ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مري سانحي جا سبق

Editorial- Article- Asar Imam

هي سٽون لکجڻ تائين مريءَ واري سانحي ۾ ڏهن ٻارن سميت ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. مري ويندڙن ۾ هڪڙي خاندان جا 8 ۽ ٻئي جا 5 ڀاتي به شامل آهن. اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ جو ته پورو خاندان ئي ختم ٿي ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ سندس آخري وڊيو حساس ۽ نرم دل ماڻهن کي رت روئاري ڇڏيو آهي. اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا انهن مري ويلن کي شهيد به نه ٿي ڪوٺي سگهي. ان ڪري حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ان حادثي سبب تمام گھڻي تنقيد ٿي آهي. خاص ڪري جڏهن حڪومتي ڌُر پاران ردِعمل اظهارجڻ لڳو، تڏهن معاملو اڃان وڌيڪ خراب ٿيندو ويو. ڇاڪاڻ ته حڪومت سدائين جيان هن ڀيري به ظالمن بدران مظلومن کي ڏوهي قرار ڏيڻ واري روش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. بجاءِ ان جي جو حڪومتي لاپرواهي ۽ انتظامي نااهليءَ کي قبوليندي پاڻ سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها، حڪومت ابتو اهو چوڻ شروع ڪيو ته ماڻهو موسم جي احوال کان واقف هوندي به مري وڃڻ کان نه مڙيا ان ڪري مري ويا. جڏهن سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري صاحب ان سانحي کان رڳو ٽي ڏينهن اڳ به مريءَ ۾ سياحن جي ايتري پِيهه کي ملڪي خوشحاليءَ جي ثبوت طور پيش پئي ڪيو هو. بس ٽن ڏينهن اندر ئي حڪومت سدائين جيان يُوٽرن ورتو ۽ پنهنجي کُڙين تي ڦرندي چوڻ لڳي ته مري ويلن جو پنهنجو قصور آهي حڪومت ۽ انتظاميا اهڙن الزامن جي حقدار ڪانهي. وزيرِ اعظم صاحب سميت وزيرن، مشيرن ۽ لاٺڙين جي لوڌ اهو ثابت ڪرڻ ۾ لڳي وئي ته عورتون لباس ئي اهڙو ٿيون پائين جو مردَ انهن کي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. موٽروي تي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو بک بڻجندڙ عورت لاءِ به چيو ويو هو ته اڪيلي ڪار ڪڍي موٽر وي تي نڪتي ڇو؟ اهڙيءَ ريت هاڻي مريءَ واري سانحي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙ سياح به ايڏي ٿڌ ۽ برفباريءَ هوندي اوڏانهن ويا ڇو؟ حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن مريءَ جون مقامي اختياريون ۽ پنجاب حڪومت وقت سر اک پٽين ها ۽ حڪومت حفاظتي اپاءَ وٺي ها يا ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو وڃي ها ته ان ايڏي وڏي سانحي ۽ نقصان کان بچڻ ناممڪن نه هو. جيتوڻيڪ حڪمرانن جو خيال آهي ته عوام جي پنهنجي غفلت ۽ برف تي گھمڻ جي شوق کانسواءِ تمام وڏي برفباري ۽ موسم جي انتهائي خراب صورتحال جي ڪري اهو سانحو پيش آيو آهي پر حقيقت اها آهي ته مريءَ ۾ برفباري ڪو پهريون ڀيرو ڪانه ٿي آهي نه وري اها ڏهه فٽ ٿلهي هئي. ياد رکڻ گھرجي ته اسين ڪوهه مريءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون اتر قطب جي نه. ٽريفڪ پوليس جي اختيارين موجب جڏهن مريءَ وارو حادثو پيش آيو، تڏهن اتي 1 لک 55 هزار گاڏيون موجود هيون. ان صورتحال جو اندازو لڳائڻ لاءِ اوهان کي اهو به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته مريءَ ۾ عام طور تي فقط 4 هزار گاڏيون ڪاهي وڃڻ جيتري ئي گنجائش باقي رهي آهي ڇاڪاڻ ته جبل جو وڏو حصو دفاعي ضرورتن لاءِ والاريل آهي. آرمي پبلڪ اسڪول سميت هٿياربند فوج جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪيترائي ادارا ۽ ڇانوڻي موجود هئڻ ڪري ايتري گنجائش ئي ڪانهي جو ماڻهو چئن هزارن کان وڌيڪ گاڏيون ڪاهي مريءَ وڃي. ان هوندي به جڏهن انهن گاڏين جو انگ ڏيڍ لک کان ٽپي ويو ته ظاهر آهي ٽريفڪ جام ٿيڻ، رستي تي ئي گاڏين جو بيهجي وڃڻ ۽ مٿان برفباريءَ جي ڪري هر شيءِ جو پنهنجي جاءِ تي ڄمي وڃڻ جهڙا منظر اڻ ٿيڻا ڪونه هئا. جابلو علائقي جي سوڙهن ۽ خطرناڪ روڊن تي ئي ماڻهو اڀيون لهنواريون ڪري گاڏيون بيهاريندا ويا تان جو گاڏين جا بمپر پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ لڳا. مسافرن پنهنجو پاڻ کي پهرئين مرحلي ۾ اها تسلي ڏني ته روڊ اجهو ڪي اجهو ٿو کلي ۽ پوءِ اهي برف جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيا. ڪار کان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب هو برفاني ٿڌ جي ڪري مرڻ ۽ ڪار ۾ اندر انجڻ ۽ هيٽر هلائي ويهڻ جو مطلب هئو ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب مرڻ. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪار جي انجڻ چالو رکيل آهي ته گاڏيءَ جا شيشا ٿورا کليل ڇڏڻا آهن ۽ گاڏيءَ جو سائلنسر آجو رکڻو آهي ته جيئن اتان دونهون خارج ٿيندو رهي. پر مريءَ ۾ سائلنسر کي برف بند ڪري ڇڏيو ۽ شيشا ٿورڙا به کولڻ جو مطلب هو ٿڌ کي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ مٿان وري اسان جي ماڻهن کي اهڙي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ڪا ڄاڻ به ڪانهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ماڻهو جڏهن برفاني علائقن ۾ گھمڻ لاءِ گاڏي ڪاهيندا آهن ته سڀ کان اڳ ۾ ان جا ٽائر تبديل ڪرايا ويندا آهن جيڪي برف تي هلندي ترڪن نه. ان کانسواءِ اهي سير تي نڪرڻ کان اڳ موسم جو پورو احوال ضرور وٺندا ۽ ان تي عمل ڪندا آهن. ايتري تائين جو سفر شروع ڪري ڇڏڻ کان پوءِ به سندن ڪار جي ريڊيو ۾ موسمي خبرن وارو چينل پيو هلندو آهي ته جيئن جيڪڏهن موسم اڳڪٿيءَ جي ابتڙ ڪنهن وقت به ڦيرو کائي وجهي ته اهي به پنهنجي رٿابندي ان حساب سان ڪري وٺن. پر اسان وٽ ته اهڙين شين بابت اڳواٽ ڄاڻڻ بدران روڊ ڪناري توڙي ٽي وي ۽ ريڊيو تي اخلاق سنوارڻ، مرداڻي ڪمزوريءَ جو علاج ڪرڻ، پرهيزگاري اختيار ڪرڻ ۽ وطن سان محبت جي ثبوت طور ٽيڪس کانسواءِ رت ست ۽ آخر ۾ جان جو نذرانو به ڏئي ڇڏڻ جي تبليغ پئي ڪئي ويندي آهي. ان ڪري حڪومت سياحن کي وقت سر آگاهي نه ڏني ۽ انهن به ان شيءِ جو گھڻو خيال نه ڪيو جنهن ڪري ايتريون انساني جانيون ضايع ٿي ويون. جڏهن ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ جيڪا جان انهن سڀني کان وڌيڪ قيمتي هئي ان عليمه باجيءَ کي هيلي ڪاپٽر موڪلي چترال منجهان به صحيح سلامت واپس آندو ويو.
گذريل سال آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ۾ طوفان اچڻ کان پوءِ بجليءَ جو ڊگهو بريڪ ڊائون ٿيو هو. جنهن ڪري هڪڙي گهر جا 4 ڀاتي گيريج ۾ بيٺل پنهنجي ڪار اسٽارٽ ڪري ان ۾ وڃي ويٺا. صبح جو ٻن منجهان هڪڙو ٻار ۽ ماءُ فوت ٿي چڪا هئا. جڏهن ته پيءُ ۽ هڪ ٻار اسپتال پهچايا ويا، جتي انهن جي زندگي بچائي وئي. بعد ۾ تحقيقاتي رپورٽ منجهان ظاهر ٿيو ته اهڙي نموني بيٺل گاڏيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ڪري ان ۾ ويهي رهڻ خطرناڪ آهي جتي تازي هوا جو گذر نه هجي. ڇاڪاڻ ته گاڏي جيڪو زهريلو ڪاربان مونو آڪسائيڊ دونهون خارج ڪري ٿي اهو ڪار ۾ اندر به ڀرجي وڃي ٿو ۽ مسافر دم گھٽجڻ سبب مري وڃن ٿا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي صورتحال ۾ نيٺ ڇا ٿيندو آهي جو مرڻ کان اڳ ماڻهو انجڻ بند ڪرڻ، شيشو، دروازو کولڻ يا هيٽر بند ڪرڻ جيتري تڪليف به نه ڪري سگهندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ مرڻ وارن موت کان بچڻ لاءِ ڪا ٿوري ٿڪي ڪوشش به ڪانه ڪئي آهي. جڏهن گاڏي هڪڙي هنڌ بيٺي هجي پر ان جي انجڻ چالو ڪري ڇڏجي ته اها ڪاربان مونو آڪسائيڊ نالي زهريلي گيس پيدا ڪندي آهي جنهن کي جديد گاڏين ۾ ڪيٽالڪ ڪنورٽر سسٽم ذريعي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ته ڪيو ويو آهي پر مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ويو آهي. ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي نه ڪا بوءِ هوندي آهي نه رنگ. پر اها ايتري خطرناڪ آهي جو ساهه وسيلي انساني ڦڦڙن تائين پهچڻ کانپوءِ رت ۾ شامل ٿي دل، دماغ ۽ ٻين اهم عضون کي ناڪاره بڻائي ڇڏيندي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اها زهريلي گيس ڪار ۾ اندر اچي ڪيئن ۽ ڪٿان ٿي. ان جو جواب اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن توهان ڏسندا آهيو ته بلڪل نئين ڪار به جڏهن گند جي ڍير يا ڪنهن گندي نالي کان گذري ته بدبوءِ ڪار ۾ اندر محسوس ٿيندي آهي. يعني ڪار ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڪا اهڙي وٿي ضرور آهي جتان اها بدبوءِ اندر اچي رهي آهي. اها وٿي دروازن جي ڪنهن رٻڙ جي ڍري هجڻ، ڊڪيءَ واري پاسي کان ڪٿان ڪنهن معمولي خال يا وري ايئرڪنڊيشن واري ونڊو کان به ٿي سگهي ٿي جتان اها گنجائش هوندي آهي ته ايئر ڪنڊيشن ٻاهران تازي هوا ڪار ۾ اندر کڻي اچي. سو، گيس کي اندر اچڻ لاءِ ڪنهن وڏي ٻرگهه جي ته ضرورت به ڪانه هوندي آهي. مختصر طور تي اسان ائين چونداسين ته اسان جون گاڏيون مڪمل طور تي ايئر ٽائيٽ نه هونديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ گاڏيءَ اندر آڪسيجن جو موجود ذخيرو 4 يا 5 مسافرن لاءِ اڻ پورو هوندو آهي. مٿان وري ڪاربان مونو آڪسائيڊ به مسافرن جي رت ۾ شامل ٿي وئي هجي ته انهن جا اعصاب ايترا ڪمزور ٿي ويندا آهن جو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ انهن وٽ ٿورڙي مزاحمت ڪرڻ مثال طور ڪار جي انجڻ، ايئرڪنڊيشن يا هيٽر بند ڪرڻ توڙي دروازو يا شيشو کولڻ جيتري طاقت به نه رهندي آهي. اوهان ڏٺو هوندو جڏهن ڪٿي باهه لڳندي آهي ته سڙي مرڻ وارن کان وڌيڪ انگ انهن ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي ساهه ٻوساٽجڻ سبب مري ويا هوندا آهن، يعني انساني جسم منجهان آڪسيجن گھٽجي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو لڳ ڀڳ بيهوشيءَ واري حالت ۾ اچي ويندو آهي جنهن کان پوءِ موت کان بچڻ محض اتفاق ئي هوندو آهي.
آخري ڳالهه اها ته هيءَ رياست ۽ حڪومت اوهان لاءِ ڪجهه نه ڪندي. اوهان کي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪرڻو آهي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي. تفريح اوهان جو پيدائشي حق آهي. پر تفريحي ماڳن تي وڃڻ کان اڳ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري اهڙي رٿابندي ڪريو جنهن ۾ غلطيءَ جي گنجائش نه هجي. جيڪڏهن توهان جي گاڏي مٿي ڄاڻايل صورتحال ۾ ڦاسي پئي هجي ته انتهائي مجبوريءَ جي حالت ۾ به انجڻ کي 10 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين چالو نه رکو. گاڏيءَ جا شيشا ٿورا کليل رکو. پنهنجو پاڻ کي چرپر ۾ رکو ته جيئن جسم ۾ رت جو وهڪرو جاري رهي. پنهنجو پاڻ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيو ۽ اها اميد قائم رکو ته ڏکيو وقت نيٺ ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button