ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر جبل هڪ تاريخي ورثو

Editorial-Article- Vikram Menghwar

لارا انگالس ولڊر چيو ته، “جيڪڏھن توھان سچ ۾ فطرت سان محبت ڪيو ٿا ته پوءِ توھان کي ھر ھنڌ خوبصورتي ڏسڻ وٽان ملندي.” بلڪل ايئن ئي آھي. جيڪڏھن توھان نيچر لور آھيو ته توھان کي خوبصورتي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي. جيڪڏهن توھان فطرت سان ھٿ چراند ڪيو ٿا ته فطرت توھان کي تباهھ ۽ برباد ڪري ٿي ڇڏي. فطرت جي تباھه ٿيڻ سان ڌرتي تي موجود ھر جاندار شيءِ جو جيئڻ جنجال ٿئي ٿو. نه صرف جاندار پر اسان جو وايو منڊل به متاثر ٿئي ٿو. وايو منڊل جي متاثر ٿيڻ ڪري پرٿوي جو سڄو ڪارڄ متاثر ٿئي ٿو. فطرت کي فطرت جي حساب سان ئي ھلڻ ڏيون ته بھتر آھي.
ڪارونجهر جبل قدرت جي طرفان مليل اسان سنڌين جي لاءِ ھڪ خوبصورت ۽ حسين تحفو آهي. ھي جبل سنڌ جي فطري سونهن آھي. ھي جبل مقامي ماڻهن جو سانوڻي جي موسم ۾ روزگار جو سبب بڻجي ٿو. ھي جبل نه صرف روزگار جو ذريعو آھي پر ھتي ھزارين پکي ۽ ٻيا ڪيترائي جاندار پناهھ وٺن ٿا. انھي سان گڏوگڏ انھي جبل تي مقامي ماڻهن مطابق 108 قديمي ۽ تاريخي ماڳ آھن. جنھن ۾ ماروي جو کوهھ، گوڙي مندر، سارڌڙو، ڀوڏيسر تلا ۽ جين گوڙي مندر اچي وڃن ٿا. ڳوٺاڻا روز پنھنجين خواھشن جي تڪميل لاءِ انھن پاڪ آستانن تي ويندا آهن. ھي جبل سنڌ جي سنڌي ماڻهن جو تاريخي ورثو پڻ آھي. جنھن کي ڪڏھن به ڪا قوم تباهھ ۽ برباد ٿيڻ نه ڏيندي.

سائنسي اک سان اسان ھن جبل کي ڏسنداسين ته ھي گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي جو مجموعو آھي. آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شعبي سوائل سائنس جي آخري سال جو شاگرد آھيان. جڏھن اسان پٿرن جي درجه بندي پڙھي رهيا ھئاسين تن ۾ (Igneous Rocks) جو ذڪر ٿيو ھو. اھي پٿر زمين جي اندر موجود ميگما (Magma) ۽ لاوا (Lava) جيڪو زمين جي اندر جو دٻاءُ وڌڻ ڪري ٻاھر ڌرتي تي اچي ٿڌا ٿي ٺوس شڪل اختيار ڪن ٿا. گرينائيٽ به اھڙن پٿرن جو ھڪ قسم آھي. گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي تمام قيمتي ۽ اھم پٿر آھن. جنھن مان روزمرھه زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون ٺاھيون وڃن ٿيون جنھن ۾ چيني جا ٿانوَ عام آھن.

ڪارونجهر جبل ۾ تحقيق مطابق 11811 ٽن گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي جا ذخيرا موجود آهن. جنھن تي پنجاب اڪثر پنھنجون اکيون ڄمائي ويٺو آھي. سنڌ سان اڪثر ويساھه گهاتيون ٿينديون رھيون آھن. امير سنڌ جي غريب عوام جي ورثي، وسيلن ۽ ذخيرن کي اڪثر سرمائيدارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن ڦريو ۽ لٽيو آھي. انھي جبل مان گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي ڪڍڻ خاطر گھڻائي دفعا جبل جي پيٽ ۾ ڪاتين سان وار ڪيا ويا. انھي جبل کي ڪٽڻ جو پھريون ڪانٽريڪٽ جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جاري ٿيو. ان کانپوءِ 2008ع ۾ جڏھن پرويز مشرف کان پاور موڪلائي چڪو ھو تڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي 20 سالن جو ڪانٽريڪٽ ھڪ پرائيويٽ ڪمپني کي جاري ڪيو هو. وري 2011ع ۾ سنڌ حڪومت ھڪ نوٽيفڪيشن پرائيويٽ ڪمپني “ڪوھنور ماربل انڊسٽريز” جي نالي جاري ڪري کيس جبل وڪڻي ڏنو. 2012ع ۾ جسٽس جواد ايس خواجا، ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر کي ھدايت جاري ڪئي ته جبل جي ڪٽائي کي فوري طور روڪيو وڃي.

ھڪ تنظيم آھي. جنھن جو ڪم روڊ، پل، سرنگ، ۽ ڊيم ٺاهڻ آھي. پاڪستان ۾ Construction جو 65 سيڪڙو ڪنٽرول انھي تنظيم وٽ آھي. جنھن ۾ سرڪاري توڙي خانگي پراجيڪٽ شامل آھن. نومبر 2019ع ۾ ان تنظيم غير قانوني طور تي 12 ملٽي نيشنل ڪمپنين جنھن ۾ گھڻيون چائنيز ڪمپنيون شامل ھيون، سان ملي ڪري ڪارونجهر جبل مان گرينائيٽ ڪڍڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ مقامي ماڻهن جي لاءِ اھو علائقو “نو گو ايريا” بڻجي ويو. مقامي ماڻهن ٽرڪن ۾ کڻي ويندڙ گرينائيٽ جي وڏن پٿرن کي ڏسندي احتجاج شروع ڪيا. نومبر ۾ سوشل ميڊيا تي “Save Karoonjhar” نالي سان مھم شروع ٿي. ايئن ھلندي مقامي ماڻهن احتجاج جي دائري ۽ سوشل ميڊيا تي مھم کي وڌيڪ ھٿي وٺرائي جنھن سان سنڌ جو شعور جبل جي ڪٽائي خلاف روڊن تي سراپا احتجاج آھي.

جبل جي ڪٽڻ سان مختلف قسم جي نقصانن جا انديشا وڌن ٿا. جبل جي ڪٽڻ سان وڻن جي واڍي ٿئي ٿي، پاڻي جا ذريعا تباهھ ٿين ٿا ۽ ڪلائيميٽ چينج جو سبب بڻجي ٿو. ھڪ ته تاريخ ۽ ٻيو ان سان گڏ ثقافت جو موت ٿئي ٿو. سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ جيوگرافي تباھه ٿئي ٿي. پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته چوماسي واري موسم ۾ برساتي پاڻي 20 کان مٿي چشمن جي صورت اختيار ڪري ڪارونجهر جبل کان ھيٺ لھي ٿو. اھي پٿر جوالا مکي (Volcano) مان ٺھيل آھن ۽ جبل جي ڪٽڻ کانپوءِ اھو ممڪن آهي ته جوالا مکي ٻيھر گھري ننڊ مان جاڳي پوي ۽ ھر شيءِ کي ختم ڪري ڇڏي. ھي جبل روزگار جو ذريعو آھي ۽ مقامي ماڻهن جي روزمرهھ جي زندگي تي گھرو اثر پوي ٿو. اھي ڪمپنيون بغير ڪنهن ڪانٽريڪٽ ايگريمنٽ جي ٿرپارڪر جي ماڻھن جي احساسن سان کيڏي رهيون آھن. اھي جبل جي دلين سان گڏوگڏ ماڻھن جي دلين تي ڪاتين جا وار ڪري رھيا آھن.

7 جنوري 2022 تي ٿرپارڪر جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول جج ڪارونجهر جبل جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي ٻنھي ڌرين هڪ تنظيم ۽ ڪوھنور ماربل انڊسٽريز کي ھميشه جي لاءِ جبل جي ڪٽائي کان روڪڻ ۽ مشينن کي واپس کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو ڇاڪاڻ ته ٻنھي ڌرين وٽ ڪانٽريڪٽ ايگريمنٽ نالي ڪابه ڪاغذي چٺي نه ھئي ۽ نه ئي وري انھن ڌرين ڪنھن اداري کان اجازت نامو لکت جي صورت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو ھو. ڪورٽ ايس ايس پي کي ھدايت ڪئي ته ھر مھيني رپورٽ پيش ڪري. ھي اسان جي لاءِ ھڪ ڪاميابي آھي پر انھي تي عمل ٿيڻ گھرجي ۽ اسان اھا گھر ڪيون ٿا ته ڪارونجھر جي ڪٽائي جي حوالي سان جيڪي به ليزون آھن سي سڀ رد ڪيون وڃن ۽ ڪارونجهر جبل کي عالمي ورثي ۾ شمار ڪيو وڃي ۽ فطرت کي فطرت جي حساب سان ئي ھلڻ ڏيون ته بھتر آھي. جيڪڏھن اسان فطرت سان محبت ڪيون ٿا ته فطرت کي ڪڏھن به نشانو نه بڻايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button