پنجاب حڪومت ڪوهه مريءَ جي رستي تي برف ۾ ڦاسي مري ويل مسافر سياحن جي وارثن لاءِ في فرد 8 لکن جو اعلان ڪرڻ بعد پنهنجي ذميواريءَ کي پورو سمجهي سڪون واري موڊ ۾ واپس هلي وئي آهي. پنجاب توڙي وفاق ۾ موجود مخالف ڌر به هڪ اوچتي پيل اشو تي مٿين سطح تي هڪ ٻه ٽوئيٽ ڪرڻ ۽ هيٺين سطح تي ٽي چار بيان جاري ڪرڻ بعد خاموش ٿي ويٺي آهي. اها خاموشي اهڙي ناهي، جهڙي خاموشيءَ کي خطرناڪ سڏيو ويندو آهي. هيءَ سمجهوتي باز سياست جي سانت آهي. هيءَ مايوس عوام جي ماٺ آهي. ان مان ڪنهن کي ڪو خطرو ڪونهي.
ڪوهه مريءَ ۾ سياحت جي شوق ۾ ويل انسانن سان جيڪو واقعو پيش آيو، ان بعد اها حقيقت بيان ڪرڻ ۾ اسان کي ڪنهن به قسم جي لڄ محسوس نه ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي عوام کي هاڻي ڪنهن به قسم جو عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ مڪمل طور تي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. جهڙي طرح هوٽلن ۽ سفر وارين گاڏين تي اها تحرير تمام واضح طرح سان پڙهي سگهبي آهي ته ”مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ خيال رکن“ تهڙي طرح حڪومت کان اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اها عوام جو خيال رکي نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ وڏن وڏن روڊن ۽ مشڪل سفرن وارن ماڳن تي تمام چٽي طرح سان اهي لفظ چٽي ڇڏي ته ”عوام پنهنجي جان مال جي حفاظت جو پاڻ ذميوار آهي“
زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر ڪارڪرت جي سلسلي ۾ هونءَ به مڪمل ذميواري عوام جي ئي رهندي آئي آهي. حڪومت ڪڏهن به ڪنهن واقعي جي سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري تسليم نه ڪئي آهي. دهشتگرد حملن، بم ڌماڪن ۽ سرڪاري سوارين سان پيش ايندڙ حادثن جي حوالي سان به حڪومت ڪڏهن پنهنجي ذميواري تسليم نه ڪئي آهي. پر پوءِ عوام جي دلين ۾ هڪ اجايو آسرو کپ کوڙي ويٺو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو سرڪار پنهنجا پلوَ آجا ڪري اهو آفيشل اعلان ڪري ته عوام پنهنجي حفاظت جو ذميوار پاڻ آهي. عوام کي التماس آهي ته اهو حڪومت جي ڪنهن مدد جي اميد نه رکي. ڪنهن به شهري جو حفاظت جي حوالي سان حڪومت جي مٿان ڪو حق ڪونهي. اهڙي اعلان کانپوءِ حڪومت جا وزير ڪلها لوڏي چئي سگهن ٿا ته اسان ڇا ڪريون؟ اسان ته عوام کي پنهنجو خيال پاڻ رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ان جي باوجود به عوام حڪومت مان ڪا اميد رکي ٿو ته اهو عوام جو قصور آهي. اهڙي اعلان ۽ وضاحت کان پوءِ حڪومت مٿان ڪجهه حلقن پاران ٿورو وقت ٿوري تنقيد به ٿيندي پر پوءِ اهو معاملو پنهنجو پاڻ هڪ پاسي ٿي ويندو ۽ حڪومت کي هر ڀيري هر حادثي يا هر اڻ وڻندڙ واقعي کان پوءِ وضاحتون پيش ڪرڻ ۽ فوتگين جي صورت ۾ لکن روپين جي اعلانن کان هميشه هميشه لاءِ نجات ملي ويندي. حڪومت کي اهڙو اعلان ڪرڻ جو سوچي ممڪن آهي ته ڪجهه شرم محسوس ٿئي پر حڪومت کي اعتماد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هيءَ حڪومت جيڪڏهن مثبت تاريخ ٺاهي نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ منفي تاريخ ئي ٺاهي پر ڪجهه ته ٺاهي!!
ڪوهه مري سانحي جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه به پيش آيو آهي ۽ ان واقعي جا جيڪي به تفصيل سامهون اچي رهيا آهن، انهن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي هاڻي پڪ ٿي رهي آهي ته عوام جو ڪوئي ڪونهي. ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ملڪ جي دارالحڪومت جي در آڏو 22 مسافر سيءَ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن. انهن مان ڪجهه ماڻهن جي موت جو سبب بک سبب وڌيل سيءُ هجي ۽ ڪجهه ماڻهو آڪسيجن جي کوٽ سبب دنيا مان هليا وڃن ته اهو معاملو اسان سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڇو ته اهو ڪو معمولي واقعو ناهي. اهڙي واقعي جا پوري ملڪ جي عوام تي اثر پوڻ گهرجن ۽ انهن جي سمجهه ۾ سرسائي اچڻ گهرجي ۽ هو پنهنجي ذميواريءَ کان آگاهه ٿين ته جيئن حڪومت جي ڪلهن تي پيل بار به لهي سگهي ۽ عوام به حڪومت جي آسري هجڻ جي اجائي وهم مان نجات حاصل ڪري سگهي.
ڪوهه مريءَ جي سانحي ۾ عوام جي لاءِ تمام گهڻا سبق موجود آهن. جيڪڏهن هن ملڪ جا ماڻهو سمجهڻ چاهين ته انهن کي فيض حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ انهن جي زندگين ۾ تمام وڏي تبديلي به اچي سگهي ٿي پر عوام جي حالت ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته ماڻهو اهو سڀ ڪجهه هوندي به هڪ ڪوڙي آسري جي بلي رهڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن هن مهل ننڍي کنڊ جو تمام وڏو عالم ابوالڪلام موجود هجي ها ته ان معاملي تي گهري روشني وجهي سگهي ها ته آخر عام ماڻهو سرڪار جي ڪوڙي سهاري تي به ڇو ٿا رهڻ چاهين؟ پر اڄ اسان وٽ نه ته ابوالڪلام جهڙا اهل قلم موجود آهن ۽ نه وري سياسي دنيا ۾ اهڙا کرا انسان جيڪي عوام سان کليل طرح سان ڳالهائين ۽ کين ٻڌائين ته هاڻي اوهان کي ڪنهن به سرڪاري سهاري جو آسرو نه رکڻ گهرجي. ڇو ته گهڻي وقت کان وٺي سرڪار جو اهو سارسنڀال وارو ڪردار مري مرده ٿي چڪو آهي. اوهان پوءِ به سرڪاري سهڪار جي انتظار ۾ رهو ٿا.
هڪ حد تائين اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن عوام کي سرڪاري سهڪار جو آسرو نه هجي ته هوند اهو تمام گهڻن گهنگهرن مان محفوظ رهندو ۽ ممڪن آهي ته جيڪڏهن ڪوهه مري کان ايندي برف ۾ ڦاسي پيل سياحن کي به اهو آسرو نه هجي ها ته انهن تائين سرڪاري مدد پهچندي ته شايد مري ويل مسافرن جو انگ ايترو نه هجي ها. هو ماڻهو جيڪي تمام برف جي ڇپن ۾ گاڏين سميت دٻجي ويا. انهن کي آخر تائين اهو انتظار هو ته انتظاميا ڪٿان نه ڪٿان اچي ويندي ۽ انهن کي بچائڻ جي سلسلي ۾ ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪندي. ان ڪوڙي آسري سبب به ڪجهه ماڻهو سرڪاري مدد جا تيستائين منتظر رهيا، جيستائين هو موت جي منهن ۾ نه هليا ويا. جيڪڏهن انهن کي پڪ هجي ها ته انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ هتي ڪير به نه ايندو ته هو ايترو وقت مدد جا منتظر نه رهن ها.
ڪوهه مري جا مسافر جيڪڏهن ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ها ته هن وقت اسان جي قلمي ڪيفيت ڪجهه ٻي هجي ها. پر اهو حادثو نه هو. حادثو ته اوچتو پيش ايندو آهي. حادثو ته هڪ جي پيداوار هوندو آهي. جڏهن ته ڪوهه مريءَ کان واپس ورندڙ سياح هڪ مڪمل ڏينهن برف ۾ ڦاٿا رهيا. انهن کي 18 کان 24 ڪلاڪن تائين برف جو قيدي ٿي رهڻو پيو ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ ڪوئي به نه آيو. جيڪڏهن اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ مان سرڪاري اهلڪار پيرين پنڌ به انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ نڪري پون ها ته هو ان پهاڙي موڙ تائين پهچي وڃن ها، جنهن موڙ تي 22 مسافر سرڪاري انتظاميا جو انتظار ڪندي ڪندي آخري ساهه کڻي هن دنيا مان هليا ويا ۽ انهن جي پويان رهجي ويون پريس بريفنگس ۽ وارثن جي مالي مدد جا اعلان! جڏهن ته حڪومت کي به تجربو آهي ۽ ماڻهن کي به معلوم آهي ته حڪومت پاران مقرر ٿيل جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ هڪ ته منظرعام تي نه ايندي ۽ جيڪڏهن آئي به ته ان ۾ ”جيئن ته جهڙوڪ“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. اها تمام وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جهڙي طرح حقيقتن کان ڪٽجي ويا آهيون، ان ڪري تمام گهڻا صدما سهي رهيا آهيون.
هن دنيا ۾ ڪوڙو آسرو تمام ڪٺور هوندو آهي. اهو تمام وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻبو رهندو آهي. جيڪڏهن هن جڳ ۾ ڪوڙو آسرو نه هجي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏيون وڏيون فتحون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي پون. پر انسانن جو وڏو الميو اهو آهي ته انهن کي مشڪل وقت ۾ ڪوڙو آسرو عمل کان روڪي رکي ٿو. هو ان ڪوڙي آسري سبب ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن انهن جو جيءُ ان اميد ۽ آسري کان آجو هجي ته هو جيڪر گهڻو ڪجهه ڪري وڃن. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي گهڻن مفڪرن انسانن کي ڪوڙن آسرن جي سهاري وقت تباهه ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو آهي. انهن کي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي مالڪي پاڻ ڪن. جيڪڏهن هو پنهنجي وارثي پاڻ ڪندا ته تمام گهڻي نقصان کان بچي پوندا. انساني اتهاس ان حقيقت جو گواهه آهي ته انسانن کي دشمنن کان وڌيڪ نام نهاد دوستن جي ڪوڙن آسرن نقصان پهچايو آهي. ممڪن آهي ته ماڻهو اهو سمجهن هي آرٽيڪل حڪومت جي مٿان محض هڪ طنز ۽ ٺٺول کان وڌيڪ ڪجهه ڪونهي. جيڪڏهن انتظاميا جي هن آرٽيڪل جي آئيني ۾ پنهنجو اصل عوام مخالف منهن نظر اچي ٿو ته ڀلي اچي پر هن آرٽيڪل جو اصل مقصد پنهنجن ماڻهن کي هڪ ڪوڙي ۽ غلط آسري مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش آهي. عوام پارٽين ۽ پارٽين کان پوءِ پيدا ٿيندڙ حڪومتن جي آسري تي رهي نه رڳو پنهنجو وقت برباد ڪري ٿو پر انهن امڪانن کي به ستيانس ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿو ڇڏي، جن امڪانن جي حوالي سان هوند ان جي سوڀ جا اتساهيندڙ باب رقم ٿي سگهن. اسان جي عوام جون ڀرپور صلاحيتون ۽ انهن جي تمام گهڻي سگهه سرڪاري آسري سبب عمل ۾ اچي نه ٿي سگهي. سرڪار جي ڪوڙي سهاري کان آجو ٿي اسان جو عوام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ڪجهه نه به ڪري سگهيو ته گهڻي ڪجهه ٿيڻ کان محفوظ رهي سگهي ٿو. عوام کي ان سلسلي ۾ پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو ۽ عوام کي يقين ڪرڻ گهرجي ته هو سرڪار جي اجائي انتظار مان ڏکن ۽ ڏکڙن کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندا. هيءَ دنيا ماڻهن جي محنت جو منظر آهي. جيڪڏهن انسان پاڻ ڪوشش نه ڪري ها ته هوند اهو اڄ غارن ۽ غفائن ۾ موجود هجي ها. انسان جي تاريخ انسان جي محنت جي تاريخ آهي. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومتون ۽ خاص طور تي اسان جي ملڪ جهڙيون حڪومتون ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏئي انهن جي ڏنجهن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون.
ڪاش! اسان ڪوهه مريءَ واري سانحي مان سبق سکي سگهون ۽ سرڪار جي سکڻن آسرن مان اڳتي وڌي پنهنجي منزل پاڻ ماڻڻ لاءِ پنڌ ڪريون!!