ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪچي شراب جو واپار

Editorial

ملڪ ۾ شراب پيئندڙن جو هڪ وڏو انگ جتي ڪٿي موجود آهي. هونئن ته هتي شراب پيئڻ تي پابندي آهي پر اهو ڪاروبار ملڪ جي هر حصي ۾ وڏي پئماني تي ڪيو ويندو آهي ۽ شراب پيئندڙن جي انگ ۾ڏينهون ڏينهن واڌ پڻ ٿي رهي آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ ناهي، جتي بارون هجن ۽ عام ماڻهو اتي وڃي شراب پي سگهن پر شراب جي رسد هر صورت ۾ جاري رهي آهي. ٻهراڙيءَ کان وٺي شهري علائقن ۾ شراب گهڻي مقدار ۾ماڻهن تائين پهچي ٿو پر معاملا ان وقت گهڻا خراب ٿي ويندا آهن، جڏهن شراب پيئڻ جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا. هي واقعا ان ڪري به پيش اچن ٿا جو ماڻهو هڪ ته ضرورت کان وڌيڪ شراب واپرائين ٿا ۽ ان کانسواءِ ڪچو شراب پيئڻ جي ڪري به ماڻهو موت جو کاڄ ٿيو وڃن. تازو ٽنڊو ڄا۾ ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري 17 ماڻهو مري ويا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو شراب ايترو ته خطرناڪ هو، جو ماڻهو پيئندي ئي موت جي منهن ۾ هليا ويا. سنڌ ۾ هي واقعو ڪو پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي پر ان کان اڳ به اهڙا ڪئين واقعا ٿي چڪا آهن. پر تنهن هوندي به ان پاسي ڌيان نٿو ڏنو وڃي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊوالهيار ۾ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻن ڏينهن ۾ فوتين جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4 ڄڻا اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن. ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊي الهيار ۾ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جو سلسلو ٻئي ڏينهن به نه رڪجي سگهيو ۽ زهريلو شراب پيئڻ سبب وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ فوتين جو مجموعي انگ 17 ٿي ويو آهي. ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوڄام ۾ ٿيل فوتين ۾ جمعون ڀيل، مصري، روشن، جمعون ڪولهي، تاج محمد عرف تاجو مگسي، چندر ڪولهي، امرشي ڪولهي، ٽالپر اسٽاپ جو رهواسي مير ٽالپر ۽ يوسفاڻي فارم جو رهواسي ڏيالو ڪولهي ۽ نظام مڪراني بلوچ شامل آهن. ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيل تاج محمد عرف تاجو مگسي سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو چوڪيدار آهي، ٻئي پاسي زهريلو ڪچو شراب پيئڻ سبب 4 ڄڻا آچر مگسي، رامو ڪولهي سندس پٽ منجي ۽ گينجو ڪولهي اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو آهي. زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوتين جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ جي ڪري علائقي واسين ۾ سوڳ جو ماحول ڇانيل آهي. ٻئي طرف ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر ٽنڊوالهيار اڪبر سمون ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊوالهيار جي وچ ۾ ماڇي هوٽل جي واسين ٽنڊوڄام جي ڳوٺ مگسي مان 100 رپيا في بوتل جي حساب سان ڪچو شراب خريد ڪيو، جنهن جي استعمال سان ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن. هن چيو ته ايس ايس پي رخسار کهاوڙ جون سخت هدايتون آهن، اسان ڪارروائي ڪري وڌيڪ جاچ ڪنداسين. هن چيو ته زهريلي شراب ڪيتريون ئي حياتيون کسيون آهن، ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. سنڌ ۾ شراب جي وڪري کي روڪي ته نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته اهو سلسلو حڪومتي سرپرستيءَ ۾ هلندو رهندو آهي. هر شهر ۾ شراب خانا کليل آهن ۽ اهي شهري انتظاميه جي نگرانيءَ ۾ هلن ٿا. جتان ماڻهو شراب خريد ڪن ٿا، پر اهو ضروري آهي ته شراب جتي به استعمال ٿئي، اهو زهريلو نه هجي ۽ جيڪي ماڻهو به زهريلو شراب مارڪيٽ ۾ پهچائين ٿا، انهن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ درد ناڪ واقعو آهي، جنهن تي جيترو به ڏک جو اظهار ڪجي سو گهٽ آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي انساني زندگين جو معاملو آهي، يا ته ملڪ ۾ شراب تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ان تي پابندي نٿي لاڳو ڪئي وڃي ته پوءِ ڪچو شراب جو واهپو هر صورت ۾ بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان انساني جانين جو وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button