ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي!

Editorial- Article- Dastgir Bhatti

پاڪستان جون ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندڙ آئوٽ آف ڪنٽرول حالتون ڏسي ايئن ٿو لڳي ته آئيني قانوني اخلاقي مالي ۽ معاشي طرح اسان جي ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. ظالم حاڪمن جي 75 سالا ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجي 23ڪروڙ مظلوم انسانن کي چٿي ۽ چيڀاٽي ڇڏيندڙ اصل واڳ ڌڻين کي به هاڻي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي واري فطري قاعدي مطابق خدا جي قدرت اهڙي ته ورن وڪڙن واري فولادي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جو هو سگهارا وس وارا به بيوس ٿي هاڻي فقط پنهنجي جند ڇڏائڻ خاطر جلد کان جلد هن تباهه حال وطن جون واڳون ملڪ جي اصل سياسي قوتن کي واپس ورائڻ ڪاڻ اهڙا ته جتن ڪيا آهن جو زوري زبردستي جلاوطن ڪيل سڀ کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ جي ليڊر ميان نواز جي واٽن تي نيڻ وڇائي ويٺا آهن. پڙهندڙن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو 2 مهينا اڳ گذريل نومبر جي وچ ڌاري پاڪستان جي سڀ کان طاقتور اداري جي سربراھه کي هٽائڻ واري فيصلي بابت مون اها را ڏني ته واڳ ڌڻي سياست ۾ ڄنگھه اڙائڻ کان توبهه تائب ٿي ويا آهن تنهن ڪري ئي اهڙو نئون چيف آڻڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو اٿن جنهن وزير اعظم عمران خان کي چيڙائي ڇتو ڪري وڌو.
عمران خان کي 2018 ۾ زوري اليڪشن کٽائي تخت تي ويهارڻ واري هڪ اداري جي سربراهه جنهن وزير اعظم کي پنج سال وڌيڪ راڄ ڪرائڻ واسطي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو انوکو لاڏلو ۽ هانٔ ٺاريندڙ آئيڊيا ڏنو هو، ان جي اوچتي بدلي جو حڪمنامو عمران خان جي مٿي مٿان بم وانگر ڦاٽي پيو ۽ هو سڄو سارو هڪ مهينو ذهني پريشاني ۾ هو تنهن ڪري نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪرڻ بدران سوڙ پائي سمهي رهيو، بني گالا واري محلات ۾, ان وچ ۾ پنهنجي پيرڻي زال کي جنتر منتر پڙهڻ واري ڪم تي لڳائي ڇڏيائين پر لوڪل جن ڀوت لنڊن تائين پرواز ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. نيٺ بڇڙو ٻوٿ ڪري وزير اعظم ويچاري نه چاهيندي به نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪئي!

عمران خان جي ذهني ڪيفيت جو اندازو سندس ڪالهوڪي فيصلي مان ڪري سگهجي ٿو ته هن پنهنجي منسٽر فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شبلي فراز کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ته ڏيڍ مهيني کانپو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊ واسطي اليڪٽرانڪ مشينون خريد ڪريو! اسلام آباد ملڪ جي گادي وارو شهر آهي جيڪو ملڪ جي ٽاپ ليول بيوروڪريسي، اعليٰ تعليم يافته رٽائرڊ سويلين توڙي نان سويلين آفيسرن ۽ سرمائيدار اشرافيه جوڳڲڙهھ آهي، اتي ووٽنگ لا ايتري مهانگي مشينري وٺڻ جي گهرج ئي ڪونهي. وڏي ڳالهه ته انهي مشين ذريعي ووٽ وٺڻ کان ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن ٺپ جواب ڏنو آهي. آئون سمجهان ٿو ته عمران خان پنهنجي زال جي جادو ٽوڻن جي ناڪامي بعد ذري گهٽ چريو ٿي ويو آهي. سندس متيون منجهائڻ لا ڏينهن رات ٽي وي چئنلز تي ٿيندڙ سياسي تجزيا ڪندڙ دانشور ۽ سينيئر صحافي به وڏو اهم ڪردار دا ڪري رهيا آهن، جيڪي اها حقيقت ورجائين پيا ته نواز شريف کي ڏنل سزائن کان آجو ڪرائڻ واسطي اسٽيبلشمينٽ گهربل قانوني رڪاوٽون ختم ڪرڻ خاطر زبردست ڪيس ٺاهي ورتو آهي، جيڪڏهن نواز شريف کي پاڪستان پهچڻ تي گرفتار ڪرڻ قانوني ضرورت هوندي ته کيس پنهنجي ذاتي گهر جاتي عمرا رائيونڊ ۾ مزي سان رهڻ ڏبو، بلڪل ايئن جيئن گرفتاري کانپو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڊفينس سوسائٽي ڪراچي ۾ سندس بنگلي تي منتقل ڪري، ان کي سنڌ سرڪار سب جيل قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. خدا ڄاڻي ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ قيدين کي اهڙي سهوليت قيامت کان اڳ ملندي يا نه!
هاڻي اچون ٿا اسلام آباد هائي ڪورٽ جي تازن تازن تاريخي فيصلن تي جن سان سگهارين ڌرين کي پهريون ڀيرو پتو پيو آهي ته اهي هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کان مٿڀرا هرگز ناهن. ججن جي موڊ جو اندازو نه اسان جي ڪرپٽ ۽ ڪرمنل سياسي مافيا کي هو ۽ نه ئي واڳ ڌڻين کي ته قانون سادن ڪپڙن ۾ مسڪينن توڙي طاقتورن لا برابر آهي. زمينن، پارڪن، جبلن ۽ درياهن تي قبضو ڪوبه شخص ڪندو ته ان کي ڏوهاري سمجهي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. اهو اختيار عدليه کي پاڪستان جي دستور مطابق مليل آهي. اوهان هڪڙو ڇرڪائيندڙ فيصلو به مهيني سوا اندر ٻڌندا ته وزير اعظم عمران خان پرڏيهي ناڻي جي شڪل ۾ کيس سالن کان ملندڙ اربين روپين جي فند ۾ جيڪي گهوٻيون هڻي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، انهن جي ثبوتن آڌار کيس سياست ۾ نا اهل ڪيو ويندو، بلڪ جيل جي سزا پڻ ڀوڳڻي پوندي تمام جلد عمران خان کي!
انهي ڪيس جي شنوائي کي عمران خان لڳاتار ٽاريندو اچي پر هاڻي ٽارڻ لا کڻي ڪهڙا به حيلا وسيلا هلائي، هو جزا ۽ سزا جي قدرتي قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button