ڪليم ٻٽ موجوده سنڌي ادب جي ليکڪن ۾ سڀ کان متحرڪ افسانوي ليکڪ توڙي راءِ رکندڙ اديب آهي. مختصر وقت ۾ سندس اٺون ناول “ريگل چوڪ” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ائين به ناهي ته ڪليم رڳو انگ وڌائڻ لاءِ لکي ٿو، پر جڏهن هن جي لکڻين کي پڙهجي ٿو ته انهن ۾ انفراديت نظر اچي ٿي، گهڻو لکڻ جي باجود هو ڪٿي به يڪسانيت يا Repetition جو شڪار نظر نه ٿو اچي. سندس تازو آيل ناول “ريگل چوڪ” هڪ نفسياتي پوسٽ ماڊرن ناول آهي، جنهن ۾ اسلوب جي نواڻ محسوس ٿئي ٿي.
ادب ۾ نفسياتي افسانو يا نفسياتي حقيقت نگاري هڪ داستاني صنف آهي، جنهن ۾ ڪردارن جي روحاني، جذباتي، ذهني زندگين کي ڳولڻ ۽ انهن جي پرک لاءِ انهن جي اندروني خاصيتن جي بيان تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آهي. ليکڪ جو اهو بيان ڪرڻ جو انداز ان ڪردار جي رويي جي سببن جي جانچ ڪندو آهي، جنهن سان ڪهاڻيءَ جو پلاٽ جڙندو آهي ۽ ڪهاڻي کلندي ويندي آهي. ڪردار جي نفسياتي روين جي تشريح ۾ ليکڪ ان ڪردار بابت واقعن کي شعور جي وهڪري يا فليش بيڪ ذريعي بيان ڪندو آهي. نفسياتي ناول ۾ پلاٽ گهڻو ڪري ڪردار جي اندروني حالتن کي سمجهڻ جي جيڪا منظر نگاري هوندي آهي، ان تي ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ ضروري ناهي هوندو ته واقعا تاريخ وار يا ترتيب وار هجن، پر هر واقعو ان ڪردار جي موجوده ايڪشن يا ري ايڪشن جي يادداشت طور، ان جي خيالن، خوابن يا تصور مان اڀري ايندو آهي. نفسياتي ناول جي هڪ خاص ڳالهه ته ان ۾ ڪردارن جا خيال، احساس انهن جي خارجي حالتن يا عمل کان وڌيڪ دلچسپ هوندا آهن، جيڪا ڳالهه ڪليم ٻُٽ جي هن ناول جي ڪردارن جو نفسياتي جائزو وٺڻ سان پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري سگهي ٿو.
ناول جو مرڪزي ڪردار ساجن نفسياتي ڀڃ ڊاهه جو شڪار، پاڳل پڻي ڏانهن مائل شخص آهي، جنهن جو ان حالت تائين پهچڻ جو سبب سندس گهر ڀاتي آهن، جيڪي هن کي گهران ڪڍي ڇڏين ٿا، پر فقط ائين چئجي ته والدين پاران گهران ڌڪاري ڪڍي ڇڏڻ ئي ساجن جي ان ڪيفيت جو سبب آهي ته اهو غلط ٿيندو. ڇو ته ناول نگار ساجن جي پوئين زندگيءَ جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي، ان مان ئي هي ڪو پوري طرح نارمل ڪردار نه ٿو لڳي. اسڪول ۾ هن جو استادن ڏانهن توڙي ساٿي شاگردياڻين ڏانهن رويو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هي حرڪتن ۾ عام جبلتن وارو ڇوڪرو نه هو، ان لاءِ ليکڪ مثال ڏنو آهي، حبيب سالمي جي مشهور ناول “ماري ڪليري جي مهڪ” جو حوالو به ڏنو آهي. سگمنڊ فرائيڊ عام طور ڪنهن به ماڻهوءَ جي اهڙي ورتاءُ جو سبب ڪنهن علالت کي سمجهي ٿو، جڏهن ته فرائيڊ جو ويجهو دوست “زونگ” جنهن ڪافي وقت ساڻس گڏ ڪم ڪيو پر اڳتي هلي ان جا فرائيڊ سان ڪافي ڳالهين تي اختلاف ٿي پيا، ان جي بقول ته ڪنهن عام صحتمند انسان ۾ به ذهني مونجهارا هوندا آهن، جيڪي ان کي ڪنهن اهڙي عمل ڏانهن راغب ڪندا آهن، جيڪو بظاهر نارمل ناهي لڳندو.
ساجن جو اهو ورتاءُ سندس اسڪول مان بي دخليءَ جو سبب بڻجي ٿو، اسڪول ۾ هو زيبا سان ان حد تائين محبت ڪندو هو جو بيدخلي سبب زيبا جو وڇوڙو هن لاءِ ذهني گهاءُ بڻجي پوي ٿو ۽ سندس دماغ ۾ ايبنارملٽي پيدا ٿي پوي ٿي، وڌيڪ ان تي ڌڪ تڏهن لڳي ٿو جو هو مائٽن هٿان بي دخل ٿي فوٽ پاٿ تي اچي رهي ٿو ۽ ان جو اظهار هو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته “انسان کي مذهب کان پوءِ سڀ کان وڏو دوکو مليو آهي ته اهو رت جي رشتن کان مليو آهي، انسان جي رڳن ۾ ڳاڙهو رت نه پر گٽرن ۽ نالين جو بدبودار پاڻي وهي ٿو.” ساجن کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف پنهنجي وڏي ڀيڻ جي رويي مان آهي، جنهن کي هو ماءُ برابر سمجهي ٿو ۽ سمورن رت جي رشتن جي ورتاءُ جي ڪري هو سمجهي ٿو ته هن کي پيدا ئي نه ٿيڻ کپي ها، ڇو ته اها ايتري وڏي غلطي هئي جنهن جي سزا هن کي مختلف صورتن ۾ ملندي رهي ٿي.
ناول جو ٻيو ڪردار آهي “سکي”، ساجن گهران تڙجي جنهن فوٽ پاٿ جي ٽڪري تي اچي ڪري ٿو، اهو سکيءَ جي ملڪيت ان حوالي سان آهي ته اتي رهڻ لاءِ هوءَ پوليس وارن کي رشوت ڏيئي ٿي. ان ڪري هوءَ اهو حق رکي ٿي ته اتي ڪو ٻيو نه رهي، اهو ئي هوءَ ساجن کي محسوس ڪرائي ٿي، سکي پاڻ به سماج جو ڌڪاريل هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو ماضي به دکدائڪ حادثن سان ڀريل هوندو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهي طعنا جيڪي هن کي سندس ماءُ جي ڪري ٻڌڻا پوندا آهن، سمورا نفسياتدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته هر انسان تي ان سان ننڍپڻ ۾ ٿيل ورتاءُ جا اثر سدائين رهن ٿا. اها ساڳي ڳالهه سکيءَ سان به آهي ته هوءَ ٻڌي ٿي ته هن جي ماءُ ڀڄي شادي ڪئي آهي ته ان ڪري هن تي به شڪ ڪيو ٿو وڃي ته متان هيءَ به ڪنهن سان ڀڄي نه وڃي ۽ اهائي ڳالهه هن جي اندر ۾ انهن حالتن کان فرار جو جذبو پيدا ڪري ٿي، جيڪو نتيجو بهرحال هن جي ڀڄڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اتفاق اهو ته هو جنهن سان عشق ڪري فرار ٿئي ٿي اهو به ان ئي ڀاڄوڪڙ جو پٽ آهي، جيڪو کيس اڳئين مڙس مان هو، ائين ويڳي ڀاءُ ڀيڻ جو شاديءَ جي ارادي سان فرار ٿيڻ، جنهن ۾ ڇوڪريءَ کي ٻار به پيدا ٿيڻ وارو هجي، ٻنهي ڪردارن لاءِ هڪ الڳ قسم جي ذهني، نفسياتي مونجهارن ۽ ڪشمڪش کي جنم ڏيئي ٿو.
هڪ ليکڪ ناظم جيڪو ايوارڊ ورهائيندڙ ادبي گروئن کان ڪاوڙيل هوندو آهي، ان کي جڏهن ساجن جي اڻڄاڻائي چئجي يا چريائپ جي دور جو گوگول جو ترجمو ڪيل ڪهاڻي کيس هٿ اچي ويندي آهي، اهو به احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي. هن کي ادبي سڃاڻپ ۽ مشهوريءَ جي ڳولا آهي، ان ڪري هو چاهي ٿو ته اهو ترجمو پنهنجي نالي ڇپرائي نالو ڪمائي. اهو به ان نفسياتي وهم واري بيماري ۾ ورتل ڪردار آهي، جنهن کي پڻ ساجن وانگر ئي وهم وسوسا پيدا ٿين ٿا ۽ عجيب غريب قسم جا خواب اچن ٿا. مختلف پڙهيل ڪهاڻين جا ڪردار ڏسي ٿو ۽ انهن سان ڳالهائي ٿو.
پنهنجي پنهنجي طور ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جو شڪار سڀني ڪردارن جي هڪٻئي سان ملڻ جو مرڪز ريگل چوڪ آهي ۽ جيڪا ناول جي ليکڪ جي ڪاريگري آهي ته انهن سڀني ڪردارن جي نفسياتي مونجهارن کي ئي هڪٻئي سان تعلق جو ذريعو بڻايو آهي، جنهن ذريعي واقعا اچن ٿا ۽ ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي.
ناول جو آخري حصو جادوئي حقيقت نگاريءَ جو مظهر آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار خوابناڪ ڪيفيت ۾ پاڻ کي مرندو ۽ پنهنجيون آخري رسمون ادا ٿيندي ڏسي ٿو. جڏهن هو هن دنيا مان هليو ٿو وڃي ته مٿان کان هن دنيا جي ماڻهن تي آيل مصيبتون ڏسي ٿو ۽ انهن جي درد کي محسوس ڪري ٿو، جنهن ۾ وبائون، جنگيون جهيڙا، قتل غارت، ظلم، ڏاڍ، جبر، جهالت ڀريون رسمون ڏسي ٿو. اهو سمورو بيان مستقبل جي دنيا جو نقشو يا هڪ اڳڪٿي آهي، جنهن کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي.
موجوده انسان جنهن حالتن ۾ زندهه آهي، ان جي عڪاسي ناول جي هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿي ته “اوهين ڀلي ڳاڙهي ٽڪي کائو يا نيري…. يا ٻئي ٽڪيون گٽر جي پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو، پوءِ به زندگي اوهان کي ذليل ڪندي رهندي، زندگي ڪڏهن دوستن جو روپ وٺي اوهان کي ذليل ڪندي، ڪڏهن اوهان جي نوڪري يا محبوبه جي صورت ۾ ذليل ڪندي، وري ڪڏهن رت جي رشتن جي صورت ۾، زندگيءَ جو رڳو هڪ ئي ڪم آهي، اوهان کي ذليل ڪرڻ ۽ اوهان جي ذلالت تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ.”
گهڻين خوبين سان گڏ ناول ۾ ڪجهه کوٽ به محسوس ٿئي ٿي. مثال طور ساجن کي گهران ڪڍڻ جو جواز بنيادي طور ته ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ ملڪيت جو تضاد آهي، پر جنهن الزام تحت هو گهران ڪڍيو ويو اهو سندس پيءُ جا ڪتاب چورائڻ جو هو. سندس پيءُ جي ڪردار بابت ناول ۾ ايترو ناهي ٻڌايل جو خبر پوي ته هو اولاد ڏانهن ايترو ايگريسو ڪيئن آهي. حيدر جو ڪردار ڪافي ڪمزور آهي، هو پڙهيو لکيو ماڻهو آهي، جلدي ئي هڪ ڇوڪري سان سيٽ ٿي ان کي ڀڄائي وڃڻ، ان منظر ڪشي ۾ ليکڪ تڪڙ ڪئي آهي.
سمورو ناول ريگل چوڪ تي آڌاريل آهي ته ان جي منظرڪشيءَ تي اڃان ڌيان جي ضرورت هئي. ڪتاب بازار، پٺاڻن جا هوٽل، فوٽ پاٿ تي رهندڙ رڳو سکيءَ جو بيان آهي، ان حوالي سان ڪجهه کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
ناول جي سمورن ڪردارن تي زندگي ائين کلندي رهي ٿي ۽ ڪردار پنهنجي پنهنجي ذهن جي سوچن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي ڀٽڪندا رهن ٿا ۽ اهي سڀ ڪجهه ڏسندي محسوس ڪندي به ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن، سواءِ ان جي ته ڪجهه وقت لاءِ هڪٻئي جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سهارو بڻجي پون. ڪليم جو هي ناول منفرد، دلچسپ آهي، جنهن سان هن سٺي طريقي سان نڀايو آهي.