هن وقت جماعت اسلامي جنهن بحران مان گذري رهي آهي، اهو بحران هر ان پارٽيءَ جي زندگيءَ ۾ ايندو آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي بنياد تي جنم وٺندي آهي پر اها پنهنجو نظريو اڳتي نه وڌائي سگهندي آهي، ان جي نتيجي ۾ اها پارٽي وقت جي واءُ ۾ واري جي ڪڻن وانگر اڏامي ويندي آهي. جماعت اسلامي به هاڻي ماضيءَ جي اها مزار بڻجي چڪي آهي، جنهن کي ڏسي انسان تمام گهڻو افسوس محسوس ڪري ٿو ته هن کي آخر ڪهڙي مرض نهوڙي ڇڏيو آهي؟
جماعت اسلامي جي نظريي سان اسان جهڙن ماڻهن جو متفق ٿيڻ ته ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هو پر جماعت ۾ موجود ماڻهن جي پنهنجي نظرئي سان ڪمٽمينٽ ڏسي هڪ طرح جي خوشي ٿيندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جماعت اسلاميءَ جا ماڻهو فڪري طور تي ڪيترا به پٺتي پيل ۽ مدي خارج سوچ وارا ڇو نه هجن پر انهن جو ذاتي ڪردار تمام تعريف جوڳو هوندو هو ۽ مون کي اڄ به ياد آهي ته بحث مباحثي ۾ به جماعت اسلاميءَ جي ماڻهوءَ سان ويٺي هڪ طرح جو مزو ايندو هو. ڇو ته جماعت اسلاميءَ جو ماڻهو ڪنهن به طرح سان اڻ پڙهيل ته ٿي نه ٿو سگهي. جماعت ۾ جيڪا فڪري سگهه رهي آهي ۽ جماعت جا ماڻهو جيترا ڪتابن سان ويجها رهيا آهن ته انهن جي گفتگوءَ مان علم جي خوشبو ايندي محسوس ٿيندي آهي. پر هن مهل جماعت جو اهو ساڳيو حال نه رهيو آهي، جيڪو ان دور ۾ هو، جنهن دور ۾ نظرياتي سياست جو عروج هوندو هو.
مولانا مودوديءَ جماعت اسلاميءَ جو جيڪو بنياد رکيو هو، اهو ان طرح سان هو جو تمام گهڻا مذهبي ماڻهو به جماعت اسلاميءَ جي فڪر کان پري ڀڄندا هئا ۽ انهن کي محسوس ٿيندو هو ته جماعت تمام گهڻي سخت مزاج ۽ انتهاپسند پارٽي آهي. جماعت اسلاميءَ جي ماڻهن ۾ جيڪو اعتماد هوندو هو ۽ جماعت جي ماڻهن ۾ جيڪا قربانيءَ جي سگهه هوندي هئي، اها مون ساڄي ڌر جي ٻي ڪنهن پارٽيءَ ۾ نه ڏٺي. هو پنهنجي طريقي سان جيڪو عمل ڪندا هئا، اهو عمل پنهنجي پاڻ ۾ مڪمل ۽ تمام گهڻو نظرياتي بنياد رکندڙ هوندو هو. جماعت اسلاميءَ جي حوالي سان هڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي ته جنهن پارٽيءَ ايترا سارا ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ سمايا ۽ جنهن جي ڪري انسانن پنهنجو پاڻ تي پابنديون وڌيون ته ان پارٽيءَ جو اهڙو حشر آخر ڇو ٿيو آهي؟
هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا مذهبي سياست ٿي رهي آهي، اها گهڻو ڪري گهٽ علم وارن ماڻهن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن اسان هن دور جي مذهبي سياست ڪندڙ پارٽين کي ڏسون ته اسان کي اهڙا ڪردار نه ملندا، جهڙا ڪردار جماعت اسلاميءَ ۾ هئا. انهن ماڻهن سان سياسي ۽ فڪري اختلاف رکڻ ۾ به هڪ مزو ايندو هو. ڇو ته هو تمام گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو هئا. هڪ ته هو پنهنجي پيشي ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر هوندا هئا پر انهن جو علم صرف انهن جي تعليمي ڊگرين تائين محدود نه هو. هو روايتي تعليم کان سواءِ ٻين ڪتابن سان به تمام گهڻي چاهت رکندا هئا. انهن جو مطالعو گهڻ طرفو هوندو هو. ان جو سبب اهو هو ته هو سڀ مولانا مودوديءَ کان متاثر هئا ۽ مولانا مودودي پاڻ تمام گهڻو مطالعو ڪندڙ عالم هو. هن جي لاءِ نه صرف پاڪستان پر اسلامي دنيا ۾ به اها تعريف هوندي هئي ته مولانا مودودي وڏي پائي جو عالم آهي. هن جي تحرير توڙي هن جي تقرير مان ان ڳالهه جو صاف پتو پوندو هو ته هن جي لفظن جي پويان علم ۽ ڄاڻ موجود آهي.
جماعت اسلامي جي سياست تي پاڪستان جي لبرل ۽ ترقي پسند حلقن جي تمام گهڻي تنقيد رهندي آئي پر هن مهل جماعت جي مٿان اهڙو تنقيد جو مينهن نه ٿو وسي، ڇو ته هڪ هن دور ۾ نظرياتي سياسي بحث ختم ٿي ويا آهن ۽ ٻيو ته جماعت اسلامي هاڻي اها نه رهي آهي، جيئن اها ماضيءَ ۾ هوندي هئي. جماعت اسلامي گهڻي وقت کان وٺي جهڙي طرح اقتداري سياست جي گرد چڪر ڪاٽيندي رهي آهي، ان مان هن جي زوال جو پتو پوي ٿو. جماعت جو اهڙو ڪو عمل ناهي، جنهن مان ڪا انسپائريشن حاصل ڪري سگهجي. جماعت پنهنجي سياسي زوال جي تمام وڏي انتها کي پهچي چڪي آهي. هاڻي هن وٽ ڪنهن به طرح سان کري ۽ کوٽي جي ڪا تفريق ناهي. ان وقت مون کي انتهائي مايوسي محسوس ٿي هئي، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جماعت اسلاميءَ جي قيادت سان ملاقات لاءِ ويو هو ۽ جماعت جي طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته جماعت اسلامي پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪندي. جيڪا پارٽي پيپلز پارٽيءَ سان ملي ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪري سگهي ٿي، اها ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.
جماعت اسلاميءَ جي حوالي سان لکڻ جو سبب اهو ناهي ته ڪو اوچتو خيال آيو آهي ته اڄ جماعت جي باري ۾ لکجي پر جماعت جي سلسلي ۾ لکڻ لاءِ دل ڪافي ڏينهن کان وٺي سٽون پئي کاڌيون. ڇو ته هن مهل ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جيڪي بينر ٽنگيا آهن ۽ انهن تي جيڪا ٻولي لکيل آهي، اها پڙهي خبر نه ٿي پوي ته اهي بينر جماعت اسلاميءَ جا آهن يا ايم ڪيو ايم جا آهن؟ جماعت اسلاميءَ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سدائين اختلاف رهيا آهن ۽ اهي اختلاف جهيڙن جي صورت ۾ به ظاهر ٿيندا رهيا آهن. جماعت اسلاميءَ ايم ڪيو ايم جي لاءِ سدائين اهو موقف رکيو آهي ته اها هڪ نسلي سوچ کي ڦهلائڻ واري تنظيم آهي پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جماعت اسلاميءَ جهڙي نظرياتي پارٽي پنهنجو نظريو وساري هن وقت ڪراچيءَ جي اردو اسپيڪنگ ماڻهن ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ جي لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو ڪم ته ايم ڪيو ايم ڪندي رهندي آهي. ڇا هاڻي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ ۾ ڪو فرق باقي نه بچيو آهي؟ ان ايتري وڏي ۽ تمام تنقيد جوڳي تبديليءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا ان جو سبب اهو ناهي ته جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ بلدياتي چونڊون کٽڻ ٿي چاهي. ڇا ايتري مفاد جي لاءِ پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي فڪر جي ايتري خلاف هجڻ واري سياست ڪرڻ گهرجي؟
جڏهن ڪا پارٽي پنهنجي وجود جي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي، تڏهن اها پارٽي پنهنجي وڏي سوچ کي ڇڏي تمام ننڍي سوچ جي پويان پئجي ويندي آهي ۽ اها سوچ ان پارٽيءَ جي لاءِ زوال جي نشاني هوندي آهي. هن مهل جماعت اسلامي پيپلز پارٽيءَ جي بلدياتي نظام واري قانون سازيءَ جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون ڌرڻو هڻي ويٺي آهي ۽ ڪراچيءَ جي سخت سرديءَ وارن ڏينهن ۾ به جماعت جو احتجاج هلندو رهيو ۽ اهڙي باعمل ڪردار کان انسان حقيقي طور تي متاثر تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جي پويان سوچ به بهتر هجي. جماعت اسلامي هڪ ملڪ گير پارٽي آهي. جڏهن جماعت اسلامي پورو ملڪ ڇڏي صرف سنڌ جي هڪ شهر ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو نظريو اپنائي ٿي، جنهن ۾ لسانيت آهي ۽ جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو محبت جو سنيهو ناهي ته جماعت جي اهڙي سوچ تي نه رڳو جماعت جا همدرد حلقا پر جماعت جا نظرياتي مخالف به افسوس ڪندا ۽ چوندا ته جماعت کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا جماعت صرف ان جي لاءِ جنم ورتو هو ته جماعت ايم ڪيو ايم جي سطح تائين لهي ايندي ۽ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ تي وڌيل لساني رنگ چاڙهيندي؟ جيڪڏهن جماعت جو عمل اهو آهي ته پوءِ جماعت جي ماضيءَ تي جماعت اسلاميءَ جي همدردن کي ماتم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هن مهل جيڪا جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ سياست ڪري رهي آهي ۽ عوام کي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي اها جيڪي نعرا هڻي رهي آهي ۽ جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهي آهي، ان کي موقعي پرستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.
جماعت اسلاميءَ جي مٿان تنقيد ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته پيپلز پارٽيءَ جي تعريف ڪجي ٿي. پيپلز پارٽي ته ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ هر ڏينهن هيٺ کان هيٺ وڃي رهي آهي. اصل ڳالهه پيپلز پارٽيءَ جي نه پر جماعت اسلاميءَ جي سياسي زوال جي آهي.