ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست ۾ وري مائنس فارمولي جا چوٻول

Editorial-Article- Allah Bux Rathor

حڪومتي ڌر جي مِني بجيٽ جي منظوري کانپوءِ عوام ته ڏڪي رهيو آهي، پر حڪمران پاڻ طاقتور ۽ فيل مست محسوس ڪرائين پيا. هو سمجهن ٿا ته انهن ڪو وڏو کيڄ کٽيو آهي، جيڪڏهن مني بجيٽ دوران حڪومتي ڌر کي وڌيڪ ووٽ مليا آهن ۽ حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي اهم اڳواڻن پاران جيڪي خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا، اهي درست ثابت نه ٿيا آهن ته ان جو هي مطلب نه وٺڻ گهرجي ته عمران خان جي حڪومت لاءِ مشڪل ڏينهن ختم ٿي ويا آهن. اهي خبرون هينئر به کليل توڙي دٻيل لفظن ۾ ٻڌايو پيون وڃن ته صورتحال جتي هئي، اتي ئي آهي، پر جيئن ته ملڪ جي معاشي حالت کي سهارو ملي ٿو يا نه، پر اهي ڌريون جن کي خرچ پکا هلائڻا آهن ۽ اهي روزانو جي بنياد تي اوڌر وٺي گذارو ڪري رهيا هئا، انهن کي ڪجهه مهينن جو رليف مليو آهي. پئسن جي وڌ کان وڌ ضرورت عمران خان کان وڌيڪ واڳ ڌڻين کي هئي، جيڪي ڪيترن سودن ڪرڻ لاءِ پريشان هئا. هاڻ هو رليف ضرور محسوس ڪندا،پر ان سان گڏ پنهنجي ايجنڊا تي به عمل جاري رکندا.
ملڪ جون معاشي حالتون ايتريون خراب آهن، جو وزير اعظم کان وٺي، ان جي چيلن تائين سڀ چون پيا ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ انهن جي مجبوري هئي. هي مجبوري يقينن جن جي هئي، فائدو به انهن کي ئي ٿيڻو آهي. مني بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ يقينن جيڪي حڪم ناما جاري ڪيا ويا ۽ اشارن ئي اشارن ۾ اڳتي وڌو جو سگنل نظر آيو پئي، پر جنهن حڪمت عملي تحت مني بجيٽ سان گڏ ٻيا بل پاس ڪرايا ويا، يا اسٽيٽ بينڪ کي گروي رکڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي، ان جي قيمت ته سڀني کي ادا ڪرڻي آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ورلي ائين ٿيو هوندو ته ملڪ جي سينٽرل بينڪ کي ڪنهن عالمي اداري جي حوالي ڪيو ويو هجي. رهي ڳالهه عام ماڻهوءَ جي ته اهو ته اڳ به ڀوڳي رهيو هو ۽ هاڻ ته وڌيڪ ڀوڳيندو. ست سئو ارب رپين کان وڌيڪ بار عام ماڻهوءَ تي وڌو ويو آهي. اهو ئي عالمي مالياتي اداري جو شرط هو. ان سان باقي ترقي جا انڊيڪيٽرز ڪٿي بيهندا؟ ترقيءَ جي رفتار کي ڪيتري هٿي ملندي؟ عام واهپي جي شين جا اگهه ڪيترا وڌندا؟ هي سڀ ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي.
ملڪ جي پارليامينٽ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان جا سياسي اثر انتهائي ڏورس پوندا. حڪمران کڻي ڪيتريون ۽ ڪهڙيون به دعوائون ڪن پر انهن لاءِ اسپيس انتهائي محدود نوعيت جو آهي. هو سمجهن ٿا ته مخالف ڌر کي ميدان ۾ مات ڏئي ويا آهن، پر ائين نظر نٿو اچي. جن عمران خان جي مخالفن جو جهاز به تيار بيٺو هو ۽ انهن چيو پئي ته هو ڪنهن به ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪري سگهن ٿا. اهي جيڪي سالن کان واڳ ڌڻين جي اکين جا تارا آهن، انهن کي ساڳيو ئي پيغام ڏنو ويو ته اهي مني بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. سنڌ کان وٺي اڳوڻي بهاولپور رياست تائين سڀني کي اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ چيو ويو، ڇاڪاڻ ته مستقبل جو سياسي آرڊر اڃان سامهون اچڻو آهي، جنهن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. هينئر پنجاب ۾ مڪاني چونڊون مٿان آهن، ان سان گڏ ڪي پي ڪي ۾ به ٻيو مرحلو شروع ٿيڻو آهي. ان کانپوءِ سنڌ جو وارو آهي، جنهن دوران اڇا ڪارا پڌرا ٿي سامهون اچي ويندا.
اهي جيڪي سموري ڄمار پارٽيون تبديل ڪرڻ ۾ مصروف رهيا آهن، يا هڪ ئي واڳ ڌڻين جي پارٽي ۾ رهيا آهن، اهي وڏي وات ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،جيڪي حيران ڪندڙ آهن. موجوده حڪومت جا ٻه ڪردار، هڪڙو سڌسماءُ جو وزير فواد چوڌري آهي ۽ ٻيو به ساڳي شعبي سان جڙيل آهي، پر هن وٽ گهرو معاملن جو قلمندان آهي، جنهن کي شيخ رشيد جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. انهن رات پيٽ ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون. جيئن ئي مني بجيٽ وارو معاملو اڳتي پوئتي ٿيو ته فواد چوڌري سوشل ميڊيا جو فرنٽ سنڀاليندي نظر آيو ۽ هو چئي رهيو هو ته 2023ع جي عام چونڊن دوران به پي ٽي آءِ ئي ميدان ۾ هوندي، شريف خاندان توڙي زرداري گروپ جي صفائي ٿي ويندي ۽ انهن جو ڪوبه سياسي مستقبل ناهي. اها ڳالهه اڃان هضم ئي نه ٿي رهي هئي ته شيخ رشيد ميدان تي نڪتو ۽ چوڻ لڳو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ چئني شريفن جي صفائي ٿي ويندي، جن ۾ ميان نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزا شهباز شامل هئا. هي ساڳيو شيخ رشيد آهي، جيڪو اڳ طنزيه چوندو هو ته شهباز شريف ۽ سندس پارٽي ساڳي گيٽ نمبر چار واري آهي، هاڻ چئي ٿو ته شهباز شريف، نواز شريف کان به وڌيڪ ڪرپٽ آهي! جيڪڏهن شهباز شريف ۽ شيخ رشيد جي پارٽي ساڳي آهي ته هو ڪرپشن ڪرڻ لاءِ به ساڳي فرنٽ تي هوندا؟ اصل ۾ هي سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن مخالف ڌر جي اميج کي گدلو ڪجي، اهي ڳالهيون سياسي پنڊت به ڪن ٿا.
هن ملڪ ۾ طاقتور پارٽي ته واڳ ڌڻين جي ئي آهن ۽ انهن جو سڪو سدائين رائج رهيو آهي، انهن جي رٿابندي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ان تي ته ڪا پابندي ناهي. اهي اڳ چوندا هئا ته عمران خان پروجيڪٽ ايندڙ ڏهن سالن جو آهي ۽ ان عرصي دوران شريف ڀائر توڙي آصف زرداري اقتدار لاءِ سڪندا رهندا. پر حڪومتي صفن مان ئي خبرون آيون ته عمران خان ۽ واڳ ڌڻي ساڳي پيج تي ناهن، هاڻ هو پاڻ به اهڙو ذڪر فڪر نٿا ڪن. عمران خان اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن جو کيس انعام ڏنو ويندو ۽ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار حوالي ڪيو ويندو ۽ هو ايندڙ چونڊن ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندو؟ جيڪڏهن عمران خان واڳ ڌڻين جي فائدي ۾ ڪم ڪيا هجن ها، انهن جي مفادن جو بهتر دفاع ڪيو هجي ها، ملڪي معاشي صورتحال بهتر ٿي هجي ها يا وري دفاعي معاملا بهتر ٿيا هجن ها ۽ اهڙو ڪم ٿيو هجي جنهن سان واڳ ڌڻين جو عمران خان کانسواءِ گذارو ٿي نه سگهي ته پوءِ ته ڳالهه سمجهه اچي ٿي. پر جنهن حڪومت جي خراب حڪمراني جا قصا عام هجن. جنهن ادارن کي بهتر بنائڻ بدران وڌيڪ بدترين ڪيو هجي، جنهن ملڪي نظام جا ترا ڪڍي ڇڏيا هجن ۽ ملڪ ۾ حڪمراني نالي ڪا شيءِ نظر نه ايندي هجي، اهڙي حڪمران کي ڪير پنهنجن اکين جو تارو بڻائيندو؟
جيڪڏهن موجوده حڪمرانن جي ڪارڪردگي ايتري ئي سٺي آهي ته ان جي اندر ايترا اختلاف ڇو آهن؟ سڀني ڏٺو ته حڪومتي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس دوران وزير اعظم ۽ پرويز خٽڪ جي وچ ڪيتري محبت نظر آئي! پي ٽي آءِ جا اڳواڻ، جيڪي پاڻ ته مايوس آهن، پر انهن پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائٽن کي مخالف ڌر جي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جا اشارا ڏنا هجن، اهڙين پارٽين مان عام ماڻهوءَ کي ڇا ملي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن موجوده حڪمرانن جيڪي واعدا ڪيا ۽ سڌارن جون ڳالهيون ڪيون پئي، انهن تي عمل ڪري ڏيکارين ها يا انهن ۾ اهڙي نوعيت جو ويزن هجي ها ته نظر اچي ها. حڪومت جي ٽيم مان سڀني کي اندازو آهي ته اها عمران خان جي ڏاهپ جي ڪمپوزيشن ناهي، پر اهي سڀ وزير گذريل ٽيهارو سالن کان پارٽيون تبديل ڪندي هتي پهتا آهن. انهن جو ويزن ايترو بهتر هجي ها ته پنهنجن مدر پارٽين سان گڏ هجن ها.
جيڪڏهن پنهنجي نڪ کان اڳتي به ڏسجي ته اها ڳالهه واضح پئي آهي ته مني بجيٽ جي منظوري حڪومت جو ڪارنامو نه پر واڳ ڌڻين جي ضرورت هئي. انهن کي جيتري پئسي جي ضرورت آهي، اهو ڪٿان به نه ملي رهيو آهي. ملڪي تاريخ ۾جيترو قرض گذريل ساڍن ٽن سالن دوران کنيو ويو، اوترو ملڪ جي مجموعي تاريخ ۾ نه کنيو ويو آهي. ان جي قيمت به ته ادا ڪرڻي آهي. جيڪڏهن حڪومتي خزاني ۾ واڌ جا solid ذريعا نه هوندا ته حڪومتي نظام اڳتي ڪيئن وڌي سگهندو؟ حڪمرانن جا وڏا وات رڳو پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته هاڻ مائنس فارمولا ٻيهر سامهون ايندا. فقط شريف ئي نه پر آصف زرداري ۽ ٻيا به ميدان خالي ڪري هليا ويندا. جيڪڏهن وقت جا فوجي آمر ۽ انهن جو جبر اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگهيو ته عمران خان جي ڪيتري اهميت ٿي سگهي ٿي. جيڪي چون ٿا ته عمران خان پڻ ٻين جو محتاج آهي، اهو صفائي ڪري پنهنجن مخالفن کي ميدان کان ٻاهر ڪري وٺي ٿو ته هي قيامت جي نشاني هوندي. توڙي جو واڳ ڌڻي به ان پوزيشن ۾ ناهن، نه ئي وري چاهيندا ته هو موجوده حڪمرانن لاءِ اقتدار جي سيج سجائي ويهن ته جيئن اهي جيئن چاهين واڳ ڌڻين کي بليڪ ميل ڪندا رهن!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button