ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مري حادثو

Editorial

آفتون ۽ حادثا ڪڏهن ۽ ڪٿي به اچي سگهن ٿا، پر اصل ڳالهه انهن کان بچڻ جي تياري هوندي آهي ۽ جيڪڏهن حادثا ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ته ان صورتحال مان ماڻهن کي ڪڍي سندن حياتيون بچائڻ هوندو آهي پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ حادثا ٿيڻ ته عام ڳالهه آهي پر ان کان پوءِ حڪومتي سطح تي ڪوتاهي ڪرڻ به عام ڳالهه آهي. پي ٽي آءِ حڪومت گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ٿيندڙ حادثن کان لاتعلق بڻيل آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام گهڻو لوڙيو آهي پر هو پريشان به گهڻو ٿيو آهي. تازو ئي مريءَ ۾ جيڪا قيامت ماڻهن مٿان گذري آهي، ان کانپوءِ سڄي ملڪ جي عوام ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي آهي پر حڪومتي بي حسي ته ڏسڻ وٽان آهي. مريءَ ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ وڌڻ ۽ ماڻهن کي وقت سر مدد نه پهچڻ جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائڻيون پيون پر حڪومتي وزير مشير ايڏي وڏي حادثي کان پوءِ به اپوزيشن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا، جڏهن ته هي اهو وقت هو جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت وڏي دل جو مظاهرو ڪري ها.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مريءَ ۾ طوفاني برفباريءَ کانپوءِ پارو ٻڙي تي پهچي ويو. مريءَ ۾ سياحن جو وڏو انگ برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون مري ۽ گليات ۾ داخل ٿيون جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميا سياحن جي گهڻي رش سبب جاڙن شهرن کان مري ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته مري ويندڙ رستا آچر تائين بند رهندا. انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ ۽ ان جي خاندان جا 7 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ اي ايس آءِ جي 43 ورهين جي گهرواري، سندس 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن. سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڄڻا به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، ان جي گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن. ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن. مري انتظاميا موجب 22 ورهين جو اسد پٽ زمان شاهه، 21 ورهين جو بلال پٽ غفار عمر، 24 ورهين جو محمد بلال حسين پٽ سيد غوث خان به سانحي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا. هوڏانهن گهر وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مري ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب مري ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن. مري ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات ۽ برفباري کان پوءِ هنگامي موسمي صورتحال کي ڏسندي سياحن ۽ شهرين جي سهوليت ۽ رهنمائي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي سموري انتظامي ڪاررواين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽلي پهريان کان مري ۾ موجود آهن. هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو 1122، سول ڊفينس ۽ صحت کاتي جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي مري ۾ سياحن جي مدد ۾ مصروف آهن.
اسين سمجهون ٿا ته مري ۾ پيش آيل حادثو بنهه ڏکوئيندڙ آهي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. ان حوالي سان حڪومت کي ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي ها ۽ نه ئي اهڙا بيان ڏيڻ گهرجن ها، جن سان فوت ٿيلن جي وارثن جي دل آزاري ٿئي ها. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مريءَ جي رستن کي ترت صاف ڪري زندگي بحال ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button