ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرونا وائرس جا وڌندڙ ڪيس

Editorial

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس مسلسل وڌي رهيا آهن. ڪلهوڪي اخبان ۾ آيل رپورٽن موجب ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 7 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 48 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3567 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. پنجاب ۾ 4 لک 50 هزار 686، سنڌ ۾ 4 لک 94 هزار 64، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 81 هزار 996، بلوچستان ۾ 33 هزار 682، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 437، اسلام آباد ۾ هڪ لک 10 هزار 243، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 726 ڪيسز رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 40 لک 32 هزار 951 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 449 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 60 هزار 407 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر بوسٽر ويڪسين لڳرائڻ لاءِ عمر جي حد گهٽائي 18 سال ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ 15 جنوري کان 18 سالن جي عمر وارا ماڻهو بوسٽر ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا. ان بابت اين سي او سي جو چوڻ آهي ته بوسٽر ويڪسين پهرين ويڪسينشن مڪمل ٿيڻ جي 6 مهينن کان پوءِ لڳرائي سگهجي ٿي. اين سي او سي چيو ته بوسٽر ويڪسين بنا معاوضي لڳرائي سگهجي ٿي. واضح رهي ته بوسٽر ويڪسين لاءِ عمر جي حد گهٽائڻ جو فيصلو اين سي او سي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اوميڪرون وائرس جي 24 ٽيسٽن ڪرائڻ سان وڌيڪ 23 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ انگ 430 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪرونا وائرس جا 15719 ٽيسٽ ڪرائڻ سان 3089 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪوبه مريض فوت نه ٿيو. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن وقت 16125 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 15875 گهرن ۾، 22 آئسوليشن سينٽرن ۽ 228 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن چيو ته 209 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 13 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو تھ ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي لاڪ ڊائون بابت ڪو بھ قدم اين سي او سي جي ھدايت کانسواءِ نٿو کڻي سگھجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ ڪرونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون سوڌو ڪوبه فيصلو اين سي او سي جي هدايت تي ڪنداسين. ڪراچي ۾ ڪرونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن. حالتون ڪنٽرول ۾ آهن ۽ اسپتالن تي به دٻاءُ ناهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز تي مريضن جو انگ تمام ٿورو آهي. ھن چيو تھ عوام کي احتياط ڪرڻ گھرجي. تعليمي ادارن جي پابندي جي حوالي سان اسان جون نظرون اين سي او سي تي آهن. ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيس تيزي سان وڌي رھيا آھن. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 29 سيڪڙو ٿي وئي آهي، صحت کاتي سنڌ طرفان ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا ٽيسٽ لاءِ 7226 ٽيسٽ ڪيا ويا ته 2081 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. يادي رهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي پنجين لهر جاري آهي. مثبت ڪيسن جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.
هڪ پاسي ڪورونا جا هڪ ڀيرو ٻيهر مريض وڌڻ ۽ فوتين جي انگ ۾ هوريان هوريان واڌ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي ڪورونا جو نئون قسم اوميڪرون تيزي سان ڦهلجڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان جي تيزي سان ڦهلجڻ بابت سڄي دنيا پريشان آهي، سڄي دنيا ان ڳڻتي ۾ آهي ته ان جي ڦهلا کي ڪيئن روڪجي، پر اسان وٽ حڪومتي سطح تي ڪو تحرڪ نظر نه پيو اچي، جيڪا يقينن ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. حڪومت کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻو پوندو جڏهن ته ملڪ جي عوام کي به هاڻي سنجيدگي سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته هو ڪرونا وائرس جي نئين لهر کي منهن ڏيڻ لا تڪڙا اپا وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button