حڪومت مني بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. قومي اسميبليءَ ۾ اپوزيشن پنهنجي مڙني دعوائن سان مڙي ڪري فقط اهو پاڻيءَ جو بلبلو بڻجي وئي جنهن جو امڪان ۽ اندازو پاڻ کي پهرين ئي هيو. جڏهن کان مني بجيٽ جون تيارون شروع ٿيون هيون، تڏهن کان مخالف ڌر وڏي دبنگ انداز ۾ اهوئي چئي رهي هئي ته هي خوفناڪ ۽ ڀيانڪ مني بجيٽ جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي نام نهاد خودمختياري ( ڇو ته هاڻي اسٽيٽ بينڪ تي ڪنٽرول سڌو سنئون عالمي مالياتي ادارا ڪندا، اها پاڻ به بااختيار ۽ خودمختيار نه رهندي) به شامل هئي. دنيا جي بري معيشت رکندڙ هن رياست پنهنجو اهو پهريون ريڪارڊ قائم ڪيو آهي ته هن ايئرپورٽ، بندرگاهه، وڏا هاءِ ويز يعني موٽر وي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻ کان پوءِ هاڻي رکي کهي بچيل معيشت جي اٿارٽي يعني اسٽيٽ بينڪ به آءِ ايم ايف جي جھولي ۾ وجھي ڇڏي ۽ ان ڪردار اهو سڀ ڪجھه ڪري ڏيکاريو، جيڪو آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کي ذلت جي اها حد سڏيندو رهيو جو هن چيو هو ته “مان هن اداري کان قرض وٺڻ بدران خودڪشيءَ کي اهميت ڏيندس.”
آءِ ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن اسان جي خان ڀائي کي اقتدار جو شوق پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو ڪري ڏيکاريو جنهن لاءِ هن ڪڏهن خواب ۾ به سوچيو نه هيو. اقتدار جي لذت، انا، خود پرستي ۽ پنهنجو پاڻ تي ضرورت کان وڌيڪ اعتماد جي بيماري جنهن کي عام لفظن ۾ اوور ڪانفيڊيٽ چوندا آهيون، فرد کي اهڙي نهج تي پهچائين ٿيون جتان ذلت ۽ بربادي انهيءَ جي تاريخ جو باب بڻجي وڃي ٿو. هي سڄو تماشو جيڪو ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان اهي سڀ ماڻهو واقف آهن ته هي رياست هاڻي پنهنجي برباديءَ جي آخري بل تي صحيح ڪندي انتهائي مجبوري ۽ بيوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڏسي پئي ۽ اسيمبلي جي اندر پورو دولتي طبقو حمايت ۽ مخالفت جي ورڇ ۾ ميلو مچائيندي نظر آيو. مخالف ڌر جنهن لاءِ سماج ۽ سياست جو ٻارڻو شعور رکندڙ فرد به اهو سمجھي سگھي ٿو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پنهنجي سياست ۽ پارٽي طاقت جو مظاهرو ڪري ها ته عوام جي هڪ وڏي اڪثريت هن سان گڏ هجي ها ۽ هي مني بجيٽ ته ڇا ان جي هڪ لائين به حڪومت پاس نه ڪرائي سگھي ها.
تاريخ جو هي به الميو آهي ته ان مني بجيٽ جي پاس ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته پرويز خٽڪ پنهنجي وزير اعظم تي سخت برهمي جو اظهار ڪيو. ميڊيا ۾ آيل خبرن مطابق ٻڌايو ته هي ويو آهي ته گيس ۽ بجليءَ جي بحران تي احتجاج ڪندي چيو ته “ڪي پي ڪي بجلي ۽ گيس پيدا ڪري ٿو ۽ عوام گيس جي بحران جو بدترين شڪار آهي.” هن هي به چيو ته وزير اعظم اسان جي ووٽ تي وزير اعظم ٿيو آهي جنهن تي عمران خان چڙ ۾ ايندي کيس چيو ته جيڪڏهن اها بليڪ ميلنگ رهي ته اپوزيشن کي دعوت ڏيو ته اهي اچي حڪومت ڪن، هو ميٽنگ کان چڙي ٻاهر نڪتو ٿي ويو ته سينيٽرن ۽ ايم اين ايز کيس واپس وٺي آيا پر بعد ۾ ان ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ئي پرويز خٽڪ اجلاس مان اٿي ويو. ميڊيا ۾ ليڪيج ته ايتري ٿي آهي خبر ناهي ته اندر ڇڪتاڻ ڪهڙي ٿي يا پي ٽي آءِ جي اندر اها سرد جنگ ڪڏهن کان شروع آهي. پرويز خٽڪ جنهن کي ڪي پي ڪي جي عوام سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. پارٽي ۽ عوام جي تنقيد جو هو پورو ملبو مرڪزي حڪومتي فيصلن تي وجھندو رهيو آهي، فقط اهوئي نه پر هڪ اينڪر سليم صافي جي بقول ته ڪيترائي ايم اين ايز بقول هن جي 15 کان وڌيڪ شهباز شريف سان مستقبل جي ٽڪيٽ جي سودي تي سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر معاملو گھلجي پيو ۽ معاملو گھلرائيندڙ ٺيڪ طرح سان سمجھن پيا ته هي حڪومت ڪيستائين ڪيئن هلندي پر ان کان وڌيڪ سوال هي آهي ته هن رياست ۽ هن ملڪ جي عوام جو مسقبل ڪهڙو ٿيندو؟ پاڻ سمجھُون ٿا ته معيشت جا ماهر ۽ سياستدان انهيءَ کي وڌيڪ سمجھن پيا پر اقتدار ۽ حصي پتيءَ جو مفاد سڀني کي هڪ ڏوري ۾ يا هڪ انبوهه ۾ گڏ ڪري هلائي ٿو.
ڇا هو قيصر بنگالي جي خوفناڪ تنبيهه کان بي خبر آهن جنهن هڪ ٽي وي اينڪر عاصمه شيرازيءَ سان ڳالهائيندي چيو هو ته اسٽيٽ بينڪ کي عالمي مالياتي ادارن جي اڻ سڌي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جو نتيجو هي نڪرندو ته هو پهرين پنهنجي قرضن جي اڳاڙي ڪندا، پوري انساني تاريخ ۾ اهڙو رڳو هڪڙو مثال آهي ته جو سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ان وقت جي اسٽيٽ بينڪ مڪمل خود مختيار هئي جنهن جي نتيجي ۾ وقت جي حڪومت کي ڪا به مدد نه ٿيندي هئي، نه فوج کي پگھار ملي سگھندي هئي نه وري پوليس کي پگھارون. ايتري حد تائين جو بغاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ پيسا نه هوندا هئا. نتيجي طور پورو معاشي نظام سڪڙجي حڪومت جي مٺ کان نڪري ويو ۽ پوءِ سلطنتِ عثمانيه پنهنجي معاشي بحران سبب برقرار نه رهي سگھي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. قيصر بنگالي هي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هاڻي اسٽيٽ بينڪ جي خود مختيار ٿيڻ سان سرڪاري ملازمن کي پگھارون به مشڪل سان ملنديون انهيءَ جو اثر فوج جي پگھارن ۽ پوليس جي پگھارن تي پوندو. هي رياست کي بد کان بدتر صورتحال ڏانهن وٺي ٿا وڃن، هن انتهائي جذباتي ۽ ڏک واري انداز ۾ چيو ته پي ڊي ايم کي سڀ ايجنڊائون پوئتي ڪري رڳو ان هڪ نقطي کي کڻي تحريڪ هلائڻ گھرجي ڇو ته هي مسئلو ملڪ جي ساهه جي رڳ سان جڙيل آهي. قيصر بنگاليءَ جون دانهون يقينن دم ٽوڙي وينديون ڇو ته هاڻي هن ملڪ جي مٿان جنهن طبقي جي حڪمراني آهي، ان پوري طبقي جي دولت عالمي ادارن جي بينڪن ۾ ۽ انهن جي مٺِ ۾ بند آهي. هنن ۾ اها هاڻي جرئت ئي ناهي ته هو انهيءَ جي مخالفت ڪن. هي تجزيو جيڪو قيصر بنگالي ڪري پيو، انهيءَ کان وڌيڪ حڪومت ۽ اپوزيشن واقف آهي. هنن کي اها خبر آهي ته هو ڇا پيا ڪن پر انهن کي اهوئي چيو ويو آهي ته کين ڇا ڪرڻ گھرجي، تنهنڪري هي ڪجھه به نه ڪندا، ڀلي پارٽين جي صفن جي اندر ڪنهن وٽ ڪيترا به آواز اٿن يا ڏار پون معاملو اهوئي ٿيندو جيڪو عالمي سامراجي قوتون چاهينديون.
غريب عوام جنهن جي هڪ وڏي اڪثريت سياست جي مڪاريءَ کان بي خبر رهندي پارٽين ۽ ليڊرن کان اميدون پيا رکن ته کين ڪڏهن نه ڪڏهن، يا ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي کين درد جي دوا ملي ويندي. اها ئي اميد هو هر دور ۾ رکندا آيا آهن ۽ هاڻي به رکن پيا پر کين اها ڄاڻ گھٽ ئي آهي ته هي بحران جي سونامي يعني معاشي بحران جي سونامي جڏهن پنهنجي پوري وحشت سان اڳتي وڌي ايندي ته هي سڀ اشرافيه ڪلاس جا گرڙ پکي اڏامي ٻاهرين ملڪن جي آکيرين ۾ هليا ويندا. ذلتون ۽ جبر تنگ دستي ۽ گهرو ويڙهه، بدحالي ۽ بيمارين کي هن ملڪ جو عوام ڀوڳيندو. اها ڀوڳنا سڀني لاءِ هوندي. ان پيڙا مان پنجاب جو عوام به گذرندو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جو عوام به ۽ سنڌ جو عوام به ان ئي تاريخ جي معاشي بحران مان گذرندو. ها جيڪڏهن ڪجھه نه ٿيندو ته انهن کي ئي نه ٿيندو جيڪي حب الوطنيءَ جي دعويٰ ڪندي هڪ ٻئي کي ملڪ دشمن ۽ غداريءَ جا طعنا ڏئي رهيا آهن.
مني بجيٽ جي پاس ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ عمران خان جو اصل چهرو نه رڳو عوام جي سامهون وائکو ٿيو آهي پر وطن لاءِ ۽ عوام لاءِ بيحسي رڳو حڪومت جي ظاهر ناهي ٿي پر انهيءَ سان گڏوگڏ مخالف ڌر جي چهرن تان نقاب به آهستي آهستي هٽي رهيو آهي. مخالف ڌر پنهنجي اقتدار لاءِ جيڪا پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي ۽ ڪو به ڪردار ادا نٿي ڪري، انهيءَ کي هي شايد اڳتي هلي سمجهھ ۾ اچي وڃي ته مستقبل جو خوفناڪ بحران هنن جي اندازي کان وڌيڪ هو پر جي هنن کي اهو اندازو آهي ۽ يقينن هوندو پر عوام هنن يعني اشرافيه ڪلاس جي سياست ۽ ڪردار کي سمجھڻ ۾ جيتري دير ڪندو، اوترو وڌيڪ ناسور ۽ عذاب ڀوڳيندو.