سنڌ ۾ هر دور ۾ اهڙي ڪردار (سياسي توڻي نوڪر شاهي) جي پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ان جو جواب ته ڪو سوشل سائنسدان ئي ڏئي سگهي ٿو. مون جهڙو عام ماڻهو رڳو ايترو چئي سگهي ٿو ته ان جو سبب به اسان جو سماجي سرشتو آهي. ان سرشتي ۾ وري اسان ان جي ابتڙ ۽ ان جي نفي ڪندڙ جمهوري حڪومتي نظام جي چَتي هڻي ان کي هڪ نئين جاگيرداريءَ جي شڪل ڏني آهي. حقيقي جاگيرداريءَ ۾ خانداني جاگيردارن کانسواءِ ڪو عام ماڻهو جاگيردار ٿي نه سگهندو آهي، پر هن جمهوري جاگيرداريءَ ۾ ڪو فلمي ماڻهو به تمام وڏو جاگيردار، سردار ۽ سياسي ليڊر ٿي سگهي ٿو. جاگيرداري ۽ جمهوريت جي ان تضاد ۾ انهن جي هڪ ٻئي جي نفيءَ مان ئي سنڌ جا اهي سوديبازي ڪندڙ ڪردار پيدا ٿين ٿا.
جمهوريت جي باري ۾ دانشورن جو چوڻ آهي ته، جمهوريت يونان ۾ جنم ورتو ۽ هندستان ۾ جمهوريت پئنچائتي نظام جي صورت ۾ قبل مسيح کان موجود هئي، پر ائين نه آهي، جمهوريت جو سچ اهو آهي ته جمهوريت سرمائيداريءَ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. فائدي لاءِ وڪرو ۽ خريداريءَ جو سرمائيداريءَ وارو طريقو رائج هو، پر ان طريقي سرمائيداريءَ جي صورت تڏهن اختيار ڪئي، جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ James ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪئي. هن جي ان ايجاد صنعتي انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي. صنعتي انقلاب جاگيرداريءَ کي تهس نهس ڪري هڪ نئين معاشي نظام کي جنم ڏنو، جنهن کي Capitalism سڏيو ويو. انگريزي ٻوليءَ ۾ “ازم” جي پڇاڙي ان لفظ سان لڳندي آهي، جيڪو ڪنهن نظريي يا فڪر لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جيئن سوشلزم، ڪميونزم ۽ انارڪزم. ڪيپيٽلزم ڪو نظريو يا فڪر نه هو پر پيداوار جي هڪ خاص طريقي ۽ معاشي بندوبست جي هڪ خاص انداز کي چيو ٿو وڃي.
پيداوار جو اهو طريقو ۽ معاشي بندوبست جو انداز ايترو ته طاقتور هو، جو ان کي ڪيپيٽلزم چيو ويو. ايجادن سان صنعتي انقلاب آيو، صنعتي انقلاب سرمائيدارن کي جنم ڏنو. سرمائيداري جاگيرداريءَ کي ختم ڪيو. فرانس ۾ سرمائيداري انقلاب آندو، جاگيرداري ختم ٿي ۽ هڪ نئين دور، نئين تهذيب، نئين ترقيءَ جي شروعات ٿي. صنعت ان سرمائيداريءَ جو لازمي جزو هئي. ان جديد سرمائيداريءَ جي باري ۾ معاشيات جي هڪڙي ماهر جو چوڻ آهي ته، “جاگيرداراڻي دور ۾ به نفعي جي بنياد تي واپار ٿيندو هو، پر سرمائيداري، جنهن ماڻهن جي زندگي ۽ سندن سوچ کي بدلائي ڇڏيو، اها نئين دور جي پيداوار آهي. چيو وڃي ٿو ته مشين ان جو لازمي جزو آهي، مشين ۽ ان جا پرزا جديد سرمائيداريءَ کي جاگيرداراڻي دور جي واپار کان جدا ڪن ٿا.”
جديد دور جي سرمائيدارن محسوس ڪيو ته مدي خارج جاگيردار، هنن جو حڪومتي نظام ۽ قانون، هنن جي گرجا ۽ پادري سندن استحصال ٿا ڪن ۽ هنن جي واپاري مفادن خلاف آهن ته هنن واپار ۽ مارڪيٽ کي جاگيرداريءَ کان آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد شروع ڪئي. سرمائيدار بنيادي طور خود غرض ۽ مطلبي هو. هن لاءِ زندگي هڪ بي رحم معاشي جنگ هئي، جنهن ۾ هو اڪيلي سر ٿي وڙهيو. پنهنجي بقا جي ان جنگ ۾ هو ڪنهن به اصول، اخلاقيات ۽ رشتن ناتن جو قائل نه هو. هن اهڙو حڪومتي نظام جوڙڻ ٿي گهريو، جنهن ۾ هو پاڻ به حصيدار هجي ۽ اهڙا قانون ٺاهي سگهي، جن سان هن جي ڪاروباري مفادن جو تحفظ ٿي سگهي. اهڙيءَ ريت جديد جمهوريت وجود ۾ آئي.
سرمائيداري انسانيت کي ٻه وڏيون سوکڙيون ڏنيون، هڪ جمهوريت ۽ ٻيو زمين جي غلامي (Selfdom) مان آزادي ۽ ماڻهو جيڪو اڳ فرد نه هو، پر سردار يا نواب جو ماڻهو هو. ملڪ جو شهري نه پر بادشاهه جي رعيت هو، ان کي سرمائيداري رياست جو شهري بڻايو ۽ هن کي ڪي حق ڏنا. سڀ کان وڏو حق ووٽ جو حق هو، جنهن جي ڪري اڻ سڌيءَ ريت ملڪ جي حڪومتي سرشتي ۾ حصيدار هو. سرمائيداري فرد کي آزادي ته ڏني، پر هن کي سرمائي ۽ اجوري جو غلام (Slavery of wages) بڻائي ڇڏيو.
هي نظام جيئن ته نفعي تي ٻڌل هو، ان ڪري ان پورهيت لاءِ وڏيون مصيبتون پيدا ڪري ڇڏيون. گهٽ اجورو، غربت، بيروزگاري، ڏوهن ۾ واڌارو، بيماريون، غير صحت مند ماحول، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سرمائيداري جاگيرداريءَ کان بهرحال تمام گهڻي بهتر هئي. عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن سارو جهان جاگيرداريءَ مان نڪري سرمائيداريءَ ڏانهن پيو وڃي، تڏهن سنڌ تاريخي عمل جي بنهه ابتڙ اڳتي وڌڻ بدران پٺتي موٽ پئي کائي. سنڌ ۾ راڄن جا چڱا مڙس ۽ پريا مڙس بلوچن جي سرداري نظام جي اهل ڪندي پنهنجي پنهنجي راڄ کي منظم ڪري انهن جا سردار ۽ مير ٿي ويٺا آهن ۽ اتر جي ڪيترن شهرن ۽ علائقن ۾ سندن حڪومت قائم آهي. مان ترقيءَ جي عمل ۾ سماجي نظام جي اهميت جو ايترو ته قائل آهيان، جو منهنجي خيال ۾ (جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو) روس ۾ جيڪڏهن سرمائيداريءَ کانپوءِ ڪميونزم اچي ها ته ان جي صورت ڪا ٻي هجي ها ۽ ان جو انجام اهڙو ئي ٿئي ها، جهڙو هاڻي ٿيو.
روس ۾ جڏهن اشتراڪيت عروج تي هئي، تڏهن هڪڙي سوشل سائنسدان ڪارل اين بيڪر چيو هو:
“ائين چئي سگهجي ٿو ته روس ۾ ڪميونزم جا مقصد حاصل ٿي نه سگهيا آهن، اها حقيقت آهي، پر اها به حقيقت آهي ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾، جن ۾ جمهوريت آهي، جمهوريت جا مقصد به حاصل ٿي نه سگهيا آهن. ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته اشتراڪيت ۽ جمهوريت جي جيڪا اصل شڪل آهي، ان کي وساري ڇڏجي. روس، آمريڪا ۽ انگلينڊ کي ان لاءِ نندي سگهجي ٿو ته اهي ملڪ مثالي اشتراڪيت ۽ مثالي جمهوريت جي معيار تي پورا لهي نه سگهيا آهن.”
سرمائيداري ماڻهوءَ کي زرعي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي انفراديت ۽ جمهوريت ڏني هئي، پر ساڳئي وقت پورهيي ۽ پورهيت جي استحصال جو خوفناڪ نظام به رائج ڪيو هو. سرمائيداريءَ جي آزاديءَ ۾ بکيو ماڻهو تيستائين پيٽ ڀري نٿي سگهيو ۽ اگهاڙو ماڻهو تيستائين انگ ڍڪي نٿي سگهيو، جيستائين هن جي اٽي ۽ لٽي مان ڪنهن نفعو نٿي ڪمايو. اهڙي نظام ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ سماجي انصاف ناممڪن هو، اهڙي صورتحال ۾ ڪن باشعور انسانن اهڙي آزاديءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو استحصال نه ٿئي، ماڻهپي جو مان ٿئي، انساني رشتن ۽ ناتن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ماڻهپي واري عزت واري زندگي گذاري سگهي. سڄي دنيا ۾ جڏهن اهڙي سماج جا خواب ڏٺا ٿا وڃن، تڏهن اسان جا وڏيرا اُن سماج جا خواب ٿا ڏسن، جنهن ۾ سرداري نظام هوندو ۽ اهڙي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن “قبيلن” کي منظم پيا ڪن، هڪ ٻئي سان پيا ويڙهائين ۽ پوءِ جرڳا ڪري ماڻهن جي مقدر جا فيصلا پيا ڪن.