيا. ھاڻ وزيراعظم ان کي فائر ڪري ڏيکاري ته خبر پئجي ويندي. ھي سڀ ڪجھه انڪري ٿي رھيو آھي ته حڪمران ناتجربيڪار آھن، انھن کي سمجهه ئي ناھي ته سندن اختيارن کي ڪير استعمال ڪري سگھي ٿو. ھي سمورا واڳ ڌڻين جا مھرا آھن، جيڪي سمجھن ٿا ته ھو اڇي ڪاري جا مالڪ آھن ۽ انھن جو ڪوبه وار ونگو ڪري نٿو سگھي. اھي ڳالھيون وزير اعظم کي سمجھڻ گھرجن ته سندس اختيارن کي رڳو واڳ ڌڻي ئي نه پر انھن جا چيلا به استعمال ڪري رھيا آھن. ھاڻ حڪمرانن جي رھيل ڪسر به ايندڙ ٻن لانگ مارچز ۾ پوري ٿي ويندي. ھن ملڪ ۾ لانگ مارچ اھڙي وقت ٿيندا آھن، جنھن ويل حڪمرانن کي فقط ڌڪي ڏيڻ جي ضرورت ھوندي آھي. ماضي جا مثال اسان جي سامھون آھن.ھن ڀيري پيپلز پارٽي پھريان ۽ پي ڊي ايم بعد ۾ لانگ مارچ ڪندي، بلاول ڀٽو ته لانگ ڪري ويندو پر پي ڊي ايم جي لانگ مارچ تي سواليا نشان آھي، ڇاڪاڻ ته ان ڏينھن تي سمورا رستا بند ھوندا ۽ واڳ ڌڻي پاڻ مارچ ڪري رھيا ھوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button